نئون آباد: هندستان مان لڏي آيلن جا جهوپڙا، ليلان چري ۽ ظفر پمفليٽي!
ان وقت سڄي پاڙي ۾ منهنجي هڪ پري جي چاچي جي گھر ٽيليفون هوندو هو. ان فون تي ڄڻ ته سڀني جو حق هوندو هو - ۽ انهن ماڻهن جو اهو وڙُ هو جو ڪنهن جو به فون ايندو هو ته، ان کي گھران وڃي سڏي ايندا هئا، جنهن ڳالهه جو هاڻي تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. ساڳي ريت ٽيليويزن به انهن ڏينهن ۾ نئين آئي هئي. ۽ اها به انهن ئي ماڻهن جي گھر ۾ سڀ کان اڳ آئي هئي. پاڙي جا سڀ ٻار پنهنجن مٽي هاڻن پيرن ۽ گندن ڪپڙن سان شام جو جيئن ئي پي ٽي وي جون نشريات شروع ٿينديون هيون، تيئن سندن گھر ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ دير تائين اتي ويٺا هوندا هئا. پر انهن ماڻهن جي چهري تي ڪي گھنج يا ناراضگيءَ جا آثار نه ملندا هئا.
جتي اسان جو گھر هوندو هو، ان جي ڀرسان سان ئي ٻن پاسن کان هندستان مان لڏي آيل مهاجرن جا جھوپڙا هوندا هئا. رات جو جڏهن اتان لنگھڻ ٿيندو هو ته اهي ماڻهو دير تائين پنهنجن گھرن جي ٻاهران کٽن ۽ پٽ تي ويٺي پاڻ ۾ ڪچهريون پيا ڪندا هئا، پر نه ڪنهن جو نالو وٺندا هئا ۽ نه ڪنهن کي تنگ ڪندا هئا. هتي رهندڙ دائود نالي هڪ همراههُ هڪ ڀيري مون کي پي ايم اي هائوس جي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ مليو. مون جيتوڻيڪ هن کي نه سڃاتو، پر هن مون کي سڃاتو ۽ ٻڌايائين ته، ”آئون اتي جھوپڙن ۾ رهندو هوس.“ هي همراهه هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي زيارت ۾ مليو هو، جتي آئون ٻارن سان گڏ ويل هوس ۽ هو پڻ ساڳئي هوٽل ۾ پنهنجن ٻارن سان رهيل هو. جھوپڙن جي حوالي سان دائود مون کي ياد ڏياريندي چيو ته، ”جتي ايمڻان، جنهن کي ’ليلان چري‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، رهندي هئي، هو ان جي ڀر ۾ رهندو هو. ان عورت کي، جنهن کي ٻار تنگ ڪندا رهندا هئا، اها سڄو ڏينهن پٿرن جو وسڪارو ڪندي ۽ گاريون ۽ پِٽون ڏيندي رهندي هئي. ان جي لاءِ چيو ويندو هو ته، ”هو ڀر ۾ ئي رهندڙ اسو لالا نالي هڪ ماڻهوءَ جي زال هئي، جيڪو اتي پڪوڙن جي هڪ خاص قسم، جنهن کي اتي مقامي ٻولي ۾ ’بجيا‘ چيو ويندو آهي، وڪڻندو هو. اهو شخص هڪ ٻئي گھر ۾ پنهنجي ٻي زال ۽ ٻارن سان گڏ رهندو هو. اسان ڪڏهن کيس ليلان جي پرگھور لهندي نه ڏٺو.
دائود جو ٻيو حوالو سندس پاڙي ۾ رهندڙ هڪ سياسي ڪارڪن ظفر سان ويجھڙائي هئي، جيڪو هر ننڍي وڏي معاملي تي پمفليٽ ڇاپيندو هو، جنهن جي ڪري سندس نالو ئي ’ظفر پمفليٽي‘ پئجي ويو هو. هڪ ڀيري اسان ڪجهه دوست رات جو هوٽل تي چانهه پي رهيا هئاسين ته هو نهايت جوش ۾ ڄڻ رڙيون ڪندو آيو ته، ’ڪامريڊ! انقلاب در تي دستڪ پيو ڏئي. بس رڳو در کولڻ جي ضرورت آهي.‘ کانئس پڇيوسين: ”ته ڇا معاملو آهي،“ ته هن افغانستان ۾ ثور انقلاب جي اچڻ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته بس هاڻي هتي به دير نه لڳندي.
اهي جھوپڙا ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪنهن به لحاظ کان محفوظ نه هئا. وقت بوقت اتان ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ ڪري لڳندڙ باهه جا ڀنڀٽ نظر ايندا هئا، جن ۾ گھڻن ماڻهن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويندو هو، پر اهي وري نئين سِر اتي ئي پنهنجو اجھو اڏيندا هئا. هڪ ڊگھي عرصي تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. نيٺ حڪومت پاران انهن کي نئين ڪراچي وغيره واري پاسي متبادل گھر ۽ پلاٽ ڏيئي اتي منتقل ڪيو ويو ۽ جهوپڙن واري جاءِ خالي ڪرائي ويئي. خالي ڪرايل جاءِ جو هڪ حصو هڪ وڏو ڪمپائونڊ هو، جنهن کي ’پنڃراپور‘ چيو ويندو هو. گھڻن ماڻهن پاران ڪوشش ڪئي ويئي ته ان پلاٽ تي قبضو ڪري ان کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي، پر علائقي جي نوجوانن جي هڪ گروپ، جنهن ۾ آئون به شامل هوس، پاران اختيارين آڏو اها تجويز رکي ويئي ته، هتي شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي نالي سان هال ۽ لائبريري قائم ڪئي وڃي، جنهن مان علائقي جا ماڻهو لاڀ حاصل ڪري سگھن. ان سلسلي ۾ مختلف لاڳاپيل ماڻهن سان ملاقاتن کانسواءِ اخبارن وغيره ذريعي مهم به هلائي ويئي. نيٺ ڪي ايم سي پاران ان ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو ويو ته هتي ان نالي سان هال قائم ڪيو ويندو. اهو هال ته قائم ٿي ويو، پر جيڪو مقصد هو، اهو حاصل نه ٿي سگھيو. لائبريري وغيره قائم نه ٿي سگھي ۽ اهو اڃا تائين هڪ شادي هال جي طور تي مقامي ماڻهن جي ڪم اچي ٿو.