آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

نرگس هودڀائي، سندس هڪڙي شڪايت

نرگس هودڀائيءَ سان منهنجي واقفيت ڊاڪٽر فيروز احمد جي حوالي سان ٿي هئي. اُن وقت هوءَ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي باٽني ڊپارٽمينٽ ۾ هوندي هئي ۽ آئون ايڪنامڪس ۾ هئس. يونيورسٽيءَ کان پوءِ به اهو سلسلو هلندو آيو. انگريزي اخبارن ۾ ته هوءَ لکندي هئي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن سنڌيءَ ۾ هلال پاڪستان ۾ به ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هوءَ جيتوڻيڪ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۾ رهي هئي، پر سندس ڪالمن جو موضوع سياست نه، پر صوفي خيال هوندا هئا. ان وقت منهنجو ڀاءُ شڪور به هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندو هو. ڪجهه عرصو ڪالم لکڻ کانپوءِ کيس انهن کي ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪرڻ جو خيال آيو. ان سلسلي ۾ هوءَ شڪور کان مدد وٺڻ لاءِ اسان جي بغداديءَ واري گھر ايندي هئي. اتي هوءَ، امان ۽ گھر جي ٻين ماين سان ائين ويهي ڪچهري ڪندي هئي، جيئن عام مايون ڪنديون آهن. لکڻ سان گڏ کيس صوفي راڳ جو به شوق هوندو هو. سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ به ٻه ٽي ڀيرا هن پنهنجي ان شوق جو مظاهرو ڪيو هو.
نرگس جيتوڻيڪ سياسي طور سرگرم نه هئي، پر سماجي ۽ ادبي حوالي سان سندس هڪ ڪردار هو. هن جا ڪم ٻين کان مختلف ئي هوندا هئا.
نرگس ڪجهه وقت کانپوءِ ”گل بهائو“ جي نالي سان هڪ اين جي او قائم ڪئي هئي. ان جي ٺهڻ جي شروعاتي مرحلي ۾ آئون به ساڻس گڏ هئس. ان جو ڪم ماڻهن جي گھرن مان سُڪو ڪچرو، پئسن تي خريد ڪرڻ هوندو هو. ان جو نعرو اهو هو ته، ”ڪچرو ڏيو ۽ سون ڪمايو.“ ان اين جي او کي هن گھڻو عرصو هلايو. آئون سمجھان ٿو ته هن ان تي هڙان وڙان خرچ ڪيو ۽ گھڻي ڀاڱي اڪيلي سر ئي اهو ڪم پئي ڪندي هئي. ان مان کيس ڇا حاصل ٿيو، آئون نه ٿو سمجھان ته ٻين اين جي اوز وانگر هن ان مان ڪي فائدا حاصل ڪيا هوندا.
نرگس، لطيف چوڌري سان شادي ڪئي هئي. اهي ٻيئي ڪنهن وقت ۾ اين ايس ايف ۾ گڏ ڪم ڪندا هئا. لطيف سان به منهنجو محبت ۽ دوستيءَ وارو ناتو هو. اسان ٻيئي ’اداره امن و انصاف‘ جي رسالي ’جفاڪش‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر هئاسين. ان جي وقت بوقت ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي هئي. لطيف، اسٽيٽ لائف انشورنس ۾ ڪم ڪندو هو ۽ سندس آفيس اسانجي آفيس جي ويجھو هئي، ان ڪري ساڻس رستي پنڌ به ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي هئي. هڪ اڌ ڀيرو گارڊن ۾ جماعت خاني جي ويجھو سندن گھر به منهنجو وڃڻ ٿيو هو.
نرگس کي پنهنجن گھڻن سنڌي دوستن کان اها شڪايت هوندي هئي ته، ’اهي ڪراچيءَ جي اسماعيلي خوجن کي سنڌي نه ٿا سمجھن ۽ اسان سان بلڪل ڌارين وارو ورتاءُ ٿا ڪن، جڏهن ته اسان سنڌي ڳالهايون ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ لکون پڙهئون ٿا،‘ پر اها ساڳي شڪايت مون سميت ڪراچي جي گھڻن ٻين سنڌين کي به رهي آهي.

پراڻو ڌوٻي گهاٽُ
بابا جڏهن لياريءَ جي نوآباد مان لڏي اچي ڊي ڊي چوڌري روڊ بغدادي ۾ پنهنجو گھر ٺاهيو ته اهو علائقو ان وقت پرسڪون سمجهيو ويندو هو. گھر جي سامهون ئي پراڻو ڌوٻي گھاٽ هوندو هو. جيتوڻيڪ نئون ڌوٻي گھاٽ، گارڊن واري پاسي قائم ٿيو هو، پر هتي اڃا ڌوٻي رهندا هئا ۽ ڪي پنهنجو ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم به ڪندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ انهن به پنهنجو ڪم بند ڪري ڇڏيو هو، پر اڃا اتي انهن جا گھر هوندا هئا. اها زمين انهن ڌوٻين جي ملڪيت هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ڌوٻين علائقي جي مختلف ٺيڪيدارن سان ڳالهايو ۽ اتي ڏسندي ڏسندي گھڻيون، ڪيئي ماڙ عمارتون ٺهي ويون. جن ۾ ننڍا، کُڏين جيترا سوين فليٽ آهن. اهي هن وقت سڀ آباد آهن ۽ انهن جي هيٺان مختلف شين جا دڪان آهن.
ڪجهه وقت کانپوءِ ان روڊ تي ليمارڪيٽ ٽيليفون ايڪسچينج قائم ٿي، جنهن جي قائم ٿيڻ سان ماڻهن کي سهولت ته ملي، پر ساڳئي وقت هو ڏچي ۾ به اچي ويا. شايد لائنون وڇائيندي سيوريج جي لائينن کي ڪو نقصان پهتو هو، جنهن ڪري سڄو علائقو گندي پاڻي سان ڀرجي ويو. اها ڪا هڪ اڌ ڏينهن يا ڪجهه وقت جي ڳالهه نه هئي، پر لاڳيتو مهينن تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. ماڻهو نه رڳو پنڌ هلي نه سگھندو هو، پر ڪو رڪشا وغيره به اچڻ لاء تيار نه هوندو هو. گھڻي وقت کانپوءِ اهو مسئلو وڃي حل ٿيو. اهو علائقو هن وقت ساڳيءَ ريت تنگ ۽ شور سان ڀريل آهي، جيئن اوسي پاسي جا ٻيا علائقا آهن.

پراڻي ڪراچي جو ’ڏيلو‘
پراڻي ڪراچي شهر جي گھڻن علائقن ۾ اهڙا وڏا ڪمپائونڊ آهن، جن کي ’ڏيلو‘ چيو ويندو آهي. اهو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ’ويڙهي،‘ جنهن ۾ مائٽن جا ئي گھر هوندا آهن، کان مختلف آهي. اهو ڀارت جي گجرات، ڪڇ ۽ ڀڄ وغيره جي علائقن سان گھڻي هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ هتي گھڻو ڪري انهن ماڻهن جي آبادي آهي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ اُتان جي علائقن مان هتي اچي آباد ٿيا آهن.
هتي رڳو گھر نه، پر ننڍا گھڻ ماڙ فليٽ پڻ ٺهيل آهن، جيڪي سوَنِ جي تعداد ۾ آهن. اهي ماڻهو ضروري ناهي ته هڪٻئي جا مائٽ هجن، پر هرڪو هڪٻئي کان واقف ۽ هڪٻئي جو خيال رکڻ وارو هوندو آهي. ڪنهن اوپري ۽ ڌارئي ماڻهوءَ جو ’ڏيلي‘ ۾ اندر داخل ٿيڻ ڏکيو ڪم هوندو هو. ان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ کانسواء ڪيترن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا هئا.