آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

ڪڏهن ڪراچي ائين به هوندو هو!

سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ شهري آباديءَ جي تناسب ۾ واڌارو ٿيو آهي. سنڌ ۾ اهو واڌارو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. هن وقت صوبي جي اٽڪل اڌ آبادي شهرن ۾ رهي ٿي. ان واڌاري جو اهم ڪارڻ ڪراچيءَ جي آبادي ۾ ٿيندڙ واڌارو آهي، جيڪو شهر جي خراب حالتن جي باوجود به لاڳيتو جاري رهيو آهي. آرڪيٽيڪٽ ۽ ڪراچيءَ جي شهري معاملن جي ماهر عارف حسن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته، ’لاهور ۽ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ آباديءَ ۾ ايندڙ واڌ جي ڪري ساڳيا؛ پاڻي، بجلي، ٽرانسپورٽ ۽ زمينن وغيره تي قبضي جهڙا مسئلا پيدا ٿيندا،‘ پر ڪراچي ملڪ جي ٻين شهرن کان ان لحاظ کان مختلف آهي ته هتي شهري مسئلن کان وڌيڪ شهر جي ملڪيت ۽ ان تي قبضي جو سوال آهي. اهو سوال جيتوڻيڪ پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي موجود آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏ ان جي شدت ۾ واڌارو ايندو رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ شهر ڄڻ ته گھرو ويڙهه جي ور چڙهي ويو هو.
گھڻي پراڻي ڳالهه ته ناهي. جيڪڏهن رڳو چاليهه پنجيتاليهه سال پوئتي وڃجي ته اڄ جي صورتحال ڏسندي ڪنهن کي به شايد يقين نه اچي ته، ٻين مهذب ملڪن جيان ڪراچيءَ ۾ به بسون پنهنجي اسٽاپ تي بيهنديون هيون ۽ انهن ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ماڻهو قطار ٺاهيندا هئا. ساڳيءَ ريت شهر جي اعليٰ تعليم جي ادارن ۾ جيڪڏهن سياست هوندي هئي ته ان جو هڪ مقصد شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۽ ٻيو ته اها نظرياتي بنيادن تي هوندي هئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي چئن سالن واري منهنجي تعليمي عرصي دوران ان ڳالهه جا مون کي چِٽا ثبوت مليا. ان وقت ڪراچيءَ ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف) وغيره جو زور ٽُٽي چڪو هو ۽ حڪمرانن جي پٺڀرائيءَ جي ڪري جماعت اسلامي جي ذيلي تنظيم اسلامي جمعيت طلبا جو يونيورسٽيءَ تي راڄ هو. شاگرد يونين جي چونڊن وقت جمعيت مخالف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمون گڏ ٿي وينديون هيون، پر سندن لاءِ جمعيت کي شڪست ڏيڻ ڏکيو هوندو هو. انهن چونڊن ۾ نظرياتي لحاظ کان لاڳاپيل شاگردن کي ڇڏي اڻ ڌرين شاگردن جو وڏو ڪردار هوندو هو، جيڪي شاگرد تنظيمن جي ڪارڪردگي ۽ انهن جي اڳواڻن جي ڪردار تي ڪرڙي نظر رکندا هئا. ان جو اندازو مون کي يونيورسٽي ڇڏڻ کان هڪ سال اڳ ٿيو، جڏهن شفيع نقي جامعي جمعيت پاران يونين جو صدر هو، جنهن جي هڪ سٺي مقرر ۽ هڪ هوشيار شاگرد جي شهرت ۽ مقبوليت مان فائدو وٺندي جمعيت پاران ٿنڊر اسڪواڊ قائم ڪيا ويا، جيڪي جاءِ جاءِ تي ڇاپا هڻي گڏ ويٺل جوڙن کي هراسان ڪندا رهندا هئا، جيئن هن وقت جمعيت پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ ڪري رهي آهي، پر شاگردن اهو سڀڪجهه گھڻو عرصو هلڻ نه ڏنو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ جمعيت کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پيا، جڏهن پروگريسو الائنس جو سردار رحيم غير متوقع طور يونين جو صدر چونڊجي ويو.
ان وقت جيتوڻيڪ سياسي طور تي سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ نظر ايندي هئي، پر اها عام شاگردن ۾ گھٽ نظر ايندي هئي. ان وقت يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمنٽ غير سنڌين کي سنڌي ٻولي سيکارڻ لاءِ ڪلاس شروع ڪيا هئا، جن ۾ شاگردن جو هڪ وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو.
يونيورسٽيءَ وڃڻ ۽ اتان موٽڻ جي حوالي سان نه ته مائٽن ۽ نه ئي شاگردن کي ڪو اونو هوندو هو ۽ نه ئي مائٽ کين اهڙي ڪا تاڪيد ڪندا هئا. ڏينهن جو ٻارهين کان شام تائين شهر جي سڀني علائقن ڏانهن هر ڪلاڪ کانپوءِ ايس آر ٽي سي ۽ ڪي ٽي سي جي يونيورسٽي لاءِ مخصوص ڪيل بسن جا پوائنٽ هلندا هئا. انڪري ڪڏهن ڪنهن دوست سان گڏجي ناظم آباد، ته ڪڏهن طارق روڊ ۽ ڪڏهن ڪيڏانهن ته ڪڏهن ڪيڏانهن هليو وڃبو هو. هڪ ڀيري نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ٽيسٽ مئچ ٿي رهي هئي. اسٽيڊيم، جيئن هن وقت قلعي جيان ٺهيل آهي، ان وقت ائين نه هو.
ننڍيون ديوارون هيون ۽ ٻاهر جتي هاڻي فليٽن جو جھنگ آهي، اُتي ننڍيون ٽڪريون هونديون هيون. انهن ٽڪرين تان اسٽيڊيم جي اندر جي سڄي وارتا کي صاف طور ڏسي سگھبو هو. يونيورسٽيءَ کان موٽندي هڪ دوست سان پروگرام ٺهيو ته ٻاهران ٽڪريءَ تي ويهي مئچ ٿا ڏسون. اها مئچ منهنجي لاء ان ڪري به يادگار بڻجي ويئي جو ان ۾ ماجد خان پهرئين سيشن ۾ پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي هئي.
اها ڳالهه پڻ حيرت جهڙي هئي ته ڪراچي، جتي سنڌ اسمبلي جي سنڌي ٻولي جي بل منظور ڪرڻ خلاف وڏا فساد ٿيا هئا، اتي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ حالتون ڄڻ معمول تي اچي ويون هيون. سنڌين جو هڪ وڏو تعداد ۽ اسان جا گھڻا دوست لالوکيت، ناظم آباد، فيڊرل بي ۽ سي ايريا ۾، اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ڪنهن ڊپ ڊاءَ کانسواءِ رهندا هئا ۽ اتي ڏينهن رات جي چوويهه ڪلاڪن ۾ اچڻ وڃڻ ۾ ڪو به مسئلو نه هوندو هو. اها ڳالهه ان ڪري آئون ايتري يقين سان ڪيان ٿو جو انهن علائقن ۾ مختلف سياسي ۽ ادبي گڏجاڻين ۽ دوستن سان ملاقاتن جي سلسلي ۾ منهنجو اڪثر وڃڻ ٿيندو رهندو هو. ان وقت فقير محمد لاشاري، حاجي مريد ڳوٺ ۾ رهندو هو، جيڏانهن وڃڻ لاءِ لالو کيت جي ڊاڪ خاني واري اسٽاپ تان وڃڻو پوندو هو، پر ڪڏهن اتي رهندي نه ته فقير کي ڪنهن ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ نه ئي ساڻس ملڻ لاءِ ويندڙ دوستن کي ڪا مشڪل پيش آئي.
مختلف علائقن مان لڏ پلاڻ جو عمل، جنهن کي ڪجهه دوست يوگوسلاويا جي صورتحال کان متاثر ٿي ethnic cleansing جو نالو به ڏيندا هئا، 1980ع جي ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي زور وٺڻ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ شهر جا گھڻا علائقا ٻاهرين ماڻهن لاءِ نو گو ايريا بڻجي ويا - ۽ انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو اتي قيدي بڻجي ويا.
ساڳئي ريت لياري ته ڄڻ رات جو جاڳندو هو. علائقي جون هوٽلون ۽ فٽ پاٿون ماڻهن سان آباد ٿي ويندون هيون. منهنجو به اهو معمول هوندو هو ته رات جو ماني کائڻ کانپوءِ ڪڏهن سنگولين ۾ آزاد بلوچ جي گھر، ته ڪڏهن لالا لعل بخش رند وٽ هليو ويندو هوس، جتي مختلف دوست گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف مسئلن تي ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ هرڪو پنهنجن گھرن ڏانهن روانو ٿيندو هو. ان بعد جيڪا صورتحال پيدا ٿي، ان ۾ اهڙي ڳالهه جو تصور ئي نه پيو ڪري سگھجي.
لياريءَ جا اهي علائقا ڄڻ ته نو گو ايريا بڻجي ويا هئا. لياريءَ جو مسئلو نسل ۽ ٻوليءَ کان وڌيڪ امن امان جو آهي - ۽ هتي جيڪي مختلف گينگ ڪم ڪري رهيا هئا، انهن ۾ به رڳو بلوچ نه، پر سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو شامل هئا.
اهڙي ريت اهي پنهنجي شڪار جي معاملي ۾ به اها تميز نه ڪندا هئا ته ان جو واسطو ڪهڙي ٻولي، ڪهڙي علائقي يا ڪهڙي نسل سان آهي؟
ان وقت شهر ۾ برٽش ڪائونسل، گوئٽي انسٽيٽيوٽ، آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۽ فرينڊشپ هائوس جون لائبريريون شاگردن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن لاء خاص ڌيان جو مرڪز هونديون هيون. انهن ۾ خاص طور فريئر هال جي سامهون آمريڪن ڪائونسل جي لائبريري پنهنجي ماحول ۽ بلڪل تازي مواد جي ڪري منهنجي لاءِ يونيورسٽيءَ مان فارغ ٿيڻ کان پوء ۽ نوڪريءَ دوران به وقت گذارڻ ۽ پاڻ کي اپ ڊيٽ رکڻ جو هڪ بهترين ذريعو هوندي هئي. انهن سڀني لائبريرين جي رڪنيت آساني سان ملي ويندي هئي. هونئن به اتي ٻين لاءِ به داخلا ايڏي ڏکي نه هوندي هئي. شهر جي حالتن ۽ ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جي صورتحال جي ڪري شهر جي ذهنن جي پرورش ڪندڙ اهي سڀ ذريعا هاڻي ختم ٿي ويا آهن. لڳي ٿو ته اهو سڀ ڄڻ موجود ئي نه هو.
شهر جو ماحول ماڻهوءَ کي هڪ خول ۾ بند رهڻ ۽ پوءِ ان جي سوراخ مان سڄي دنيا کي ڏسڻ ۽ ان جي بنياد تي پنهنجو نڪته نظر ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن هڪ سياسي يا ادبي تنظيم سان واسطو آهي ته، ان جو بلڪل اهو مطلب نه هوندو هو ته، اوهان اٺ پکي وانگر واريءَ ۾ مُنهن لڪائي پاڻ کي ئي سڀڪجهه سمجھي ٻين سڀني کان ڪٽجي ڌار ٿي بيهي رهو. جيڪڏهن منهنجو ان وقت سنڌي عوامي تحريڪ سان واسطو هو ته، ساڳئي وقت نوجوان محاذ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻين جماعتن جي دوستن سان به منهنجا لاڳاپا هوندا هئا. جيتوڻيڪ لالا لعل بخش رند، فصيح سالار، امام علي نازش، جمال نقوي ۽ ڄام ساقي وغيره سان تنطيمي طور تي منهنجو ڪو لاڳاپو نه هو، پر انهن سان ملاقات ۽ ڪچهري ڪرڻ ۽ انهن جي تجربن مان لاڀ حاصل ڪرڻ ۾ مون کي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿيندي هئي.
ساڳي ريت آئون جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن هئس ته ان جو اهو مطلب نه هو ته منهنجو عوامي ادبي انجمن يا انجمن ترقي پسند مصنفين سان ڪو واسطو نه هجي. منهنجي نظر ۾ اهي سڀ شيون سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ جي عمل جو حصو هيون ۽ انهن هڪ ٻئي جي نفي ڪرڻ بدران هڪٻئي کي اڃا مضبوط ٿي ڪيو. آئون ارتقا فورم قائم ڪرڻ وارن بنيادي ميمبرن ۾ شامل هوس، جنهن جو مقصد اهو هو ته ملڪ ۽ خاص طور تي شهر ۾ ترقي پسند سوچ کي اڳتي وڌائڻ لاء ڪم ڪجي. اهو فورم ۽ ان پاران نڪرندڙ رسالو ’ارتقا‘ اڃا تائين پنهنجو ڪم جاري رکندا اچن پيا.
هونئن ته هن وقت شهر ۾ وڏن نالن وارا گھڻا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ٿين ٿا، پر عوامي سطح تي مختلف تنظيمن ۽ فورمن وسيلي ماڻهن جي گڏجڻ جو جيڪو عمل اڳ هوندو هو، اهو هاڻي نه هئڻ برابر وڃي رهيو آهي. هونئن ته شهر وڌي ۽ ڦهلجي رهيو آهي، پر ماڻهو ڄڻ ته جسماني ۽ روحاني طور محدود ٿي ويو آهي. ڪجهه وقت اڳ ته کانئس هلڻ چلڻ، گھمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجي راءِ جو آزاديءَ سان اظهار ڪرڻ جا حق ڄڻ کسجي ويا هئا. جمهوري عمل، جيڪو شهر جي ڪلچر جو هڪ لازمي حصو هو، اهو به ڄڻ ماضي جي ڳالهه بڻجي ويو هو. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته ڪراچيءَ کان ڄڻ ته ان جو روح کسجي ويو هو.