آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

ڪي ڪردار ڪي ڳالهيون

بزنجي صاحب پليجي صاحب جي موڪليل بيان تي صحيح نه ڪئي!
غوث بخش بزنجي پنهنجي نئين سياسي جماعت - پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهي هئي. ڪراچيءَ جي گوليمار جي علائقي ۾ ان جو ڪنونشن ٿي رهيو هو. ان وقت آئون عوامي تحريڪ سان گڏ هوندو هئس. رسول بخش پليجي ڪنهن مسئلي جي حوالي سان بيان تيار ڪري ان تي مختلف سياسي اڳواڻن جون صحيحون پئي ورتيون. مون کي هن چيو ته، ”توهان ان ڪنونشن ۾ وڃو ۽ بزنجو صاحب سان ڳالهائي کيس ان بيان تي صحيح ڪرڻ لاءِ چئو.“
سندس چوڻ موجب آئون اتي پهتس. بزنجو صاحب جڏهن پنڊال ۾ آيو ته وٽس هلي ويس ۽ چيم ته، ”پليجي صاحب اوهان کي سلام ڏنا آهن ۽ هن بيان تي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“
هن منهنجي هٿ مان اهو بيان وٺي پڙهيو ۽ مون کي موٽائي ڏيندي چيائين، ”اسان ان مسئلي تي پاڻ پنهنجو موقف ڏينداسين، ڪنهن ٻئي جي تيار ڪيل بيان تي صحيح نه ڪنداسين.“

علي ياور جي ياد
علي ياور سان اٽڪل چاليهه سال پراڻي واقفيت هئي. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ سان گڏ هئس. پليجي صاحب جو ڪراچيءَ جي جن ’چين نواز گروپن ۽ فردن‘ سان واسطو هو، اسان به انهن سان رابطي ۾ هوندا هئاسين. علي ياور پاڪستان نوجوان محاذ جو اڳواڻ هو. ساڻس ان وقت جيڪي دوست گڏ هئا، انهن ۾ ڪليم دراني، احمد ڪامران ۽ ذوالفقار ڪاظمي به شامل هئا، جن سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. پاپوش نگر ۾ انهن جو ٺڪاڻو هوندو هو، جتي اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. ان کانسواءِ هڪ ٻه ڀيرا ان وقت نيشنل اسٽيڊيم جي ڀرسان ياور جي گھر پڻ ڪجهه گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيو هو. پوءِ ياور ڪلفٽن منتقل ٿي ويو ته ساڻس ملاقات ٿيڻ گھٽجي ويئي.
ٻين دوستن ۾ احمد ڪامران سان فيصل بينڪ جي انسپيڪشن دوران، جتي هو ڪنهن وڏي عهدي تي هو، ملاقات ٿيندي هئي. هو هاڻي دبئيءَ ۾ آهي ۽ ساڻس فيس بڪ وغيره وسيلي رابطو رهندو آهي. ذاولفقار ڪاظمي سي ايس ايس ڪري ڪسٽم ۾ هليو ويو هو. ساڻس آخري ڀيرو شيخ اياز جي پرنس ڪامپليڪس واري فليٽ تي ملاقات ٿي هئي، جتي هو شيخ اياز جي ڪنهن ڪم لاءِ آيو هو. ڪليم دراني اهو واحد ماڻهو آهي، جنهن سان لاڳيتو رابطو رهندو آهي. هو جڏهن پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ لاهور ۾ هو ته اتي به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ۽ هتي ڪراچيءَ ۾ به مختلف حوالن سان ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي.
ياور پنهنجي بيماري وغيره جي ڪري گھڻي عرصي کان گھر تائين محدود هو، پر دوستن وغيره ذريعي سندس متعلق خبر چار ملندي رهندي هئي. نرم ڳالهائڻ وارو، پر پنهنجي موقف تي ڪمپرومائز نه ڪندو هو. اها هڪ مثبت ڳالهه آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ جي آخري وقت تائين جنهن نظرئي ۽ موقف سان، شروع کان لاڳاپيل هو، ان تي قائم رهيو.

نيٺ ڊاڪٽر ڪلنڪ بند ڪري وڃي گهرِ ويٺو!
عوامي تحريڪ ۾ اسان سان گڏ ڊاڪٽر عمر جاگيراڻي هوندو هو. آئون ان وقت سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن ۾ ڪم ڪندو هئس. ڊاڪٽر صاحب سنڌ حڪومت جو ميڊيڪل آفيسر هو، جيڪو اسان جي آفيس جي سامهون سنڌ اسميبلي بلڊنگ ۾ ڊسپنسريءَ ۾ ويهندو هو. اتي وٽس ڪڏهن دوا وٺڻ ۽ ڪڏهن ائين ملاقات لاءِ ويندو رهندو هئس. ان کانسواءِ ڊاڪٽر صاحب شام جو لياري جي علائقي ’ميران ناڪي‘ تي پنهنجي ذاتي ڪلينڪ به هلائيندو هو، جتي اڪثر منهنجو وڃڻ ٿيندو هو. ڊاڪٽر جو مقصد علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هوندو هو. هو ماڻهن کان نهايت نالي ماتر پيسا وٺندو هو. هو گارڊن ۾ سنڌ حڪومت جي سرڪاري فليٽن ۾ رهندو هو ۽ اتان شام جو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ پنهنجي ڪلينڪ تي ايندو هو. هڪ ڀيري آئون سندس ڪلينڪ تي ويس ته، مون کي چيائين، ”ادا آئون هيءَ ڪلينڪ هاڻي بند ٿو ڪيان.“
مون پڇيس، ”سائين، خير ته آهي؟“ چيائين، ”ڳالهه اها آهي ته پاسي ۾ هڪ ڪمپائونڊر ڪلينڪ کولي آهي. هو روز سوٽ بوٽ ۾ پنهنجي ڪار ۾ ڪلينڪ اچي ٿو ۽ ماڻهن کان چڱي خاصي في وٺي ٿو. منهنجا گھڻا مريض هاڻي ان کان دوا وٺن ٿا ۽ منهنجي لاءِ هو چون ٿا ته، هي ڪهڙو ڊاڪٽر آهي، جيڪو شلوار قميص ۾، بس ۾ سوار ٿي ڪلينڪ تي اچي ٿو. اسان کان حال احوال به وٺي ٿو ۽ في به بلڪل معمولي ٿو وٺي. ان مان اسان کي ڪهڙو فائدو پوندو.؟“
سو غريب کي متاثر ڪرڻ، سندس جهڙو ٿيڻ نه، پر کانئس مختلف ٿيڻ ۽ ٺٺ ٺانگر ڪرڻ ضروري آهي. نيٺ ڊاڪٽر صاحب پنهنجن ماڻهن جي خدمت جي ان جذبي کي پاڻ وٽ رکي ڪلينڪ بند ڪري وڃي گھر ويٺو.

اسان جو هڪ استاد
حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول ۾ عبدالرزاق ڀنڊ نالي هڪ استاد هوندو هو، جيڪو اسان کي سنڌيءَ جو مضمون پڙهائيندو هو. سائينءَ کي پنهنجن اکرن سان گھڻو پيار هوندو هو، تنهن ڪري چاهيندو هو ته، سندس شاگرد سندس اکرن جي تعريف ڪن.
ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ سان بليڪ بورڊ تي مختلف اکر لکي شاگردن ڏانهن ڏسندو هو، جنهن مان شاگرد سمجهي ويندا هئا ته، سائين ڇا ٿو ٻڌڻ چاهي. پوءِ هو وڏي واڪ چوندا هئا، ”سائين اوهان جا اکر ته هيرا آهن.... اهي موتي آهن.... سائين اهي اسان کي ڏيو ته گھر ۾ شوڪيس ۾ سجائي رکون....“ ڪي شاگرد ته پنهنجي ڊيسڪ تان اٿي بليڪ بورڊ تائين هليا ويندا هئا ۽ اکرن تي پيا هٿ هڻندا هئا.
هڪ ڀيري ائين ٿيو ته، سائين ڪلاس وٺي رهيو هو ۽ اسان جو هڪ ڪلاس فيلو دير سان آيو. هن ڪلاس روم جي در وٽ بيهي اجازت گھرندي چيو، May I come in Sir –
سائين اهو ٻڌي ماڳهين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. رڙ ڪري ان کي چيائين، ”اڙي هڪ دير سان آيو آهين ۽ ٻيو وري انگريزي ٿو ڳالهائين؟“ اهو چئي سائين ڪلاس ڇڏي ان ڇوڪري پويان ڀڳو ۽ ان کي اسڪول کان ٻاهر ڇڏي پوءِ موٽيو.

دوستن کان غلطيون ائين به ٿينديون آهن!
ڪجهه وقت اڳ ۾ آئون آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو هئس ته موبائل فون تي امير ابڙي جو فون آيو. مون کي اها خبر هئي ته هو پاڪستان آيل آهي. مون فون اٽينڊ ڪيو. ٻئي پاسي کان امير جو مانوس آواز آيو ته، ”رئوف ڀائي مين امير ابڙو لندن والا بات ڪررها هون. آپ سي ايک ضروري بات ڪرني هي.“
مون کي امير جي مذاق ڪرڻ واري عادت جو اندازو هو، تنهن ڪري مون ساڳئي انداز ۾ کيس جواب ڏيندي چيو ته، ”يار اس وقت مين مصروف هون، آڌي گھنٽي مين تمهين فون ڪرتا هون.“ سندس اصرار هو ته نه، هينئر ئي ڳالهائجي، پر مون کيس اڌ ڪلاڪ کانپوءِ فون ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو. اتفاق سان آئون جلدي فارغ ٿي ويس ۽ فوراً ئي کيس فون ڪيم. چيائين ته، ”تو ۾ هڪ ڪم هو.“ مون چيس ته، ”چئه.“ چيائين، ”انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ منهنجو جيڪو دوڪان آهي، ان جي مسواڙ گھڻي ملندي؟“
منهنجي لاءِ سندس اهو سوال بلڪل ئي غير متوقع هو. مون کيس چيو، ”يار، منهنجو ان ڪم سان ڪڏهن به ڪو واسطو نه رهيو آهي ۽ مون کي ان جو ڪو اندازو به ناهي.“ تڏهن کيس اندازو ٿيو ته هو غلط ماڻهوءَ سان ڳالهائي رهيو هو. مون کي چيائين ته، ”يار، مون مارڪيٽ جي ڪنهن رئوف کي فون ڪرڻ پئي چاهي، اتفاق سان تنهنجو نمبر آڏو اچي ويو.“ مون چيس، ”ڪا ڳالهه ناهي، ان بهاني پاڻ هڪ ٻئي سان حال احوال ڪري سگھون ٿا، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ايتري ويجھڙائي ۽ ايتري گھڻي دير تائين ڳالهائڻ جي باوجود تو منهنجو آواز نه سڃاتو.“
بهرحال ڪجهه رسمي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ مون سندس پاران غلطيءَ جو اعتراف ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. بهرحال سندس لاءِ نيڪ خواهشون آهن.