ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر AERC
ايم اي تائين سورنهن سال، مون اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هڪ ريگيولر شاگرد جي طور تعليم حاصل ڪئي. مون کي جيتوڻيڪ ڪڏهن به پنهنجي پڙهائيءَ جي خرچن جي سلسلي ۾ ڪنهن ڏکيائيءَ کي مُنهن ڏيڻو نه پيو، پر مون کي اهو احساس هر وقت هوندو هو ته جلد ئي تعليم مان فارغ ٿي ڪنهن روزگار سان لڳان ۽ گھر جي خرچ ۾ هٿ ونڊايان.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر حفيظ پاشا جي سربراهي ۾ اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر AERC قائم ٿيو هو، جنهن جو ڪم ريسرچ اسڪالرز جي تعليم، تربيت ۽ مختلف عالمي ادارن جي سهڪار سان ملڪي معيشت جي مختلف شعبن متعلق ريسرچ رپورٽون تيار ڪرڻ هو. منهنجي ايم اي ڪرڻ ۽ يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ان اداري پاران اسان جي استاد ڊاڪٽر سرور ۽ هڪ آمريڪي پروفيسر مائيڪ ويلس، جيڪو پڻ ايم اي جي آخري سال ۾ اسان جو استاد رهيو هو، جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻن تعلقن: سڪرنڊ ۽ هالا ۾ ڪپهه جي اپت ۽ ان سان لاڳاپيل مختلف مسئلن جي حوالي سان مخلتف مرحلن ۾ هڪ سروي شروع ڪيو ويو. ان سروي ٽيم ۾ ٻين ڇهن ستن همراهن سان گڏ آئون به شامل هوس.
ان کان اڳ آئون جيتوڻيڪ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف حوالن سان ويندو رهيو هوس، پر عام ماڻهن ۽ وڏن زميندارن سان ملڻ جو اهو هڪ انوکو ۽ پهريون تجربو هو. اهو ان ڪري به اهم هو جو تازو ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري کيس ڦاهي تي چاڙهيو ويو هو. سنڌ جي ٻهراڙين ان وقت جيتوڻيڪ ڪو وڏو احتجاج نه ڪيو هو ۽ ماڻهو بظاهر چپ هئا، پر پوءِ به سندن ردعمل اهم هو، جنهن کي هو پنهنجين ڳالهين ۽ ڪچهرين مان ظاهر ڪندا هئا. اها ڳالهه ته برابر هئي ته ڀٽو حڪومت جيڪي زرعي سڌارا آندا هئا، انهن تي موثر طور تي عمل نه ٿيو هو. ان جي هڪ جھلڪ اسان کي سڪرنڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ نظر آئي، جتي اسان کي مختلف ماڻهن کان انٽرويو ڪرڻو هو. اسان کي اتي زميندار جي اوطاق تي ويهاريو ويو، جيڪو ٿوري دير کان پوءِ ننڊ مان اٿي اچي اسان سان ويٺو. اسان کيس ٻڌايو ته اسان کي فلاڻن ماڻهن سان سروي جي حوالي سان ملڻو آهي. سندس جواب هو ته، ”اهي سڀ سندس نوڪر هئا. منجھانئن ڪو ڊرائيور، ڪو باورچي، ته ڪو سندس گھر جو ڪم ڪار ڪندو هو. اهڙي ريت انهن جو ٻني ٻاري سان ڪو واسطو نه هو ۽ نه ئي کين ان متعلق ڪا جوڳي خبر چار هئي، ان ڪري اوهان کي سندن متعلق جيڪي به معلومات گھرجي، اها مون کان وٺي سگھو ٿا.“
خبر اها پيئي ته رڳو کاتن ۾ تبديلي ٿي هئي، جڏهن ته ملڪيت اڳ جيان ساڳين ماڻهن جي هٿ ۾ هئي، پر ساڳئي وقت، ان هوندي به زميندارن ۽ آسودن ماڻهن کي ذوالفقار علي ڀٽي کان وڏي شڪايت اها هئي ته، هن عام ماڻهن ۽ هارين جو مٿو ڦيرائي ڇڏيو هو. اڳ جيڪي ماڻهو ساڻن ڪنڌ کڻي نه ڳالهائي سگھندا هئا، اهي هاڻي سندن منهن سامهون ٿي ٿا بيهن ۽ اکين ۾ اکيون وجھي ٿا ڳالهائين. اهڙي ريت سندن ڄڻ ته ڪا عزت ئي ناهي رهي. جڏهن ته عام ماڻهن ۽ هارين اها ساڳي ڳالهه مختلف انداز ۾ ٿي ڪئي. سندن چوڻ هو ته وڏيرا اڳ بلڪل بي لغام هئا ۽ هارين ۽ عام ماڻهن تي ڪتن جي بڇ ڪرائڻ ۽ کين ذليل ڪرڻ هڪ عام ڳالهه هوندي هئي. ڀٽي صاحب ماڻهن کي عزت نفس ڏني آهي ۽ هاڻي پوليس، ڪامورن ۽ وڏيرن جا ظلم گھڻي حد تائين گھٽجي ويا هئا. سياسي طور تي ماڻهو بظاهر مختلف ڪارڻن ڪري چپ هئا، پر جڏهن سندن ويجھو وڃبو هو ته سندن اندر جي خبر پوندي هئي. ان وقت گھڻن ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي گھرن ۾، اسان کي، ان جي باوجود ته سندس حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، ديوارن تي ڀٽي صاحب جون وڏيون تصويرون لڳل نظر آيون هيون.
مقامي طور تي سروي جو انتظام وغيره ڪرڻ ان وقت سڪرنڊ ۾ قائم ڪاٽن ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر برڪت سومرو ۽ ۽ ان جي ٻين ماڻهن جي هٿ ۾ هو. سروي ۾ شامل آبادگارن سان ملائڻ کانسواءِ سندن ڪوشش اها هوندي هئي ته سروي ٽيم کي علائقي جي اهڙن اهم ماڻهن سان به ملائجي، جن جا نالا ڀلي سروي ۾ شامل نه هجن. ان سلسلي ۾ سڪرنڊ ۾ جھنڊي واري پير جي بنگلي تي، انهن اسان جي ملاقات ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو. هڪ عاليشان بنگلو هو، جنهن ۾ جديد دور جي هر سهولت موجود هئي. ميزبان پاران ست رشي طعامن ءِ مختلف موضوعن تي ڪنهن به طرح جي فرق کانسواء هڪ سٺي ڪچهري سان اسان جي آجيان ڪئي ويئي.
سروي جي پهرئين مرحلي جي ختم ٿيڻ تي مون کي اعزازي طور تي ٽي سئو روپيا ڏنا ويا، جيڪا منهنجي زندگيءَ جي پهرين ڪمائي هئي. اها سروي گھڻن مرحلن تي مشتمل هئي ۽ آئون ان جي ٽن مرحلن ۾ شامل رهيس. ان دوران آئون ساڳي وقت ٻين جاين تي پڻ نوڪريءَ جي ڳولا ڪندو رهيس. ان وقت جيتوڻيڪ نوڪرين جي حوالي سان اڄ جهڙي خراب صورتحال نه هئي، پر ان جي باوجود هڪ دورانديش استاد جي طور تي اسان جي استاد ڊاڪٽر سرور، جيڪو شاگردن سان پنهنجن ٻارن جهڙو ورتاءُ ڪندو هو ۽ کين وقت به وقت پڙهائي ۽ زندگي گذارڻ جي سلسلي ۾ مختلف صلاحون ڏيندو رهندو هو، سڀني کي چيو ته، يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ نوڪريءَ کي يقيني نه سمجھو ، ان ڪري اهو بهتر آهي ته ڪو هنر جهڙوڪ؛ اليڪٽريشن، پلمبر يا واڍڪو ڪم وغيره سکي وٺو، جيڪو اوهان کي اڳتي هلي ڪم ايندو.
ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هو ته، جيڪي به شاگرد ان ۾ دلچسپي رکن ٿا، هو انهن جي مدد ڪرڻ لاء تيار ھو، پر آئون نه ٿو سمجھان ته ڪو گھڻن شاگردن سندس ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو، ۽ سندس ان آڇ مان فائدو ورتو. ملازمت جي ڳولا جي سلسلي ۾ ئي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت ڪندڙ پنهنجي دوست صوبل خان بلوچ جي معرفت پلاننگ کاتي جي سربراهه عبدالقادر مغل سان ملاقات ٿي، جنهن ان وقت ئي نئين قائم ٿيل سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن (ايس آر پي او) جي زرعي شعبي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بدر سومرو سان ٽيليفون تي ڳالهايو ۽ مون کي ساڻس ملڻ لاء چيائين.
ڊاڪٽر بدر مون سان سٺي نموني مليو. جيتوڻيڪ فوري طور مون کي نوڪريءَ جو آرڊر نه ڏنائين، پر مون کي رابطي ۾ رهڻ لاءِ چيائين. آئون وٽس وقت به وقت ويندو رهيس. نوڪري ڏيڻ کان اڳ ۾ هن مون کي پنهنجي اڳواڻي ۾ ايس آر پي او پاران ٿيندڙ سنڌ زرعي سروي جي ٽيم ۾ شامل ڪيو. ان سروي ۾ درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارا سنڌ جا گھڻا شهر اچي ٿي ويا. ٽيم جي رهڻ وغيره جو بندوبست ان وقت سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري عبدالوهاب شيخ، جنهن جو ڀاءُ عبدالرشيد شيخ ان وقت ايس آر پي او جو ڊائريڪٽر هو، جي معرفت اريگيشن جي ريسٽ هائوسن ۾ ڪيو ويو هو. اهو ڄڻ ته اٽڪل سڄي سنڌ سان منهنجي متعارف ٿيڻ جو هڪ بهترين موقعو هو. سنڌ اڃا امن امان جي لحاظ کان پرامن هئي ۽ ڌاڙن ۽ اغوائن جو اهو سلسلو شروع نه ٿيو هو، جيڪو پوءِ سنڌ جي خاصيت بڻجي ويو هو. ان ڪري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ سيڪيورٽي وغيره جي انتظامن جي، رات ۽ ڏينهن جي وقت، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سفر ڪري سگھجي پيو. اسان کي سروي جي شروعات گهوٽڪي کان ڪرڻي هئي. پوءِ گڊو، ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ کان ٿي سڄي سنڌ لتاڙي ڄامشورو پهچڻو هو. اتان سجاول ۽ ٺٽي کان ٿيندي ڪراچيءَ موٽڻو هو.