آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

جهنگ ۾ چيو ويو، ’هير بابت سوچي سمجهي ڳالهائجو!“

شاپنگ مايون ڪري ڄاڻن!

بازار وڃڻ ۽ شاپنگ وغيره ڪرڻ هميشه مون کي تنگ ڪندي آهي. منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته ان ڪم کان جيترو پري رهجي، اوترو چڱو. گھڻو ڪري منهنجي پنهنجي ضرورت جون شيون به ٻيا وٺي ايندا آهن. اسان جي بازارن ۾ اهو معمول آهي ته فڪسڊ پرائس جو بورد لڳل هوندو آهي پر پوءِ به دڪاندار سان ڏي وٺ کانسواءِ ڪم نه ٿيندو آهي. اها ڳالهه مون کان نه ٿيندي آهي ۽ ٿوري ڏي وٺ کانپوءِ شئي وٺڻ تي اندر اهو خيال پيو تنگ ڪندو آهي ته دڪاندار ٺڳي ڪري ويو آهي.
ڪڏهن دوستن سان ڪراچي کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو آهي ته اهو مون ڏٺو آهي ته انهن مان گھڻن جو شوق ڪنهن قسم جي خريداري کان وڌيڪ بازارون گھمڻ ۽ دڪاندارن کان مختلف شين جا اگھه معلوم ڪرڻ هوندو آهي. مون کي اها ڳالهه اڃا وڌيڪ تنگ ڪندي آهي. ساڳيءَ ريت عورتون جيڪڏهن ڪنهن نئين شهر ۾ وڃن ۽ اتان جي بازار نه ڏسن ته ڄڻ انهن ڪجھه ڏٺو ئي نه. ائين جڏهن پنهنجي زال سان ڪراچيءَ کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو آهي ته، اتان جي بازار جو چڪر ضرور لڳندو آهي. ان ۾ نه چاهيندي به زال سان گڏ وڃڻو پوندو آهي. اهو واقعي هڪ بيزاريءَ جو وقت هوندو آهي. هن جو دڪاندارن سان قيمتن جي ڏي وٺ جو پنهنجو طريقو هوندو آهي. جيڪڏهين دڪاندار ڪنهن شئي جا سئو روپيا ٻڌايا ته هوءَ فوري طور هُن کي ڏهه روپيا چوندي. مون کي لڳندو ته دڪاندار ڪاوڙ ۾ اچي وڙهندو، پر اهي دڪاندار به عورتن جي ان عادت کان واقف هوندا آهن ۽ گھڻي هڻ هڻان ۽ ڏي وٺ کانپوءِ معاملو ڏهه رپين ۽ سئو جي وچ ۾ طئي ٿي ويندو آهي.
’هير‘ جي مزار تي
سرڪاري ڪم سانگي ڪجھه عرصو پنجاب جي شهرن شورڪوٽ ۽ ان جي ويجھو جھنگ ۾ رهڻ ٿيو. شور ڪوٽ ننڍو ۽ ڳوٺاڻي نموني جو شهر آهي، جتي اسان جي رهائش هئي، ان جي چوڌاري به ٻنيون هيون، جتي عورتون ۽ مرد پيا ڪم ڪندا هئا ۽ جانور پيا گھمندا هئا. هتي نئون ماڻهو فوري طور نظر ۾ اچي وڃي ٿو. سڄي رونق ٿوري مفاصلي تي ڪينٽ جي علائقي ۾ آهي، جتي ريلوي اسٽيشن ۽ شاپنگ سينٽر وغيره آهن.
جھنگ وڏو شهر آهي ۽ ان جي هڪ خاص ڳالهه اتي هير جي مزار جو هئڻ آهي. جھنگ ۾ سيال وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ جيئن ته هير به سيال هئي، ان ڪري اهو معاملو انهن جي لاءِ ڪافي حساس آهي. اسان کي شروع ۾ ئي مقامي دوستن اهو چيو هو ته، هتي هير متعلق ڳالهائڻ ۾ احتياط ڪجو. بهرحال اسان کين چيو ته، اسان هير جي مزار ڏسڻ چاهيون ٿا.
مزار اوچي جاءِ تي هئي. ڏاڪڻين تان چڙهي مٿي وڃڻو پيو ٿي. هن جي لاءِ به ساڳي ڏندڪٿا ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا سسئي پنهون ۽ ٻين گھڻين لوڪ ڪهاڻين لاءِ آهي ته، ’ٻنهي جي ملڻ وقت ڌرتي ڦاٽي پيئي ۽ ٻيئي اندر هليا ويا.‘
هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اتي وڻ ۾ مختلف رنگن جون اڳڙيون ٻَڌل هيون. مجاور ٻڌايو ته، هتي محبت ڪندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اچن ٿا، باس باسين ٿا ۽ پنهنجين مَن جي مرادن جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪپڙن جون اڳڙيون ٻَڌي وڃن ٿا. پوءِ جڏهن سندن اهي تمنائون پوريون ٿين ٿيون ته اهي وري هت اچن ٿا. اهڙيءَ ريت هڪ لحاظ کان اها ڄڻ پيار ڪندڙن جي پيرڻي آهي. مزار جي هيٺان مختلف ڪمرا ٺهيل هئا، جتي اسان کي اندر وڃڻ نه ڏنائون، پر درين مان اندر جو منظر نظر آيو ٿي. ٻڌائين پيا ته هتي مختلف وقتن تي ماڻهو چلي وغيره لاءِ به ايندا رهيا آهن.
پشاور پاسي..
ڪجھه عرصو اڳ پشاور ۾ صبوح جو آفيس ويندي دوستن صلاح ڪئي ته واٽ تي ميوزيم آهي، ان جو چڪر هڻجي. ان کان ٻي سٺي ڳالهه ڪهڙي پئي ٿي سگھي. ميوزيم ۾ داخلا وغيره جي ڪا ٽڪيٽ نه هئي. اهو سڄو علائقو، جنهن ۾ اتر پنجاب، ڪي پي ۽ افغانستان اچي وڃن ٿا، ٻڌمت جو مرڪز رهيو آهي، جتي جابجا ان جا آثار ملن ٿا. ظاهر ڳالهه آهي ته ميوزيم ۾ به انهن شين مان ڪجھه کي نمونن طور محفوظ ڪيو ويو آهي. ميوزيم ۾ گھڻي ڀاڱي ٻڌ مت جي حوالي سان ئي شيون موجود هيون.
ڪجھه وقت اتي گذارڻ کانپوءِ مون پاڻ سان گڏ آيل پٺاڻ دوست کي چيو ته، ”مون کي سوات جي حوالي سان به خبر آهي ته ان سڄي علائقي ۾ به ٻڌمت جو نهايت گھڻو اثر رهيو آهي. ڇا اسلام جي اچڻ سان اهي سڀ مسلمان ٿي ويا ۽ هاڻي ان ڌرم جو ڪو به پوئلڳ نه رهيو آهي؟“ سندس چوڻ هو ته، ”اسان جا وڏا ٻڌائيندا هئا ته اهڙا ماڻهو هتي رهندا هئا ۽ پوءِ خبر ناهي ته ڪيڏانهن هليا ويا. جڏهن ته جيڪي ماڻهو اڄ انهن علائقن ۾ آباد آهن، اهي شروع کان مسلمان آهن.“ مون کي سندس اها ڳالهه عجيب ته لڳي، پر ساڳئي وقت هڪ سنڌي هئڻ جي ناتي مانوس به لڳي ۽ حيراني نه ٿي. سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن ۾ شايد ئي ڪو اهڙو هجي، جيڪو پنهنجو ناتو عرب، ايران ۽ توران سان نه ڳنڍيندو هجي. هڪ لحاظ کان سندن به اهو ساڳيو مطلب ٿيو، جيڪو منهنجي پٺاڻ دوست جو هو ته سندن وڏن جي هتي اچڻ سان، اڳ هتي جيڪي ماڻهو رهندا هئا ۽ جن جو مذهب کانئن مختلف هو، اهي بجائي مذهب بدلائي نئون مذهب اختيار ڪرڻ جي اتان لڏي ڌرتي خالي ڪري سندن حوالي ڪري ويا. هڪ لحاظ کان پنهنجي ماضيءَ کان انڪار ۽ پاڻ کي فاتحن جو وارث قرار ڏيڻ خاص طور ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن جي ماڻهن ۾ هڪ عام ڳالهه آهي.

ڪراچيءَ ۾ رهندڙن به ڪراچي ناهي گهمي!
ڪراچيءَ ۾ گھڻا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي شهر ته ٺهيو، پر پنهنجي پاڙي کان به ٻاهر نه نڪتا آهن. هڪ دوست ڳالهه ڪندو هو ته، ”سندس هڪ مائٽ لياري جي علائقي ميران ناڪي تي رهندو هو. هو پنهنجي پنجاهه سٺ سالن جي زندگي ۾ پنهنجي گھر کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري ليمارڪيٽ تائين به نه آيو هو.“ هاڻي اهي ته ويچارا سادا ۽ اڻپڙهيل ماڻهو هئا، جن کي روڊن رستن ۽ گاڏين بسن وغيره جي گھڻي ڄاڻ نه هئي، پر شهر جي گھڻن پوش علائقن ۾ رهندڙ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو حال به گھڻو مختلف ناهي.
ڪجھه عرصو اڳ مون ڊان ۾ ڊفينس ۾ رهندڙ هڪ همراهه جو ليک پڙهيو هو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته، ”هو شهر ۾ بلوچ ڪالوني جي پل کان اڳتي ناهي ويو.“ ان تي هڪ ٻئي همراهه کانئس سوال پڇيو ته، ”اوهان ايئرپورٽ ته ضرور ويندا هوندا؟ ۽ اهڙي ريت اوهان کي بلوچ ڪالوني کان اڳتي وارن علائقن مان به گذرڻو پوندو هوندو؟“ ان جو ظاهر آهي ته وٽس ڪو جواب نه هو.
مون کي حيرت ان وقت ٿي جڏهن مون سان راشد منهاس روڊ تي دفتر ۾ گڏ ڪم ڪندڙ هڪ دوست، جيڪو نيو ڪراچي ۾ رهندو آهي، چيو ته، ”کيس خبر ناهي ته ڪالا بورڊ ڪٿي آهي“، جيڪو سندس آفيس کان رڳو ٻه ٽي ڪلوميٽر پري آهي. انهن مان گھڻا ماڻهو ملڪ ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ گھمڻ ڦرڻ ته وڃن ٿا، پر پنهنجي شهر جي جاگرافي ۽ چوڌاري علائقن جي کين ڪا ڄاڻ ناهي ۽ ان جو اهي وڏي واڪ اظهار به ڪن ٿا. شايد ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ڪجھه عرصو اڳ ڪنهن اين جي او شهر جي پوش علائقن جي ماڻهن لاءِ، ”اچو ته شهر کي ڏسون،“ جهڙو پروگرام شروع ڪيو هو، جيڪو شهر جي پراڻن علائقن تائين محدود هو ۽ ٻه ٽي ڀيرا هلڻ کانپوءِ بند ٿي ويو.
ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته شهر کي جيڪي ماڻهو پنهنجو سمجھن ٿا ۽ ان جي مالڪي جي دعويٰ ڪن ٿا، انهن کي گھٽ ۾ گھٽ شهر جي علائقن، ان جي جاگرافي، ماڻهن ۽ مسئلن جي ڄاڻ هئڻ گهرجي.