سوڀو گيانچنداڻي: ڪجھ يادگيريون
منهنجو پنهنجي ادبي ۽ سياسي زندگي جي سفر ۾ گھڻن ماڻهن سان واسطو پيو ۽ ملاقاتون ٿيون. ماڻهو جو اندازو هونئن ته پهرين ملاقات ۾ ئي ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهين پهرين نه ته ٻين يا ٽين ملاقات ۾ ضرور ٿي ويندو آهي. هر ماڻهو جو پنهنجو رنگ ۽ خوشبو هوندي آهي. انهن مان جنهن سان مزاج ٺهڪي ٿي آيو ان جي اڃا ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ جنهن سان نه ٿي ٺهڪيو ان سان پاسو ٿي ڪيو.
مون سوڀو گيانچنداڻي متعلق هڪ ڪميونسٽ ۽ ٽريڊ يونين سان ڪم ڪندڙ سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن طور گھڻو ڪجھ ٻڌو هو. هڪ لحاظ کان سندس حيثيت منهنجي لاءِ ڏندڪٿائي هئي. اڳتي هلي اهڙا موقعا آيا جو ان ماڻهو کي مون کي ويجھڙائي کان ڏسڻ ۽ ايستائين ته ڪچهرين ڪرڻ جو پڻ موقعو مليو. آئون اهو سوچيندو آهيان ته هو ماڻهو ائين ڇو هو ٻين وانگر ڇو نه هو جن پنهنجي ٺٺ ٺانگر، مال دولت ۽ سماجي حيثيت کي ٺاهڻ لاءِ سڀڪجھ ڪيو ٿي. اهو ٽيگور جي تربيت، شانتي نڪيتن ۾ ورتل تعليم ۽ تربيت ۽ ان سان گڏ ڪميونسٽ پارٽي ۽ خاص طور تي پورهيتن سان لاڳاپيل هئڻ جي ڪري به هو.
آئون سندس شخصيت کي ان لحاظ کان به ڏسندو آهيان ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هن سنڌ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ان ڳاله جي باوجود هو ته سندس گھڻا دوست ۽ پارٽي جا ڪامريڊ هڪ اشاري تي ۽ ٿوري دٻاء تي ئي پنهنجا ٽپڙ ويڙهي ڀارت لڏي ويا هئا. ان لاءِ مٿس هڪ پاسي حڪومت جو دٻاء هو ته ٻئي پاسي انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي به اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته پارٽي جا مسلم ميمبر ڀارت مان پاڪستان لڏي ويندا جڏهين ته پاڪستان مان هندو ميمبر ڀارت ايندا. سجاد ظهير ان حوالي سان ئي نئين ملڪ جي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ پاڪستان آيو هو. سندس ڌي نور ظهير چواڻي ته هن هتي پارٽي جي ميمبرن هنگل ۽ سوڀو گيانچنداڻي کي ڀارت لڏي وڃڻ لاءِ چيو هو. انهن مان هنگل ته سندس ڳاله مڃي لڏي ويو پر سوڀي هتي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. سندس ان فيصلي جي ڪري کيس جيل جون صعوبتون به سهڻيون پيون ۽ هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ نظربند به رهيو پر هو آخر تائين پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. جيتوڻيڪ هو عملي سياست ۾ گھڻو سرگرم نه هو پر ملڪ ۾ چونڊن وسيلي هن هڪ ٻه ڀيرا ملڪ جي سياسي مک ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي. پر سندس لاءِ اهڙيون سڀ واٽون بند ڪيون ويون هيون. جيڪڏهين هو چاهي ها ته سندس لاءِ ملڪ جي هن ماحول ۾ مال ملڪيت ٺاهڻ ڪا وڏي ڳاله نه هئي. سندس وڏو سرمايو اهو هو ته هو سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن لاءِ پنهنجي حياتي جي آخر دم تائين هڪ اتساه بڻيل رهيو.
آئون سمجھان ٿو ته منهنجي شايد ساڻس پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ڊي ايس ايف پاران ڪرايل ڪنهن پروگرام ۾ ٿي هئي. اهڙو ماڻهو جيڪو ايڏو قدآور هوندي به نه رڳو مون جهڙي کانئس گھڻي جونيئر پر ان پروگرام ۾ موجود نوجوانن کي به اهو احساس نه پيو ڏياري ته سندس حيثيت ڪا کانئن مٿڀري هئي. پروگرام کانپوء جيئن ٿيندو آهي اتي موجود سڀني ڄڻن سان غير رسمي ڪچهري ۾ شامل ٿي وڃڻ ۽ فوٽو ڪڍائڻ وغيره به سندس هڪ يادگيري آهي.
ٻيو ڀيرو ساڻس عوامي آواز جي آفيس ۾ ملاقات ٿي هئي. اها آفيس اڃا نيو چالي وٽ نامڪو سينٽر ۾ هئي. انور پيرزادو ۽ سهيل سانگي وغيره به اتي ئي هوندا هئا. ان وقت اخبار پاران موجوده حالتن جي حوالي سان پينل بحث مباحثي جا پروگرام شروع ڪيا ويا.
ان جي پهرئين پروگرام ۾ سوڀو سان گڏ مون کي به شامل ڪيو ويو هو جڏهين ته اخبار پاران انور، سهيل ۽ امداد اوڍو وغيره هئا. ان پروگرام ۾ تفصيل سان ان موئن جي دڙي جي ماڻهو کي ان دور متعلق ٻڌڻ جو موقعو مليو جڏهين هو اڃا سرگرم هو. اها رپورٽ پوء تفصيلي طور تي اخبار ۾ پڻ شائع ٿي.
بينظير جي پهرين حڪومت جي اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ پنجابي ٻولي جي ليکڪ فخر زمان لاهور ۾ جمهوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو هو. ان ڪانفرنس جي اهميت ان ڪري هئي ته ضياء جي مارشل لاءِ جي هڪ ڊگھي عرصي جي خاتمي کانپوء، جنهن ۾ اديبن ۽ ليکڪن سميت سماج جي انهن سڀني ماڻھن سختيون سٺيون هيون جن ان ظلم ۽ ڏاڍ جي دور جي مخالفت ڪئي ٿي. هڪ جمهوري دور شروع ٿيو هو جنهن مان ماڻهن کي گھڻيون اميدون هيون. ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي پڻ دعوت ڏني ويئي هئي. ان جو سڄو انتظام ڪراچي سنگت، جنهن جو ان وقت سيڪريٽري فقير محمد لاشاري هو، جي ذمي هو. ان ڪانفرنس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ سنڌي اديبن کي ڪجھ موضوعن تي پيپرز پڻ پڙهڻا هئا. ان حوالي سان سنگت جي ان وقت جي مرڪزي قيادت سميت مختلف سنڌي اديبن سان رابطا ڪيا ويا. گھڻن جي آڏو پيپلز پارٽي جي ان ڪانفرنس جي ميزباني سندن لاءِ ان ۾ شرڪت لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويئي. گهڻن صاف انڪار ڪيو ۽ گھڻن واعدو ڪري آخري وقت ۾ معذرت ڪري ڇڏي. سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪ کي جمهوريت ۽ ثقافت جي عنوان تي پيپر پڙهڻو هو پر هن واعدو ڪري پوء جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ سنگت پاران اها ذميواري مون کي ڏني ويئي.
سنڌي اديبن جي ان وفد ۾ سنگت ڪراچي جا نوجوان ليکڪ ۽ ڪارڪن شامل هئا، ڊاڪٽر آڪاش انصاري بدين مان آيو هو. پر ٻه سينيئر سنڌي اديب، ڊاڪٽر الله داد ٻوهيو ۽ سوڀو گيانچنداڻي ان وفد ۾ شامل هئا جيڪي ڄڻ ان سڄي وفد جي ساک بڻجي ويا هئا. انهن پاڻ ۾ ۽ نوجوان اديبن ۾ ڪنهن به نموني جو فرق نه رکيو، انهن سان گڏ ساڳين هوٽلن جي ڪمرن ۾ رهيا ۽ انهن سان گڏ ئي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيا.
سوڀي جي خاص ڳالھه اها هوندي هئي ته هو ٻولي وغيره جي بنياد تي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪو فرق نه رکندو هو ۽ سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته خاص طور تي سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ جيتري ويجھڙائي هجي اوترو چڱو. آئون پاڻ ارتقا، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ عوامي ادبي انجمن وغيره ۾ گھڻي عرصي تائين سرگرم رهيو آهيان. انهن تنظيمن جو ڪم ترقي پسند سوچ کي اڳتي وڌائڻ ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ رهيو آهي. ان ڪم لاءِ انهن کي سينيئر سنڌي اديبن ۾ سوڀو سڀ کان مناسب لڳو. ان ڪري اهو ڄڻ سندن مهمان نه پر هڪ لحاظ کان سندن ميمبر بڻجي ويو هو. انهن تنظيمن جي گھڻن پروگرامن ۾ سوڀي جي شرڪت هوندي هئي. سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو رهيو ته هو جيسين به جيئرو رهيو خاص طور تي سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ اتساه بڻيل رهيو.