آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

منهنجو بابا

منهنجي بابا جو نالو محمد حسين هو. هو پنهنجي پيءُ مستري محمود ۽ ماءُ ساران جي ست ڌيئرن ۽ پٽن ۾ سڀ کان وڏو هو. بابا جيتوڻيڪ ڪنهن اسڪول ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي هئي، پر هو پنهنجو گھربل حساب ڪتاب ڪري ويندو هو ۽ اخبار باقاعدي پڙهندو هو. اهڙي ريت منهنجو ڏاڏو به گورمکي ۾ پنهنجو ننڍو وڏو حساب ڪتاب ڪري ويندو هو. ان جو ڪارڻ شايد اهو هو ته منهنجي ڏاڏا جو اڃان پنهنجي ڳوٺ کهڙا سان سڌو سنئون رابطو هو. اتي سندس هڪ ڀاءُ ۽ ٻيا مائٽ رهندا هئا. ان ڪري هن پنهنجي وڏي پٽ کي اتي قرآن شريف حفظ ڪرڻ لاء موڪليو هو. کهڙا جا مخدوم علم ۽ ادب سان پنهنجي تعلق لاءِ مشهور آهن ۽ ان سلسلي کي اڃا تائين هلائيندا اچن. منهنجو پنهنجي شعوري عمر کي پهچڻ کانپوءِ کهڙا بس ائين هنگامي طور تي ئي وڃڻ ٿيندو آهي ۽ آئون ڪڏهين ساڻن لھه وچڙه ۾ نه اچي سگھيو آهيان. تازو هڪ دوست سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لائبريرين متعلق ڳالھه ٻولھه پئي ٿي ته هن خاص طور ڪنڊيارو ۽ کهڙا جي مخدومن جي لائبريرين جو ذڪر ڪيو. بهرحال بابا قرآن مجيد پورو حفظ نه ڪري سگھيو ۽ ڪراچي موٽي آيو. هتي هو ڏاڏا سان سندس رازڪي ڪم ۾ شامل ٿي ويو. بابا وٽ جنگ اخبار روز سندس دوڪان تي ايندي هئي. اسان انتظار ۾ هوندا هئاسين جيسين شام جو بابا اها اخبار گھرنه کڻي اچي. منهنجي لاءِ ان اخبار ۾ خاص ڳالھه ٽارزن جي قسطوار ڪهاڻي هوندي هئي. ساڳي ريت منهنجي هڪ چاچا وٽ حريت اخبار ايندي هئي، جنهن ۾ فينٽم جي قسطوار ڪهاڻي ايندي هئي. هلال پاڪستان جڏهين ڪراچي مان شائع ٿيڻ لڳي ته بابا جنگ اخبار بند ڪري هلال شروع ڪئي ۽ اهڙي ريت اسان جو سنڌي صحافت، ادب ۽ سنڌي ليکڪن سان تعارف ٿيو ۽ اسان ڄڻ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿياسين.
ڏاڏا پنهنجن ٻن ننڍن پٽن جي پهرين شادي پنهنجي ڀيڻ جي ڌيئرن سان ڪرائي هئي پر بابا جي شادي ڪراچي جي سنڌي ميمڻن، جيڪي گھڻي عرصي کان ڪراچي ۾ رهيل هئا، مان ڪرائي. بابا گھڻو عرصو ڏاڏا سان گڏ ڪم ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن پنهنجو ڌار ڪم شروع ڪيو. هو شهر جي مختلف علائقن ۾ گهرن ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. اها واقعي بابا جي هوائي روزي هوندي هئي. جيڪڏهين ڪم هلندڙ هوندا هئا ته هرڪو اطمينان ۽ سڪون سان هوندو هو پر ڪڏهين ائين به ٿيندو هو ته ڪجھ وقت لاءِ جيڪڏهين ڪم نه هوندو هو ته ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو. پر بابا ۽ امان گڏجي ان صورتحال کي منهن ڏيندا هئا ۽ پنهنجن ٻارن کي اهو محسوس ٿيڻ نه ڏيندا هئا.
جيتوڻيڪ بابا ۽ ڏاڏا نمازروزي جي پابندي ۽ قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا. پر گھر جو ماحول سخت مذهبي نه هوندو هو. بابا پاران ان سلسلي ۾ پنهنجن ٻارن تي ڪا سختي ۽ پابندي نه هوندي هئي. ٻي ڳالھه ته بابا کي پنهنجن ٻارن تي اعتماد هوندو هو ۽ هن ماڻهن جي چوڻ جي باوجود ڪڏهين پنهنجن ٻارن کي شڪ جي نگاه سان نه ڏٺو. اهڙي ريت مون سميت اسان ڪجھ ڀائر سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو حصو ٿياسين، جنهن جي بابا ۽ سڀني گھر وارن کي ڄاڻ هوندي هئي. بلڪ ائين به ٿيندو هو ته شاگرد تنظيمن وغيره جون گڏجاڻيون ٻه ٻه ڏينهن لاڳيتو اسان جي گھر ۾ پيون هلنديون هيون. گھڻن دوستن جو گھر اچڻ وڃڻ هوندو هو ۽ ڪي دوست رات به رهي پوندا هئا. نه رڳو اهو ته ان ڳالھه تي ڪو اعتراض نه ڪيو ويندو هو، پرانهن جي کاڌي پيتي، چانهن ۽ آرام وغيره جو خيال رکيو ويندو هو. بابا کي اها خبر هوندي هئي ته هي ڪو خراب ڪم نه پيا ڪن.
اهڙو وقت گھٽ ئي ايندو هو ته بابا پنهنجي ڪنهن ٻار تي هٿ کنيو هجي. جيتوڻيڪ هو اسان سان پنهنجي پيار ۽ شفقت جو اظهار گھٽ ئي ڪندو هو پر اها ڳالھه سندس روئي مان ظاهر هوندي هئي. اڪثر اسان مان ڪنهن کي به جيڪڏهين پنهنجي ڪم تان موٽڻ ۾ معمول کان وڌيڪ دير ٿي ويندي هئي ۽ اسان اڳ ان جو اطلاع نه ڏنو هوندو هو ته هو ڄڻ انتظار ۾ ويٺو هوندو هو ۽ گھر پهچڻ تي رڳو ايترو چوندو هو ته بابا گھٽ ۾ گھٽ هڪ فون ته ڪري ڇڏيو ته دير ٿي ويندي. ان وقت اها ڳالھه اسان کي گھٽ سمجھ ۾ ايندي هئي پر هاڻي جڏهين پاڻ ٻارن ٻچن وارا آهيون ته اهو وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو. ڏاڏا جي وفات کانپوءِ سندس پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ملڪيت جي ورهاست جي ڪري اسان کي نوآباد وارو گھر ڇڏڻو هو. منهنجي ٻن وڏن ڀائرن بابا کي شهر جي ڪنهن پري علائقي ۾ گھر وٺڻ جي صلاح ڏني پر بابا اهو چئي ان کي قبول نه ڪيو ته ان سان اوهان جي ننڍن ڀائرن، جن وٽ پنهنجي سواري ناهي، پنهنجن ڪمن ڪارين تي اچ وڃ ۾ تڪليف ٿيندي. اهو سوچي بابا ويجھو ئي بغدادي ۾ جاء ورتي جتي اسان 1980 ۾ وڃي رهياسين. ساڳي ريت جڏهين مون گلشن حديد ۾ گھر جي ڳولها پئي ڪئي ته بابا مون کي چيو ته اهو پري جو علائقو آهي ۽ توکي آفيس ۽ ٻارن کي اسڪول وغيره وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. اهڙي ريت بابا جي حياتي ۾ مون گلشن حديد ۾ گھر نه ورتو.
بابا جي هونئن ته پنهنجي ليکي گھڻي واقفيت هوندي هئي پر سندس ٻه ويجھا دوست خميسو، جنهن کي سڀيئي کمون چوندا هئا، ۽ ٻيو ساهو، جنهن جي سڄي نالي جي مون کي ڄاڻ ناهي هوندا هئا. خميسو بابا جو پارٽنر هو ۽ اهي ٻيئي گڏجي بنگلن وغيره جي ٺاهڻ جا ننڍا وڏا ٺيڪا کڻندا هئا، جڏهين ته ساهو درزڪو ڪم ڪندو هو. بابا ۽ چاچا کمون جو کارادر ۾ پنج نمبر ٽانڪي وٽ اثنا عشري جماعت خاني جي ويجھو دوڪان هوندو هو، جتي شام جو ڪم کان موٽڻ کانپوءِ بابا ۽ چاچا خميسو ويهندا هئا ۽ ڏينهن جي ڪم ڪار جو جائزو وٺندا هئا. ڏينهن ۾ هتي چاچا خميسي جا پٽ ۽ ڀاءُ ويهندا هئا جيڪي پلمبر جو ڪم ڪندا هئا. اسڪول جي موڪلن دوران آئون به ڪڏهين ڪڏهين ان دوڪان تي وڃي ويهندو هوس. ڪجھ عرصي کانپوءِ ڀر ۾ امام بارگاه جي توسيع وغيره جو ڪم هلندڙ هو ۽ ان لاء شايد انهن کي ان دوڪان ۽ ٻين جاين وغيره جي ضرورت هئي. اهڙي ريت اهو دوڪان بابا وارن انهن کي ڏيئي ڇڏيو.
بابا جي ٻئي دوست ساهو جو ڪاغذي بازار جي وچ ۾ درزي جو دوڪان هو. بابا پنهنجا ۽ پنهنجن پٽن جا ڪپڙا ان کان ئي سبرائيندو هو. ڪپڙو به هو پاڻ ئي وٺندو هو. انهن مان اسان ڪنهن به ڀاءُ جي پسند شامل نه هوندي هئي. بس رڳو ائين ڪرڻو پوندو هو ته عيد وغيره جي موقعي تي اتي وڃي ڪپڙن جو ماپ ڏيڻو پوندو هو. ان سلسلي ۾ خاص ڳالھه اها هوندي هئي ته چاچا سڀني جو هڪجهڙو ئي ڪپڙو وٺندو هو. عيد نماز تي جڏهين اسان سڀ ڀائر ۽ بابا هڪجهڙا ڪپڙا پائي نڪرندا هئاسين ته اهو مائٽن ۽ پاڙي وارن لاء ڄڻ هڪ نظارو هوندو هو. بابا جي انهن ٻنهي دوستن جي بابا کان اڳ وفات ٿي ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. ساڳي ريت اسان جي هڪ پري جي چاچا جو جھونا مارڪيٽ ۾ جوتن جو دوڪان هوندو هو. رڳو اتي وڃي بوٽ وغيره پسند ڪري وٺڻو پوندو هو جڏهين ته پئسن جو حساب ڪتاب بابا پاڻ ڪندو هو.
اسان جي ڏاڏا جي اها خاصيت هوندي هئي ته هڪ ته هو ڪنهن جي به قرض واپس ڪرڻ ۾ ڪا هير ڦير ۽ آنا ڪاني نه ڪندو هو ۽ ٻيو ته جيڪڏهين ڪنهن وٽ سندس پنهنجا پئسا هوندا هئا ته هو ان تي پئسن جي واپسي لاءِ ڪا زور زبردستي نه ڪندو هو. مون کي ياد ٿو پئي ته ڪنهن ماڻهو وٽ ڏاڏا جا پئسا هئا جنهن ڳالھه جي مون کي خبر هئي. مون ڏاڏا کي چيو ته اوهان ان کان پئسا ڇو نه ٿا وٺو ته ڏاڏا جو اهو جواب هو ته بابا ڀلي هو پنهنجو ڀت گھاٽو ڪري، اسان کي پاڻيئي الله سائين ڏيندو. اهڙي ريت بابا تي ڪجھ ماڻهن جا پئسا رهيل هئا. پنهنجي وفات کان ٿورو اڳ بابا اسان کي ٻڌايو ته فلاڻن ماڻهن جو مون تي ايترو قرض آهي ۽ هاڻي اهي ماڻهو ته هن دنيا ۾ ناهن پر اوهان کي منهنجي جيئري يا وفات کانپوءِ انهن جي اولاد کي اهو قرض واپس ڪرڻو آهي. بابا جي وفات کانپوءِ جڏهين اسان انهن ماڻهن سان اهو ذڪر ڪيو ته انهن کي ان ڳالھه جي ڄاڻ ئي نه هئي ۽ اسان انهن کي بابا جي چوڻ موجب اها رقم واپس ڪئي. اهڙي ريت ڏاڏا ۽ بابا هڪ توڪل واري زندگي گذاري. آئون سمجھان ٿو ته بابا جون اهي ڳالهيون جيڪڏهين سڀني نه ته سندس ڪجھ پٽن ۾ آهن.
اسان جي سنڌي مومن جماعت تمام گھڻو عرصو اڳ هڪ هائوسنگ سوسائتي رجسٽرڊ ڪرائي. اسڪيم 33 ۾ پنهنجن ميمبرن جي لاءِ پلاٽ ورتو هو ۽ ان کي دلچسپي رکندڙ ميمبرن ۾ قيمتن ورهايو هو. ان وقت اسان ڪجھ ڀائر پنهنجين نوڪرين ۽ روزگار سان لڳل هئاسين. اهڙي ريت بابا پاڻ به پلاٽ ورتو ۽ سندس چوڻ تي اسان به ورتو. پر ڪجھ وقت کانپوءِ بابا کي ڪجھ پئسن جي ضرورت پيئي ۽ اسان کي اهي پلاٽ وڪڻڻ لاء چيائين. اسان ڪاغذ سندس حوالي ڪيا ۽ ائين اهي پلاٽ وڪجي ويا. بابا خاص طور پنهنجن پٽن کي چوندو هو ته مون اوهان لاءِ گھر وغيره ڪيو آهي، باقي پنهنجن ٻارن جو پاڻ بندوبست ڪيو. اها حقيقت آهي ته بابا جي وفات تائين اسان وٽ هڪ ئي گھر هو، جنهن ۾ اسان سڀ گڏ رهندا هئاسين. جيستائين منهنجي علم ۾ آهي ته هن وقت به اسان ڀائرن وٽ هڪ هڪ ئي گھر آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجن ٻارن سان گڏ رهندا آهيون. منهنجو وڏو ڀاءُ جيڪو گھڻا سال سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايڊيشنل سيشن جج رهيو پر رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو اڃا پنهنجي وڪالت ڪندو آهي ۽ وچولي طبقي جي علائقي ۾ هڪ عام گھر ۾ رهندو آهي ۽ معمول جي زندگي گذاريندو آهي. گھڻن ماڻهن لاء اها ڳالھه حيرت جوڳي آهي ته ڪراچي ۾ ايترو ڊگھو عرصو رهندي، اسان جو خاندان ڪا گھڻي ملڪيت نه ٺاهي سگھيو. پر اسان جي لاءِ اها ڪا حيرت جي ڳالھه ناهي. اسان پنهنجي ليکي هڪ مطمئن ۽ معمول جي زندگي گذاريون ٿا، جيڪا اسان لاءِ وڏي دولت آهي.
آڪٽوبر1994 ۾ ٿورو عرصو بيمار رهڻ کانپوء بابا گذاري ويو. سندس چڱايون ۽ نيڪي اسان لاء هڪ ورثو آهي. .