جڏهن اسان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش جو بندوبست ڪيو!
ايوب لغاريءَ جو ايس اين ايس ايف (سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن) جي حوالي سان حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي گھڻن ماڻهن سان واسطو هو. ان دوران هڪ رات سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ نذير عباسي سان به گڏ رهڻ جو موقعو مليو هو. هُو بلڪل عام ماڻهن جيان مليو. مون کي منجھس روايتي شاگرد اڳواڻن واري ڪا ڳالهه نظر نه آئي. هو اسان کي ٻڌائي پيو ته، هو پاڻ رات جو ديوار تي اهي نعرا لکندو هو ته، ’نذير عباسي جا وارنٽ رد ڪيو.‘ ساڳئي وقت هن رات جو سمهڻ لاء مون کي پنهنجو وڳو پڻ ڏنو هو. نذير سان منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.
سنڌي اخبارن جي نمائش جي سلسلي ۾ سنڌي شعبي جي سڀني استادن، خاص طور سائين اياز قادريءَ گھڻو سهڪار ڪيو هو. لاڙڪاڻي ۾ جيڪو به سندس ريڪارڊ هو، اهو سڀ اسان جي اختيار ۾ ڏيئي ڇڏيائين. اها نمائش آرٽس فيڪلٽي ۾ آڊيٽوريم جي ڀرسان منعقد ڪئي ويئي هئي، جنهن کي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن پاران نهايت مثبت موٽ ملي هئي.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ هڪ نئون ليڪچرار- عبدالرحمان چنا مقرر ٿيو هو. هُو به لياريءَ جو رهاڪو هئو، ان حوالي سان چنا صاحب سان اسان جو تعلق ته ٺهيو ٿي، پر ان کانسواءِ سندس واسطو منهنجي ڏاڏي جي مائٽن سان به هو ۽ سندس موقعي مهل جي حساب سان اسان جي گھر به اچڻ وڃڻ هوندو هو. ان حوالي سان ۽ عمر ۾ وڏي هئڻ جي ڪري سندس ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته انهن ٻارن، ان وقت تائين شڪور به يونيورسٽي ۾ اچي چڪو هو، جو خيال ڪرڻ ۽ کين ڪنهن خراب ڳالهه کان پري رکڻ سندس فرض هو. بهرحال اسان به سندس محبت جو جواب اهڙي ئي ريت ڏيندا هئاسين ۽ ڪوشش هوندي هئي ته اسان جي ڪنهن ڳالهه مان کيس تڪليف نه پهچي.
انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان وڌيڪ هوندو هو. ساڳئي وقت ڪنهن سان سندن ملڻ وغيره جي حوالي سان به ڪي پابنديون نه هونديون هيون. ان سلسلي ۾ جميعت جي، جيئن هن وقت پنجاب يونيورسٽي ۾ پاليسي آهي ته، هڪ ته يونيورسٽي ۾ پنهنجي مٿڀرائپ قائم رکجي، پوءِ ڀلي ان لاءِ شاگردن ۽ استادن تي تشدد جو استعمال ڇو نه ڪرڻو پئي ۽ ٻيو ته ڏهڪاءَ جو ماحول پيدا ڪري شاگردن ءِ شاگردياڻين جي رابطن کي محدود ڪيو وڃي. ان وقت اي پي ايم ايس او جهڙين نين شاگرد تنظيمن ۽ الطاف حسين جهڙن شاگرد اڳواڻن سان اهو ورتاءُ ڪيو ويندو هو. کين نه داخلا جي وقت اسٽال وغيره لڳائڻ ڏنا ويندا هئا ۽ نه ٻي ڪا سرگرمي ڪرڻ ڏني ويندي هئي. هڪ لحاظ کان ڄڻ يونيورسٽي ۾ سندن داخل ٿيڻ تي پابندي هئي. ان جو مک ڪارڻ اهو به هو ته جميعت جي بنياد ۽ طاقت به مهاجر شاگرد ئي هوندا هئا، جنهن کي اهي برقرار رکڻ چاهيندا هئا.
مون اڳ ۾ به بيان ڪيو هو ته بي بي سي جو هاڻوڪو صحافي شفيع نقي جامعي سياسيات جي شعبي جو شاگرد هو ۽ بهترين مقرر طور ڄاتو ويندو هو. جمعيت جي پٺڀرائي ۽ پنهنجي ذاتي خاصيتن جي ڪري هو جمعيت پاران صدر چونڊجي آيو هو. سندس دور ۾ جميعت جو ٿنڊر اسڪواڊ، جنهن جو ڪم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ملڻ جلڻ کي ڏهڪاءَ ۽ تشدد وسيلي محدود ڪرڻ ۽ ٻين شاگرد تنظيمن سان ٽڪراءَ واري ڪيفيت کي برقرار رکڻو هوندو هو، وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ان وقت اها هڪ مثبت ڳالهه هئي ته اهڙي ڏهڪاءَ واري سياست خلاف شاگردن ۾ عام طور تي هڪ مزاحمت موجود هئي ۽ اهي خاص طور پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن اڻ سهائيندڙ مداخلت کي پسند نه ڪندا هئا، انڪري جمعيت جي اهڙين پاليسين کي عام طور قبوليت حاصل نه ٿي - ۽ ٻئي سال ئي سردار رحيم جي اڳواڻيءَ ۾ پروگريسو الائنس جو پينل چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو. جيتوڻيڪ اهي پنهنجي ان سوڀ جي تسلسل کي برقرار نه رکي سگھيا ۽ ٻئي سال جمعيت وري چونڊون کٽي ويئي، پر ان کي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي حوالي سان پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پئي ۽ ساڳي وقت شفيع کي ڪنهن بهاني سان جمعيت مان نيڪالي ڏني ويئي.
يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجيون لائبريريون هونديون هيون، پر يونيورسٽيءَ جي مرڪزي لائبريري هڪ ڌار عمارت ۾ هوندي هئي، جتي مختلف موضوعن تي ڪتابن جو هڪ سٺو ذخيرو ۽ پڙهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ۽ سٺو ماحول ميسر هوندو هو. منهنجو گھڻو فارغ وقت اُتي گذرندو هو. اُتي خاص طور انگريزي شعبي جو هڪ شاگرد مستقل ويٺو پڙهندو ۽ ڪتابن مان نوٽ وٺندي نظر ايندو هو. ساڻس اڪثر گپ شپ به ٿيندي هئي. لائبريري ۾ شاگردن جو تعداد گھٽ ئي نظر ايندو هو. گھڻا شاگرد ڪينٽين، چانهه جي اسٽالن ۽ ٻين هنڌن تي ڪچهريون ڪندي نظر ايندا هئا.
ان وقت جيئن ته اوڀر بنگال کي ڌار ٿئي اڃا ٿورو عرصو ئي ٿيو هو، ان ڪري هتي ڪجهه اهڙا بنگالي موجود هئا، جيڪي ڊپ ۽ هراس جي ڪيفيت ۾ هتي رهيل هئا ۽ قانوني يا غير قانوني طريقي سان هتان بنگال وڃڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئا. يونيورسٽيءَ جي هڪ بنگالي شاگرد سان منهنجي دوستي هئي، جيڪو گھڻو ڪري الڳ ٿلڳ ئي رهندو هو، پر مون سان پنهنجي دل جا حال اوريندو هو. هڪ ڏينهن هن مون کي اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته، رات جو هُو هتان وڃي رهيو آهي. ان کانپوءِ چاليهه پنجيتاليهه سالن جي عرصي گذرڻ بعد به ساڻس ڪو رابطو نه ٿيو آهي.
منهنجو هڪ ڪلاس فيلو اسٽيٽ بينڪ جي پريڊي اسٽريٽ وارن فليٽن ۾ رهندو هو. اسان پنج ڇهه ڄڻا اڪثر سندس گھر ۾ گڏيل پڙهائي لاءِ گڏ ٿيندا هئاسين. جڏهن 1977 ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لاء لڳي ته ان وقت به آئون سندس گھر ۾ ئي موجود هئس. اهو ڄڻ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو آخري سال هو، پر هن دوست سان پوءِ به مختلف سرويز ۾ گڏ رهيس ۽ هُو بعد ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ منهنجي ملازمت دوران به مون وٽ ايندو رهندو هو.