آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

لڏي ويل هڪ دوست جي ڳالهه ته،’يار، ڊفينس ۾ برنس روڊ وارو مزو ناهي...‘

گلشن حديد ۾ منهنجي رهائش اٽڪل ٽيويھه سالن کان وڌيڪ وقت کان آهي. جڏهن ته علائقي کان واقفيت ان جي 1984 ۾ قائم ٿيڻ جي وقت کان آهي، جڏهن منهنجا ٻه سالا، جيڪي پاڪستان اسٽيل ملز جا ملازم هئا، پنهنجن خاندانن، ٻين ڀائرن ۽ ماءُ پي سان گڏ هتي اچي رهيا هئا. ان وقت اڃا فيز ون جو ڪم مڪمل ٿيو هو ۽ فيز ٽو جو ڪم شروع ٿيڻ وارو هو يا ابتدائي مرحلن ۾ هلندڙ هو. اسٽيل ملز پاران اها ڪالوني درحقيقت پنهنجن ملازمن لاء ٺاهي ويئي هئي ته جيئن کين شهر جي ٻين علائقن مان اچڻ ۾ گھڻي تڪليف نه ٿئي۽ ساڳئي وقت ملز جي ٽرانسپورٽ جي خرچ ۾ پڻ گھٽتائي اچي سگھي. اهڙي ريت ملازمن کي ته اهي گھر گھٽ قيمت ۽ آسان قرض جي شرطن تي ڏنا ويا، جڏهن ته ٻين ماڻهن جي به انهن گھرن کي خريد ڪرڻ وغيره تي ڪا پابندي نه هئي. هڪ ته هتان جي گھرن جون قيمتون شهر جي ٻين، ساڳئي معيار جي علائقن جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گھٽ هيون . ٻي ڳالهه ته شهر ۾ خاص طور تي پاڻي ۽ بجلي وغيره جا جيڪي مسئلا هئا، اهي هتي ائين نه هئا. اهي ٻيئي سهولتون اسٽيل ملز فراهم ڪندي هئي ۽ ماڻهو ان لحاظ کان پاڻ کي شهر جي ٻين علائقن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مراعات يافته ۽ مٿانهون سمجھندا هئا.
هڪ ٻيو اهم عنصر، جنهن شهر جي گھڻن ماڻهن کي هن علائقي ڏانهن متوجهه ڪيو، اها اُن دور ۾ شهر ۾ نسلي ۽ لساني فسادن سبب خراب ٿيندڙ صورتحال هئي، جن شهر کي حقيقت ۾ نسلي ۽ لساني بنيادن تي ورهائي ڇڏيو هو ۽ ماڻهن پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي حفاظت لاءِ اهڙن علائقن قائم ڪرڻ يا اهڙن علائقن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي، جتي سندن پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندا هجن. گلشن حديد ۾ رهندڙ اهڙن ماڻهن ۾ انور پيرزادو، شاه محمد پيرزادو ۽ سندن خاندان جا ڪجهه ٻيا ماڻهو به شامل هئا. اهڙي ريت علائقي جي آبادي به وڌي ويئي ۽ ان جي گھرن وغيره جي قيمتن ۾ پڻ واڌارو اچي ويو.
هتي شروعاتي دور ۾ ڏکيائيون اهي هيون ته هفتيوار بازار کان سواءِ سودي سلف وغيره وٺڻ جو ڪو مناسب بندوبست نه هو. علائقي جي رٿابندي ڪرڻ وارن کي فيز ون ۾ ڪمرشل ايريا يا مارڪيٽ وغيره ٺاهڻ جو ڪو خيال نه آيو هو، ان ڪري ماڻهن رهائشي گھرن ۾ ئي مختلف شين جا دڪان وغيره کولڻ شروع ڪيا. ان گھٽتائيءَ کي پوءِ فيز ٽو ۾ مخلتف مارڪيٽون وغيره کولي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان ڪريِ شروع ۾ گھڻين شين وٺڻ لاء شهر جو رخ ڪرڻو پوندو هو يا شهر مان ايندڙ ڪنهن مائٽ مٽ کي ان لاء چوڻو پوندو هو. ساڳي ريت شهر اچ وڃ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ڪو مناسب بندوبست نه هو. شروع ۾ ليمارڪيٽ کان گلشن حديد تائين ڳوٺاڻي قسم جي هڪ 51 نمبر بس هلندي هئي، جنهن لاء گھڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪوسٽر سروس شروع ٿي ۽ پهرين ڪوچ ’مهراڻ’ جو روٽ ڊاڪيارڊ کان گلشن حديد هو. ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ مختلف روٽن تي اهڙِين ڪيئي ڪوچ سروسن جي شروعات ٿي ويئي. ان سروس جي شروع ٿيڻ سان علائقي جي ماڻهن لاء به سهولت ٿي پيئي ته ساڳي وقت علائقي تائين ٻين ماڻهن جي پهچ به آسان ٿي پيئي.
ان وقت جيئن ته شهر ۾ ايڏي گھڻي ٽريفڪ وغيره نه هوندي هئي۽ روڊ به صحيح حالت ۾ هئا، ان ڪري ماڻهو ڪلاڪ سوا ۾ شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچي ويندو هو. اسڪولن ۽ ڪاليجن وغيره جي لحاظ کان جيتوڻيڪ اسٽيل ملز ۽ حڪومت جا قائم ڪيل ڪي اسڪول ۽ ڪاليج هئا، پر اهي پنهنجي معيار وغيره جي لحاظ کان اطمينان جوڳا نه هئا. ان گھٽتائيءَ کي پوري ڪرڻ ۽ علائقي جي آباديءَ جي وڌنڌڙ ضرورتن کي محسوس ڪندي هتي بيڪن ۽ سٽي سميت سوين خانگي اسڪول قائم ٿي ويا، پر خاص طور مئٽرڪ کان پوءِ جي تعليم لاءِ شاگردن جي وڏي تعداد کي وڏو سفر ڪري شهر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ وڃڻو پئي ٿو. صحت جي سهولتن جي حوالي سان جيتوڻيڪ هتي مختلف ننڍيون وڏيون اسپتالون ۽ ليبارٽريون وغيره آهن . اسٽيل ملز جي قائم ڪيل هڪ سئو بسترن واري اسپتال به آهي، جتي چڪاس وغيره جو جديد سامان به موجود آهي، پر اسٽيل مل پنهنجي مالي بيقاعدگين، عدم دلچسپي ۽ ملازمن جي رويي جي ڪري ان اسپتال کي ان معيار تي نه آڻي سگھي آهي، جيڪا پنهنجن ملازمن ۽ علائقي جي ماڻهن کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪري سگھي. نتيجي ۾ گھڻي ڀاڱي مريضن کي شهر جي اسپتالن ڏانهن رخ ڪرڻو پوندو آهي، خاص طور ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وڏي فاصلي ۽ ٽريفڪ جي صورتحال جي ڪري اهو ڏاڍو ڌکوئيندڙ عمل هوندو آهي.
ڪراچي جي پراڻي شهر جو ماحول شهر جي ٻين علائقن کان بلڪل ئي مختلف آهي. هتي گھڻي وقت گذرڻ ۽ ماحول تبديل ٿيڻ جي باوجود ماڻهورات دير تائين پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا رهندا آهن. ڪيئي ميل پري رهندڙ ماڻهن جي نالن ۽ گھر ٻار جي هڪٻئي کي خبر چار هوندي آهي. اسان جي آفيس جو هڪ دوست جيڪو برنس روڊ تي رهندو هو، ان کي ڊفينس ۾ گھر وٺڻ جو خيال ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ مون سان سندس ملاقات ٿي ته ٻڌايائين ته، ’يار ڊفينس ۾ برنس روڊ وارو مزو ناهي. هر ڪو پنهنجي ڪرت ۾ لڳو پيو آهي. ماڻهن کي هڪٻئي جي خبرچار ۽ حال احوال وٺڻ جي پرواهه ئي ناهي. سوچيان پيو ته واپس برنس روڊ ۾ گھر ۾ موٽي اچان.‘ اهڙي ريت منهنجا سالا ۽ سندن ماءُ پيءُ جيڪي شروع ۾ هتي گشن حديد ۾ اچي رهيا هئا، تن مان رڳو هڪ هتي حديد ۾ رهجي ويو، باقي چار ڄڻا مختلف وقتن تي پنهنجي ماءُ پيءُ سميت پنهنجي پراڻي پاڙي ۽ گھرن ڏانهن هليا ويا. ٻين گھڻن مائٽن به هتي جيڪي گھر ورتا هئا، اهي هتي مسواڙ تي ڏيئي پنهنجن پراڻن گھرن ڏانهن هليا ويا. ڪجهه ته اهڙا هئا، جن جا ٻار ته هتي رهندا هئا، پر پاڻ اسٽيل مل مان ڊيوٽي ڪري سڌو شهر هليا ويندا هئا ۽ ڏينهن جا ڏينهن گھر وارن کي سندن منهن ڏسڻ نصيب نه ٿيندو هو. منهنجي لاءِ خاندان جا ڪجهه فرد اهو چوندا هئا ته، ”هي پنهنجي الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلي رهڻ واري طبيعت جي ڪري اتي حديد ۾ رهي ويندو، باقي سندس ٻئي ڪنهن ڀاءُ جو هتي رهڻ ڏکيو آهي.“ اهڙي ريت 27 نومبر 1997 تي آئون پنهنجو پراڻو گھر ڇڏي گلشن حديد لڏي آيس.
گھڻو ڪجهه ڏسڻ وائسڻ کانپوءِ مون گلشن حديد فيز ٽو ۾ گھر ورتو. ان وقت اڃان بينڪن جو گھرن، گاڏين ۽ ذاتي قرضن وغيره لاءِ آسان شرطن وارن قرضن وارو معاملو شروع نه ٿيو هو، ان ڪري گھرن جون قيمتون، جيڪي ڪجھه سالن کان پوءِ آسمان تي پهچي ويون هيون، اڃا مناسب حد ۾ ۽ مون جهڙي ماڻهو جي پهچ ۾ هيون. فيز ٽو اڃا پوريءَ ريت آباد نه ٿيو هو. گھڻا گھر ڪنسٽرڪشن ڪمپني ائين ئي اڻ مڪمل ڇڏي ويئي هئي ۽ گھڻا خالي پيا هوندا هئا، جن مان ڪجھه تي قبضا ٿيل هئا، جن کي ڇڏائڻ لاءِ مالڪ ڊوڙ ڊڪ ۾ لڳل هوندا هئا.
فيز ون جي بجلي اسٽيل مل فراهم ڪري ٿي ۽ اها ئي اتي رهندڙن کي ماهوار بل وغيره موڪليندي آهي، جڏهين ته فيز ٽو، ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ٿيل هو. ٻنهي ۾ فرق اهو هوندو هو ته، فيز ون ۾ بجليءَ جو ڪو مسئلو ۽ لوڊ شيڊنگ وغيره نه هوندي هئي، جڏهن ته فيز ٽو ۾ لوڊ شيڊنگ ۽ پاور بريڪ ڊائون وغيره عام ڳالهه هوندي هئي، ان ڪري گھڻا ماڻهو فيز ٽو جي ڀيٽ ۾ فيزون ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا هئا ۽ ان لحاظ کان اتان جي گھرن جون قيمتون به وڌيڪ هونديون هيون. آئون جڏهن هتي رهڻ آيس ته ان وقت هتي بجلي جا ميٽر لڳل نه هوندا هئا ۽ نه ئي ڪي ماهواربل وغيره ايندا هئا.
اهي ميٽر گھڻي عرصي کان پوءِ لڳا ۽ هتي رهندڙن کي ان عرصي ۾ ائين ئي بجلي ملندي رهي. سڄي علائقي کي پاڻيءَ جي فراهمي جو بندوبست اسٽيل مل جي هٿ ۾ آهي، جيڪا پنهنجي فلٽر پلانٽ وغيره وسيلي پاڻي فراهم ڪندي آهي. ان پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جو بل به اسٽيل مل ٽه ماهي بنياد تي وصول ڪندي آهي. ان پاڻيءَ جي ڪوالٽيءَ کي شهر جي ٻين علائقن ۾ فراهم ٿيندڙ واٽر بورڊ جي پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر سمجھيو ويندو آهي. ان وقت پاڻي وافر مقدار ۾ هوندو هو ۽ ان جي استعمال تي ڪا پابندي نه هئي. هر ڪنهن پنهنجن گھرن آڏو وڻ ٻوٽا ۽ لان وغيره رکيا هئا ۽ پاڻيءَ جو گھڻو ضروري ۽ غيرضروري استعمال ڪيو ويندو هو. ان وقت اها صورتحال هئي ته منهنجي گھر جي ڇت تي جيڪا واٽر ٽينڪ لڳل هئي، اها رات جو دير سان جڏهن پاڻي جي فراهمي شروع ٿيندي هئي ته بنا ڪنهن پاڻي ڇڪڻ جي، موٽر وغيره هلائڻ جي، پاڻيءَ جي پنهنجي پريشر سان ئي ڀرجي ويندي هئي ۽ گھڻي دير تائين ٽينڪ مان پاڻي ائين ئي وهندو رهندوهو. پاڙي وارا اهو سمجھندا هئا ته، شايد گھروارا پاڻيءَ جو موٽر هلائي سمهي پيا آهن.
اها صورتحال مختلف ڪارڻن ۽ خاص طور تي اسٽيل مل جي خراب ٿيندڙ معاشي صورتحال جي ڪري ساڳي نه رهي. اسٽيل مل پاران ڪي اليڪٽرڪ جي بجليءَ جي بلن جي ادا نه ڪري سگھڻ جي ڪري صورتحال اها وڃي بيٺي ته اسٽيل مل کي بجليءَ جي فراهمي بند ٿي ويئي. اسٽيل ٽائون ۽ فيز ون، جيڪي شهر جي اهڙن ڪجھه چونڊ علائقن مان هئا، جتي بجلي جي وڃڻ جو تصور ئي نه هو، اتي ڏينهن جا ڏينهن بجلي نه هوندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن معاملا ڪجھه نبريا ته هتي صبوح شام شهر جي ٻين علائقن جيان لوڊ شيدنگ جو معمول شروع ٿي ويو. هتان جي ماڻهن سان جڏهن علائقي جي بجليءَ جي نظام کي ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪبي هئي ته اهي ڪاوڙجي پوندا هئا ۽ هڪ اڌ موقعي تي ته انهن اهڙي ڪنهن ڪوشش کي روڪڻ لاءِ مظاهرو وغيره ڪري ماڳهين نيشنل هائي وي ئي بند ڪري ڇڏيو هو. پوءِ اهڙو وقت به آيو جو انهن مان گھڻا اها گھر ڪرڻ لڳا ته، جيئن ته اسٽيل مل سندن ضرورتن کي پورو نه ٿي ڪري سگھي، ان ڪري سندن علائقي جي بجليءَ جي نظام کي ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ڪيو وڃي.
ان دوران فيز ٽو جي بجليءَ جي صورتحال ۾ ڪافي سڌارو اچي ويو. بلن جي ادائيگي کي ڏسندي پهرين لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ گھٽتائي ڪئي ويئي ۽ پوءِ ماڳهين ان کي ختم ڪيو ويو.
جيستائين پاڻيءَ جي فراهميءَ جو تعلق آهي ته ٻه ٽي سال اڳ ۾ سڄي علائقي کي هڪ ڊگھي عرصي تائين اهڙي بحران کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي ڪري ايستائين جو گھڻن ماڻهن کي پنهنجا گھر ڇڏي شهر جي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻو پيو. پهريون ڀيرو علائقي ۾ واٽر ٽينڪرن جي آمد شروع ٿي. ٽئين چوٿين ڏينهن ڪجھه علائقن کي پاڻيءَ ڦڙو ملي پوندو هو. مسئلو اسٽيل مل جي لاڳاپيل آفيسرن جي نااهلي، علائقي جي مختلف صنعتي ۽ زرعي ادارن وغيره کي پاڻي وڪڻڻ تان جھيڙو ۽ ڪجه ماڻهن جي چوڻ موجب واٽر ٽينڪر مافيا سان ملي ڀڳت هئي، جڏهن ته جنهن تلاءَ مان پاڻي فراهم ٿيندو هو، اهو ڀريل ئي هوندو هو. ان سڀڪجھ لاءِ جواز اهو ڏنو ويندو هو ته، پاڻي ڇڪڻ وارين مشينن ۾ خرابي آهي ۽ يا پمپنگ اسٽيشن ۾ بجلي ناهي، پر ماڻهو اهو سمجھي سگھيا ٿي ته اها صورتحال ايتري ڊگھي عرصي تائين نه ٿي رهي سگھي. صورتحال ايتري خراب هئي جو ننڍا ٻار پاڻيءَ جا ٿانوَ کڻي گھر گھر وڃي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ منٿون ڪندا هئا.
ان طرح پاڻي علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ اڻ لڀ شئي ٿي پيئي هئي. پوءِ رات وچ ۾ اهو مسئلو ائين حل ٿي ويو ڄڻ اهو موجود ئي نه هو. چوڻ وارن جو چوڻ آهي ته، اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ طاقتور آفيسرن ڊگھي عرصي تائين معاملي کي ڏسڻ کان پوءِ اسٽيل مل جي لاڳاپيل ڪامورن کي چتاء ڏنو هو ته، اهي معاملن کي ٺيڪ ڪن، نه ته هو پاڻ انهن کي ٺيڪ ڪندا.
هن وقت اسٽيل مل جي حالت ڪا گھڻي چڱي ناهي. حقيقت ۾ اها بند ئي پيل آهي. علائقو جنهن جي لاءِ اسٽيل مل جي هڪ اڳوڻي چيئرمين جو چوڻ هو ته، هو ان کي اسلام آباد جهڙو ٺاهيندو، اهو نه ٺهي سگهيو. آبادي وڌي ويئي آهي.
هرڪنهن ٻه ٻه ٽي ٽي ماڙ گھر ۽ گھرن ۾ دڪان بلڪه مارڪيٽون ٺاهي ڇڏيون آهن. ايڪسٽينشن ۾ ماڻهن کي گھرن، دڪانن ۽ هوٽلن وغيره لاءِ پلاٽ ڏنا ويا آهن، جتي ماڻهن پاڻي، بجلي ۽ گئس وغيره جي سهولتن نه هئڻ ڪري غيرقانوني طور انهن جا ڪنڪشن حاصل ڪيا آهن. جيتوڻيڪ علائقي مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وغيره جا ڪائونسلر وغيره چونڊجن ٿا، پر اڃا اهو طئي نه ٿي سگھيو آهي ته، علائقي جي سڙڪن کي ٺاهڻ وغيره جي ذميواري آيا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي آهي يا اسٽيل مل جي؟ حالت اها آهي ته هن وقت ڄڻ علائقي ۾ سڙڪن جو وجود ئي ناهي.
جنهن علائقي کي شهر جو صاف سٿرو علائقو سمجھيو ويندو هو، اتي هن وقت جاءِ جاءِ تي ڪچري جا ڍير لڳل آهن ۽ انهن جي صفائيءَ جو ڪو بندوبست ناهي. اهو هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن جي هن وقت ڪا به مالڪي ناهي.