گلشن حديد جو سفر ۽ ان جو آئيندو؟
ساڳي ريت سڙڪن جي حالت به بهتر هئي ۽ ٽرانسپورٽر به گھڻو تنگ نه ڪندا هئا. ان ڪري اچ وڃ ۾ گھڻي دير نه لڳندي هئي ۽ ماڻهو سوا ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ٽاور کان گلشن حديد جو فاصلو طئي ڪري وٺندو هو، پر ڪجھه عرصي ۾ ئي اها صورتحال تبديل ٿي ويئي. قائد آباد ۽ گلشن حديد وارو سڄو علائقو ڪچين ۽ پڪين آبادين سان آباد ٿي ويو. سڙڪن تي رش وڌي ويئي. مختلف ٽرانسپورٽرن جي گروپن ۾ اختلافن ۽ جھيڙن جي ڪري ٽرانسپورٽ جي سهولت گھٽجي ويئي ۽ اچ وڃ جو وقت ٻيڻو ٿي ويو. ان سان گڏ، خاص طور تي ٽينڪرن، ٽرالن ۽ ٻين وڏين گاڏين جي هلڻ جي ڪري مين نيشنل هاءِ وي ڄڻ ختم ئي ٿي ويو. رڳو ان ڳالهه جي ڪري حادثا ٿيندا هئا، گاڏيون ڪلٽي ٿي وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام هوندي هئي.
هتي اسٽيٽ بينڪ،ِ ٻين ڪمرشل بينڪن ۽ ٻين سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ملازمن جو چڱو خاصو تعداد رهندو آهي. انهن مان ڪجھه دوستن انهن ڏکيائين کي محسوس ڪندي ڪوشش ڪري ٽاور تائين ڪانٽريڪٽ بس جو بندوبست ڪيو، جيڪا اٽڪل پندرنهن سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ کانپوءِ مختلف مرحلن مان گذرندي اڃا هلي رهي آهي. ان صورتحال ۾ لاڳيتو هتان شهر جي ڪنهن ٻئي علائقي ۾ لڏي وڃڻ جو خيال ايندو هو ۽ ان لحاظ کان مختلف علائقن ۾ گھرن جو جائزو به ورتو، پر هڪ ته هر علائقي جا پنهنجا مسئلا ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڪٿي ڪو گھر مناسب لڳي پيو ته، ان جي قيمت پنهنجي گنجائش کان وڌيڪ هئي. اهڙي ريت هتي ئي رهندا آياسين. بهرحال ماڻهن انهن مسئلن جا پنهنجي ليکي حل ڪڍيا. هن وقت هڪ وڏي تعداد ۾ ڪانٽريڪٽ جون گاڏيون ماڻهن کي شهر جي تعليمي ادارن ۽ دفترن ۾ پهچائين ٿيون ۽ شام جو اتان واپس وٺي اچن ٿيون. ان سان گڏوگڏ تازو سي پيڪ تحت يا سنڌ حڪومت پنهنجي ليکي هاءِ وي کي ايترو سٺو ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن سان ماڻهن کي گھڻي سهولت ٿي پيئي آهي ۽ سفر جي تڪليف گھٽجي ويئي آهي.
نسلي ۽ لساني فسادن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي جيڪا ان بنياد تي ورهاست ٿي هئي، ان ۾ هر علائقي ۾ مختلف سياسي ۽ غير سياسي گروهن هٿيارن جي زور تي ماڻهن جي حفاظت جي نالي ۾ اتي ڄڻ پنهنجو راڄ قائم ڪري وڌو هو ۽ ماڻهن کان ڀتو ڄڻ پنهنجو حق سمجھي وصول ڪيو ويندو هو. هتي جيتوڻيڪ مختلف ٻولين سان واسطو رکندڙ اهڙن گروهن جنم ورتو ۽ انهن جو اثر رسوخ به هو، پر هتان جي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته هيءُ ڪنهن هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ يا ڪنهن هڪ سياسي گروه سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو علائقو نه هو ۽ نه ئي آهي، ان ڪري ڪڏهن ڪنهن هڙتال يا شٽرڊائون وغيره کانسواءِ ڪنهن وڏي پريشانيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوندو هو، جڏهن ته هاڻي گھڻي عرصي کان اها ڳالهه به ناهي رهي.
هتي گھڻو وقت اڳ يونين ڪائونسل جي دفتر ۾ ملير جي صحافين پنهنجو ڪلب قائم ڪيو هو. هڪ لحاظ کان اهو ڪلب ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين وغيره جو مرڪز هوندو هو، جتي سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون تنظيمون ڪلب جي سهڪار سان پنهنجا پروگرام ڪنديون رهنديون هيون، جن ۾ سنڌ جي گھڻين ناميارين شخصيتن کي پڻ گھرايو ويندو هو. آئون پاڻ جڏهن اڃا هتي مستقل رهڻ نه آيو هوس ته انهن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هتي ايندو هوس. يونين ڪائونسل جي سرگرمين جي وڌي وڃڻ ۽ ان عمارت ۾ نادرا وغيره جي دفتر قائم ٿيڻ جي ڪري پريس ڪلب هاءِ وي تي پپري موڙ وٽ منتقل ٿي ويو ۽ اهڙي ريت هتي سڀ سرگرميون ختم ٿي ويون. بهرحال ان نئين جاءِ تي به هن وقت مختلف ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون وغيره ٿينديون رهنديون آهن. هتي سنگت جي شاخ جيتوڻيڪ گھڻي سرگرم ته ناهي، پر اها مختلف پروگرام وغيره ڪندي رهندي آهي. ان شاخ جي دوستن جو چوڻ آهي ته اها سنڌ جي واحد شاخ آهي، جنهن وٽ پنهنجي آفيس آهي.
هن وقت اسٽيل مل جو معاملو وچ ۾ اٽڪيل آهي. حڪومت پاران ان جي نجڪاري جو عمل ممڪن آهي ته ڪجھه عرصي ۾ حل ٿي وڃي، پر اصل غير يقيني صورتحال مل سان لاڳاپيل علائقن جي آئندي جي انتظام ۽ ملڪيت وغيره متعلق آهي. سنڌ حڪومت جي پنهنجي دعويداري آهي، جڏهن ته وفاق جو پنهنجو موقف آهي. ڏسجي ته هاڻي اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي ۽ بجلي، پاڻي ۽ گئس وغيره جي سهولتن جي انتظام جو ڇا ٿو ٿئي.