رٽائرمينٽ ۽ اُن کانپوءِ......
هڪ اهڙي همراهه لاءِ ٻڌائين ٿا ته، هو هڪ ڏينهن گھر وارن کي ٻڌائي نڪتو ته، هو ڪنهن ڪم ڪار سان وڃي ٿو ۽ دير سان گھر موٽندو، پر ڪنهن ڪارڻ هو رستي مان ئي جلدي موٽي آيو. جڏهن سندس ڌيءُ گهر جو در کوليو ته، ان جي وات مان فوري طور اهي اکر نڪتا ته، ’وري اچي وئين؟‘ اهڙي ريت هڪ ٻئي همراهه جو قصو ائين آهي ته، هو رات جو دير سان گھر اچي سمهندو هو ۽ صبح جو آفيس هليو ويندو هو. رٽائرمنٽ کان پوءِ جڏهن هو گھر جي ڀاتين کي پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪندي ڏسندو هو ته سندس دل به چوندي هئي ته، هو به ساڻن گڏ ويهي پاڻ کي وندرائي، پر جڏهن هو اتي انهن جي ڪچهريءَ ۾ وڃي ويهندو هو ته سڀ ڳالهائيندي ڳالهائيندي ماٺ ٿي ويندا هئا. پوءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪو نه ڪو ڪم ياد اچڻ لڳندو هو - ۽ هو اتان اٿي ويندا هئا. ائين هي همراهه ساڳيو اتي اڪيلو ويٺو هوندو هو. اهڙا گھڻا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن ته، جن ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ توازن نه رکيو ۽ سندن ليکي رڳو گھر ۽ گھر وارن جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڪافي آهي، جڏهن ته ساڻن سٺو وقت گذارڻ جي ڪا اهميت ناهي، پوءِ انهن ماڻهن کي خبر پئي ٿي ته انهن اهڙي ريت رڳو ڦلهار ۾ ڦوڪون ڏنيون ۽ هڪ سراب پويان ڊوڙندي گھڻو ڪجهه وڃائي ڇڏيو.
پنهنجي سڄي نوڪري دوران منهنجي اها عادت هوندي هئي ته وقت جي پوريءَ ريت پابندي ڪندو هئس. ليمارڪيٽ ۾ رهندي آئون گھڻو ڪري پنڌ ئي آفيس ايندو ويندو هئس. صبح جو نائين کان اڳ ۾ آفيس ۾ هوندو هئس ۽ شام جو، جيڪڏهن ڪو انتهائي ضروري ڪم نه هوندو هو، جنهن کي ٻئي ڏينهن تي نه پيو ٽاري سگھجي، ته آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ سان ئي نڪري ويندو هئس. گھر جي مصروفيتن کان سواءِ شهر ۾ ٿيندڙ مختلف ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ منهنجي شموليت هوندي هئي. ان سان گڏوگڏ لکڻ پڙهڻ جو ڪم هو، جنهن لاءِ به وقت گھربل هوندو هو. پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪرڻ، پر ساڳئي وقت آفيس ٽائيم کان پوءِ ويهي پنهنجو وقت ضائع ڪرڻ منهنجي عادت نه هئي. منهنجو اهو روٽين اٽڪل پنجٽيهه سالن جي نوڪري دوران رهيو، پر ڪنهن به آفيسر کي اهو موقعو نه مليو ته، هو منهنجي ڪم متعلق ڪا شڪايت ڪري.
رٽائرمينٽ کان ڇهه مهينا اڳ ئي جنوري 2014 ۾ آئون رٽائرمنٽ کان اڳ واري ڇهه مهينن جي موڪل تي هليو ويو هئس. ان وقت مون بابر اياز جي انگريزي ۾ ڇپيل ڪتاب What is Wrong with Pakistan جو ترجمو پئي ڪيو. ان ترجمي ۽ ان جي پروف ريڊنگ وغيره جو ڪم مون فيبروري 2014 ۾ مڪمل ڪري ليکڪ جي حوالي ڪيو، پر اهو ڪتاب ليکڪ سان لاڳاپيل مختلف ڪارڻن جي ڪري ان وقت ڇپجي نه سگھيو. ان دوران مون صبح جو سويل اٿڻ، واڪ ڪرڻ، گھر اچي نيرن ڪري، ليپ ٽاپ کڻي ڏيڍ ٻه ڪلاڪ پنهنجو ڪم ڪري اٽڪل يارهين وڳي تائين فارغ ٿيڻ ۽ پوءِ جيڪڏهن گھر ۾ ڪنهن ڀاڄي وغيره جي ضرورت هئي ته، اها وٺي اچڻ جو معمول ٺاهي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ به گھڻو وقت هوندو هو.
ان دوران مون اها ڪوشش ڪئي ته منهنجا سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ۾ جيڪي مضمون هئا، انهن کي ترتيب ڏيئي ڪتابن وغيره جي صورت ڏجي. ڪنهن حد تائين اهو ڪم ڪري سگھيس. پر هتي هڪ ته پبلشرن جا پنهنجا مسئلا آهن، جڏهن ته مون پنهنجي هڪ ڪتاب ڇپرائڻ جو تجربو ڪيو هو، جيڪو ايڏو وڻندڙ نه هو. ڪجھه دوستن ان حوالي سان سهڪار ڪرڻ جا واعدا به ڪيا هئا، پر مون اهو محسوس ڪيو ته رٽائرمنيٽ کان پوءِ گھڻن دوستن جا رويا به تبديل ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ هو پنهنجي واتان ائين چوندا ناهن، پر محسوس ضرور ڪرائيندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪن دوستن مسودا به ورتا، پر اهي يادگيري ڪرائڻ جي باوجود هاڻي انهن وت شايد ئي موجود هجن.
مون کان ڪجھه عرصو پوءِ رٽائر ٿيل هڪ دوست کان مون پڇيو ته، ”سندس وقت ڪيئن پيو گذري؟“ ته هن پنهنجي روٽين جو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته، ”يار باقي ته سڀ ٺيڪ آهي، باقي انهن ڪم ڪرڻ وارين ماسين ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. گھر ۾ جتي به ڪو ڪتاب يا اخبار وغيره کڻي وڃي ويهان ٿو ته، منهنجي زال، ڪم واري ماسيءَ سان اتي پهچي وڃي ٿي ۽ مون کي اتان اٿي ٻي جاءِ تي وڃڻو پوي ٿو. اهڙي ريت پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود ڏينهن جو گھڻو وقت هوندو آهي، جنهن لاءِ باقاعدي مصروفيت درڪار هوندي آهي.“
ان طرح رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا به پنهنجا هوندا آهن، خاص طور انهن کي پنهنجي Dues ۽ پينشن وغيره جي حوالي سان جيترو تنگ ڪيو ويندو آهي، ۽ ان لاءِ هڪ وڏي رقم، رشوت طور گھري ويندي آهي، جنهن ڳالهه جي سڄي جڳ جهان کي خبر آهي. ان حوالي سان رشوت نه ڏيڻ وارن جي زندگي جنهن ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذري آهي، ۽ گذرندي آهي، ان جون خبرون روز ميڊيا ۾ اچن ٿيون، پر عام ماڻهن سان ٿيندڙ ٻين گھڻين ناانصافين جيان ان جو به ڪو تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. ساڳي ريت مختلف ادارن ۾ ملازمن کي زوريءَ رٽائرڪيو يا ڪڍيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو به لاڳيتو جاري آهي، جيڪا ڳالهه به ڪنهن کان لڪل ناهي.
ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ هڪ منفرد ادارو آهي. ملازمن کي پنهنجن آفيسرن وغيره کان سالياني رپورٽن ۽ پروموشن وغيره جي حوالي سان شڪايتون ٿي سگھن ٿيون، پر هڪ اداري جي حيثيت ۾ ان جو پنهنجن ملازمن سان هڪ بهتر ۽ مهذب ورتاءُ رهيو آهي. هتي گولڊن هينڊ شيڪ ۽ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جون مختلف اسڪيمون وغيره اينديون رهيون آهن، پر انهن ۾ زوري ڪڍڻ ۽ هراس ڪرڻ وارو عنصر گھٽ ئي رهيو آهي. ٻه اسڪيمون ته بينڪ جي پاليسيءَ جو مستقل حصو آهن، جن ۾ ملازم 55 ۽ 58 سالن جي عمر ۾ پنهنجي جمع ٿيل موڪلن وغيره کي ڪيش ڪرائي رضاڪاراڻي طور رٽائر ٿي سگھي ٿو. انهن اسڪيمن هيٺ گھڻا ملازم پنهنجي مرضيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي ويندا آهن.
ڊاڪٽر عشرت حسين جڏهن اسٽيٽ بينڪ جو گورنر هو ته هو مختلف موقعن ءِ گڏجاڻين ۾ اها ڳالهه ڪندو هو ته، اسٽيٽ بينڪ جي رٽائرڊ ملازم کي ان جي بينڪ مان وڃڻ وقت ايترو ڪجھه ملڻ گھرجي جو هو آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي باقي زندگي گذاري سگھي ۽ سندس ڪسمپرسي واري حالت کي ڏسي، ڪنهن کي اهو چوڻ جو موقعو نه ملي ته، هي اسٽيٽ بينڪ جو ملازم رهيو آهي. باقي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن پئسن کي ضائع ڪري ٿو ۽ پوءِ پريشانيءَ واري حالت ۾ اچي وڃي ٿو ته، اها هڪ ڌار ڳالهه آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن وغيره جو اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي. اها پنهنجي ليکي هڪ خودمختيار اداري طور پنهنجا سڀ مالي معاملا پاڻ طئي ڪندي آهي. منهنجو ذاتي تجربو اهو آهي ته، هتي رٽائرڊ ملازم سان ٻيا ملازم، جن سان هن هڪ ڊگھو وقت سڌي يا اڻ سڌي ريت گذاريو هوندو آهي، هڪ خاص ورتاءُ ڪندا آهن. سندن اها ڪوشش هوندي آهي ته، ان کي گھڻي تڪليف نه اچي ۽ گھڻي ڀڄ ڊڪ نه ڪرڻي پوي. ڪاغذ وغيره هو اڳ ۾ ئي تيار ڪري وٺندا آهن ۽ گھڻو ڪري رٽائر ٿيڻ واري ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ هفتي جي اندر چيڪ ان جي هٿ ۾ ڏيندا آهن. جيڪڏهن اڃا به ڪا ٿوري گھڻي رقم رهيل هوندي آهي ته، اهي فون وسيلي رابطي ۾ هوندا آهن. ممڪن آهي ته ڪي ٻيا ادارا به پنهنجن ملازمن سان اهڙو ورتاءُ ڪندا هجن، پر موجوده صورتحال ۾ ان جو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي.
ادبي، سياسي ۽ ثقافتي ماحول ۾ گھڻي تبديلي اچڻ ۽ اڪيلي رهڻ واري عادت وغيره جي ڪري منهنجو گھڻو وقت گھر ۾ ائين ئي گذرندو هو. مختلف مالي ادارن کي اسٽيٽ بينڪ سان لهه وچڙ جي ڪري خاص طور بينڪ جي رٽائرڊ ملازمن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي مختلف معاملن ۾ سندن مدد ڪري سگھن. منهنجي رٽائر ٿيڻ جي اٽڪل چئن ساڍن چئن مهينن کان پوءِ بينڪ ۾ منهنجي هڪ دوست، جنهن کي اها خبر هئي ته، آئون في الحال واندو آهيان، مون کي فون ڪري چيو ته، ”هڪ ايڪسچينج ڪمپنيءَ کي هڪ ماڻهوءَ جي ضرورت آهي. تنهنجي دلچسپي هجي ته انهن سان رابطي ۾ اچ.“ اهڙي ريت مون اها ايڪسچينج ڪمپني جوائن ڪئي. جيتوڻيڪ انهن ڪمپنين کي اسٽيٽ بينڪ جو لائسنس مليل هوندو آهي ۽ ان جي قاعدن قانونن موجب ڪم ڪنديون آهن، پر انهن تي نه رڳو اسٽيٽ بينڪ پر ايف آءِ اي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به مني لانڊرنگ وغيره جي حوالي سان ڪڙي نظر هوندي آهي. وقت بوقت انهن خلاف مختلف قدم کنيا ويندا آهن، جنهن جي ڄاڻ سڄي جهان کي پوندي آهي. انهن ڪمپنين جي ڪم جي ته مون کي ڄاڻ هئي، پر اها مون کي اسٽيٽ بينڪ جي حوالي ۽ ان جي نقطه نظر سان هئي. هاڻي ڳالهه مختلف هئي ۽ شين کي ٻئي پاسي کان ڏسڻو هو. ان لحاظ کان اهو ڄڻ هڪ نئون تجربو هو. ان کانسواءِ ان اداري جي خاص ڳالهه اها هئي ته، هتي اڳ ئي ڪم ڪندڙ هڪ اڌ ملازم کي شروع ڏينهن کان اهو شڪ اچي ويٺو ته، هن نئين همراهه جي اچڻ جي ڪري ڪٿي سندس نوڪري نه خطري ۾ پئجي وڃي، ان ڪري هن شروع کان ئي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ مون کي تنگ ڪيو وڃي. منهنجي پنهنجي صلاح مصلحت ۽ ٺهي هلڻ واري عادت جي ڪري اهو معاملو هلندو رهيو.
اٽڪل هڪ سال اتي گذارڻ کانپوءِ هڪ دوست فون ڪيو ته، ”هڪ نئين بينڪ کي ماڻهوءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن تنهنجي دلچسپي آهي ته فلاڻي ماڻهوءَ سان وڃي مل.“ ٻئي ڏينهن ان ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ٿي. ڪم جي نوعيت جيڪا ان مون کي ٻڌائي، اها اسٽيٽ بينڪ جي حوالي سان مختلف معاملن ۾ بينڪ جي مدد ڪرڻ هو. دراصل ڪمپنيءَ جي ماحول مون کي ذهني طور ايتري ڇڪتاڻ ۾ وجھي ڇڏيو هو، جو مون کي بس اتان نڪرڻ جي ڪا واٽ گھربل هئي. پگھار وغيره متعلق ڳالهه ٻولهه ڪري مون کيس هائوڪار ڪري ڇڏي ۽ ڪمپني ۾ استعفيٰ ڏيئي مهيني جو نوٽيس ڏيئي ڇڏيو. اهڙي ريت مهيني کانپوءِ مون بينڪ جوائن ڪئي. هتي اهي مسئلا موجود نه هئا، جيڪي ايڪسچينج ڪمپني جي نوڪريءَ ۾ هئا، پر ساڳي وقت ان ڳالهه جي باوجود ته اسٽيٽ بينڪ ۾ بينڪ جي ڪم جي حوالي سان جن شعبن سان منهنجو واسطو رهيو ٿي، اهي سڀ يا ته منهنجا دوست يا واقفڪار هئا ۽ ان ڪم جي حوالي سان ممڪن حد تائين سهڪار ڪندا هئا، پر اها ڳالهه پوءِ به پنهنجي جاءِ تي هئي ته آئون هتي به هاڻي ٻئي پاسي ئي هئس. بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن تي حڪم جي بدران هتي منهنجي حيثيت بينڪ جي نمائندي ۽ ملازم جي هئي، جيڪو پنهنجن مختلف ڪمن لاءِ رڳو درخواست ئي ڪري سگھيو ٿي. اهو احساس ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڏکوئيندڙ هوندو آهي، پر اها ئي زندگي آهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون به زندگيءَ جو ئي حصو آهن، جن سان ٺهڪي هلڻو پئي ٿو.