ڊاڪٽر شمس سومرو: ڪجھ يادگيريون
شمس سان ادبي لحاظ کان ته واقفيت هئي ۽ هڪ ليکڪ طور سندس نالو به ٻڌل ۽ ڄاتل سڃاتل هو پر مون کي ياد ٿو پئي ته ساڻس پهرين ملاقات فقير محمد لاشاري وسيلي ٿي هئي. فقير ان وقت هلال پاڪستان ۾ هلال مئگزين جو انچارج هو ۽ شمس جو هڪ ليکڪ جي طور ساڻس رابطو هوندو هو. ان وقت آئون به بغدادي ۾ رهندو هوس. هڪ ڏينهن شايد فقير جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. هو مون وٽ گھر آيو ۽ چيائين ته يار شمس جي ڪلينڪ تي هلڻو آهي ته جيئن دوا به وٺون ۽ ساڻس ڪچهري به ڪيون. شمس اڳ شايد ٺل ۾ ڪلينڪ هلائيندو هو. پر هو هڪ ڊگھو عرصو لياري ۾ رهيو ۽ هتان جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي ڪلينڪ هلايائين. ان وقت شايد سندس ڪلينڪ چاڪيواڙا ٻه نمبر ۾ هئي. اهڙي ريت شمس سان پهرين ملاقات ٿي جيڪا هڪ گھري هم آهنگي ۽ دوستي ۾ بدلجي ويئي.
سنڌي ليکڪ لاء خاص طور لکڻ ڪڏهين به پيٽ گذر جو ذريعو ناهي رهيو. جن اهڙي ڪوشش ڪئي آهي اهي معاشي لحاظ کان هميشه ڏکيائين جو شڪار رهيا آهن. ان ڪري پنهنجي پيٽ گذر لاء اسان مان هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو ٻيو ڪم ۽ نوڪري وغيره ڪرڻي پوندي آهي. ساڳي ريت شمس پنهنجي پيشي جي لحاظ کان هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر هو. پر ائين لڳندو هو ته ڄڻ سندس اصل ڪم لکڻ پڙهڻ ئي آهي. منهنجو جڏهين به سندس ڪلينڪ تي وڃڻ ٿيو ته مون ڏٺو ته ڪتاب، قلم ۽ ڪاغذ سندس ميز تي پيا هوندا هئا. مريضن کان کيس جيڪو فارغ وقت ملندو هو اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. سندس دوست به گھڻي ڀاڱي اهي ماڻهو هوندا هئا جيڪي ان ڪم سان لاڳاپيل هوندا هئا. اهڙا گھڻا نالا آهن جيڪي لياري ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ رهندا هئا ۽ خاص طور ڊاڪٽر سان ملڻ لاء لياري ۾ سندس ڪلينڪ تي ايندا هئا. ادبي اڃ پوري ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر انهن کي مفت طبي مشورا ۽ دوائون پڻ ڏيندو هو. آئون پاڻ به ڪنهن ننڍي وڏي مسئلي لاء ساڻس صلاح ڪندو هوس. ان وقت سندس هڪ ويجھو دوست ڊاڪٽر ثناءالله کوکر به لياري ۾ شايد ڪلري جي علائقي ۾ ڪلينڪ هلائيندو هو. ڊاڪٽر ثناءالله جو جيتوڻيڪ ادب سان ڪو سڌو واسطو نه هو پر هو طب جي حوالي سان هڪ رسالو شائع ڪندو هو جنهن ۾ شمس سندس مدد گار هو.
شمس اڪثر منهنجي گھر ايندو هو. سندس زال ۽ ٻار هونئن ته دادو ۾ رهندا هئا پر هڪ ڀيري سندس ڌيئرون وٽس ڪراچي آيل هيون. هو انهن کي منهنجي گھر به وٺي آيو هو. آئون جڏهين لياري کان گلشن حديد منتقل ٿيو هوس ته هڪ اڌ ڀيرو هو هتي به آيو هو. هڪ ڀيرو اسان ٻيئي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي وفد سان گڏجي ڪوئيٽا ويا هئاسين جتان انهن جي سائيڪل ريلي سان گڏ سبي ۽ پوء اتان ڪراچي آيا هئاسين.
هڪ مهذب ، نرم،ِ شائستا ۽ دوستن جي عزت ڪرڻ وارو شخص پرهو پنهنجي لکڻين جي حوالي سان گھڻو حساس هو. ڪجھ عرصو آئون عوامي آواز جي ادبي صفحي جو انچارج رهيو هوس. سندس هڪ مضمون ۾ شايد ڪي پروف جون غلطيون رهجي ويون هيون. هن انهن جي نشاندهي به ڪئي ۽ ان تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار به ڪيو. سنگت جي اها روايت رهي آهي ته ادبي تنقيد ۾ دوستي يا وڏ ننڍائي جي حوالي سان ڪا رو رعايت نه ڪبي هئي. اسان سڀني دوستن جيان شمس به ان روايت جو قائل هو. سنگت ڪراچي جي ڪجھ پروگرامن ۾ سندس مضمونن ڪن وڏن اديبن کي به ناراض ڪري ڇڏيو هو پرهو ان جي گھڻي پرواه نه ڪندو هو.
شمس ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري ٿيڻ لاء سوچيو هو.اهو دور اهڙو هو جڏهين سنگت واضح طور ٻن گروپن ۾ ورهايل هئي. اهي اختلاف ۽ گروه بندي وغيره ڪنهن نظرياتي ِيا سياسي بنياد تي نه پر گھڻي ڀاڱي شخصي بنيادن تي هئا. بظاهر ته هڪ پاسي تاج جويو ۽ ٻئي پاسي يوسف سنڌي جو گروپ ٿي نظرآيا پر اها ورهاست نهايت گهري هئي ۽ ان ۾ گھڻا ننڍا ننڍا گروپ موجود هئا. منهنجي نظر ۾ ان صورتحال ۾ سنگت جي ڪنهن عهدي لاء چونڊ وڙهڻ هرو ڀرو پنهنجين توانائين کي ضائع ڪرڻ هو. ڊاڪٽر کي جيتوڻيڪ اسان ڪجھ دوستن چونڊن جي ان خفي ۾ نه پوڻ جي صلاح ڏني. پر هن ٻئي طريقي سان سوچيو ٿي. ڊاڪٽر کي يوسف سنڌي جي گروپ جي پٺڀرائي حاصل هئي. سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاء سندس سامهون مختيار ملڪ هو. انهن چونڊن لاء ڊاڪٽر گھڻي ڊڪ ڊوڙ ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ سنگت جي مختلف دوستن سان مليو. چونڊن واري ڏينهن اسان ڪجھ دوست ڀٽ شاه ۾ ساڻس گڏ هئاسين. سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ته شمس چونڊجي ويو پر ٻين عهدن تي مخالف گروپ جا اميدوار ڪامياب ٿيا. ان کانپوء سنگت ۾ جيڪو سلسلو شروع ٿيو اهو مختلف طريقن سان اڃا تائين هلندو اچي. شروع ۾ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ کي متضاد بڻايو ويو ۽ پوء جڏهين ان ۾ ڪاميابي نه ٿي ته باقي عهديدارن ساڻس ڪنهن به قسم جي سهڪار ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي. هڪ اهڙو شخص جنهن پنهنجي خلوص سان سنگت لاء ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ جنهن کي گروه بندي ۽ لابنگ جي عادت نه هئي ان صورتحال ۾ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو ۽ هن پنهنجي عهدي جو پورو عرصو اهڙي ريت ئي گذاريو.سندس مخالفن جو مقصد کيس غير موثر ڪرڻ هو ۽ ان ڳالهه ۾ اهي گھڻي ڀاڱي ڪامياب ويا.
جيتوڻيڪ هو ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ ڪهاڻي، شاعري ۽ تنقيد وغيره تي طبع آزمائي ڪندو هو پرتنقيد جي شعبي سان سندس خاص لڳاء هو. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ڪتاب تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا تي ڪم ڪندو رهيو هو ۽ پنهنجي وفات کان اڳ اهو ڪتاب هن مڪمل ڪري ڇڏيو هو پر ڇپائي نه سگھيو هو. سندس وفات کانپوء 2006 ۾ سندس دوستن اهو ڪتاب شائع ڪيو. تنقيد جي حوالي سان سنڌي ۾ اهو هڪ اهم ڪتاب آهي جنهن کي ان ڪري جوڳي موٽ نه ملي سگھي آهي جو هڪ ته اهو ڪتاب پڙهندڙن تائين چڱي ريت پهچي نه سگھيو آهي ۽ ٻيو ته شمس جي سنڌي ادب ۾ ايڏي ڪا مضبوط لابي نه رهي آهي جيڪا ليکڪ ۽ ڪتاب کي اڳتي کڻي وڃي ها. ممڪن آهي ته انهن دوستن وٽ شمس جو ٻيو مواد ۽ لکڻيون به هجن ۽ انهن جي ان سلسلي ۾ ڪا رٿا بندي به هجي.
اها ڳالهه ته يقيني آهي ته هو وسريو ناهي. پنهنجي شخصيت، ادبي ڪم ۽ لکڻين وسيلي هو هميشه ياد رهندو.