ڊاڪٽر فيروز احمد
ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيمسٽري ۾ ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا هليو ويو، جتي هن سوشيالوجي ۾ پي ايچ ڊي ڪئي. ساڳئي وقت هو اتي ويٽنام جي جنگ خلاف ۽ ٻين سياسي تحريڪن ۾ شامل پڻ رهيو. هن اتان انگريزيءَ ۾ پاڪستان ۽ عالمي مسئلن متعلق هڪ رسالو ’پاڪستان فورم‘ پڻ ايڊٽ ڪيو هو. جڏهن هو پاڪستان موٽيو ته ان وقت هو آمريڪا ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائي رهيو هو. هتي ڊاڪٽر غلام علي الانا پاران کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالوجي ڊپارٽمنٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي جي آڇ ڪئي ويئي، پر هن چيو ته هو جيئن ته آمريڪا ۾ به اسسٽنٽ پروفيسر هو، ان ڪري هتي به ساڳي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪندو ۽ کيس ڪا به وڏي حيثيت نه گھرجي.
سنڌ جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ شايد اها صلاحيت ناهي ته اهي قابل، ذهين ۽ ايماندار ماڻهن کي هضم ڪري سگھن ۽ انهن جي صلاحيتن مان فائدو وٺي ڪو جوڳو ۽ ڪارائتو ڪم ڪري سگھن. فيروز ٿورو عرصو ئي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلي سگھيو. نيٺ کيس نوڪري ڇڏڻي پئي. اهو شايد الياس ابڙو جي وائس چانسلر هئڻ وارو دور هو. هو ٻڌائيندو هو ته، اتي علمي ڪم کان وڌيڪ سازشن، خوشامد ۽ هڪ ٻئي جي ٽَنگن ڪڍڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪارڻ اهڙي ماحول ۾ اهڙي ماڻهوءَ جو رهڻ ڏکيو هو، جيڪو واقعي علمي ڪم ڪرڻ ۽ شاگردن جي ذهني تربيت ڪرڻ چاهيندو هجي.
پاڪستان موٽڻ کان پوءِ هن پنهنجي سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ سڌاري آڻڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو هو. هو باقاعدي پنهنجي ڪچهرين ۽ لکڻين ۾ دوستن جي صورتخطي ۽ گرامر وغيره جي غلطين جي نشاندهي ڪندو هو. عوامي تحريڪ جي ترجمان ’تحريڪ‘ رسالي ۾ محمد وريل شاه جي قلمي نالي سان سندس مضمون شائع ٿيندا هئا. ڪراچيءَ جي علائقي گارڊن ۾ سندس گھرُ، پارٽيءَ جي ننڍن وڏن؛ سڀني ڪارڪنن لاءِ کُليل هوندو هو. ڪراچيءَ کان ٻاهر کان آيل ڪي ڪارڪن ته اتي راتين جو به ٽِڪي پوندا هئا. مهمان نوازي ته هميشه ٿيندي هئي. عيد ۽ ٻين ڏينهن جي موقعي تي خاص اهتمام هوندو هو. گھر جي ڪم جو ذمو رڳو سندس گھر واري نادره بلي نه هوندو هو، پر هو پاڻ به ڪم ۾ برابريءَ جي بنياد تي شامل هوندو هو. اهڙن دوستن لاءِ جيڪي ڊگھي عرصي تائين گھر ۾ قيام ڪندا هئا، اهو اصول هوندو هو ته، اهي پنهنجو ڪم ڪن ۽ گھر جي رڌ پچاءَ ۽ ٻئي ڪم ۾ به هٿ ونڊائين.
هو دوستن کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ مختلف ڪتاب ٻڌائيندو هو، پر پنهنجي ذاتي لائبريري مان انهن کي پڙهڻ لاءِ به ڪتاب ڏيندو هو. ساڳئي وقت هو ان ڳالهه جو به خاص خيال رکندو هو ته ڪتاب پڙهيو وڃي، نه ڪي ان تي ٻوڙ هاريو وڃي ۽ ان کي نقصان پهچايو وڃي.
پنهنجي راءِ ايمانداريءَ سان رکڻ ۽ ڪنهن سياسي مخالف جي اجائي ۽ ذاتي مخالفت کان پاسو ڪرڻ سندس خاصيت هئي. ان جو هڪ مثال مون کي مرحوم هدايت منگيءَ ٻڌايو هو. اهو ان دور جو واقعو آهي، جڏهن ڊاڪٽر فيروز احمد عوامي تحريڪ ڇڏي چڪو هو ۽ آئون اڃا ان سان گڏ هوس. هدايت جو چوڻ هو ته، دادوءَ ۾ جڏهن هڪ پروگرام دوران دوستن کانئس اهو پڇيو ته، ”رئوف جي لياري سنگت مان رڪنيت ختم ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟“ ته سندس چوڻ هو ته، اهو غلط ۽ سنگت جي آئين جي خلاف ٿيو آهي. ان وقت اهي دوست به ساڻس گڏ هئا، جن اهو ڪم ڪيو هو، پر هدايت سنڌ جي عام سياسي روايتن کي نظر ۾ رکندي اهو نتيجو ڪڍيو ته، رئوف، فيروز جو ماڻهو آهي، جنهن جو هن مون سان ذڪر پڻ ڪيو. هو جيستائين عوامي تحريڪ سان گڏ رهيو، تيستائين پنهنجو ڪم سرگرميءَ سان انجام ڏيندو رهيو. رسول بخش پليجي صاحب سان سندس اختلافن ۽ عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ به مختلف موقعن تي هو اها ڳالهه ڪندو هو ته، سنڌ ۾ رسول بخش پليجو وڏين صلاحيتن وارو ماڻهو آهي، پر هو انهن کي صحيح مقصدن لاءِ استعمال نٿو ڪري.
مون کي ائين لڳي ٿو ته، پاڪستان اچڻ جو سندس مقصد سنڌ جي سياست کي هڪ دانشوراڻي ۽ نظرياتي بنياد فراهم ڪرڻ هو، جنهن جي لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي ۽ عوامي تحريڪ جي چونڊ ڪئي. پارٽي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ نه ته هن پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ خلاف ڪا پروپئگنڊا ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ باقاعدي شامل ٿيو يا ڪو ٻيو گروپ يا پارٽي جوڙيائين، جيئن پاڪستان جي کاٻي ڌر ۾ عام لاڙو آهي ۽ جنهن لاءِ وٽس وڏي گنجائش پڻ هئي. ان جي بدران هن پنهنجو سڄو ڌيان لکڻ پڙهڻ ۽ ماڻهن جي ذهنن ٺاهڻ جي ڪم تي ڏنو. ان وقت به هو سنڌ ۾ مختلف علائقن جا دورا ڪندو رهندو هو، مختلف سياسي ڌرين جي ماڻهن سان واسطي ۾ هوندو هو ۽ انهن جي ليڪچر پروگرامن وغيره ۾ شريڪ ٿيندو هو.
’پاڪستان فورم‘ کي ڪراچيءَ مان اڙدو ۾ جاري ڪرڻ جو مطلب ان کي ڪنهن سياسي جماعت جي ترجمان يا نئين سياسي جماعت لاءِ زمين هموار ڪندڙ رسالي طور پيش ڪرڻ نه هو، پر اهو پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جو هڪ آزاداڻي نقطه نظر پيش ڪندڙ ۽ ضياء الحق جي آمريت جي دور ۾ جمهوري قدرن جي ترجماني ڪندڙ هو. ان لاءِ هڪ فرد جي طور کيس گھڻين ڏکيائين کي منهن به ڏيڻو پيو. رسالي ۽ ان جي ايڊيٽر جي خيالن جي نوعيت کي ڏسندي ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي اشتهارن يا ٻي ڪنهن مالي مدد جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو.
هونئن به ڪنهن قسم جي مالي منفعت کان وڌيڪ رسالي جو مقصد پنهنجي ڪاز کي اڳتي وڌائڻ هو. انهن مالي رڪاوٽن کانسواءِ سرڪار جو دٻاءُ ان کان ڌار هو، جنهن جو اندازو اهي ماڻهو ئي ڪري سگھن ٿا، جيڪي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هئا، خاص طور تي اهي جيڪي ظاهر يا لڪل نموني ڪنهن قسم جي پبلشنگ جو ڪم ڪندا هئا.
گھڻي عرصي تائين ان ڪم کي جاري رکڻ کان پوءِ ڊاڪٽر فيروز احمد نيٺ پنهنجي گھر واريءَ سان گڏ آمريڪا موٽي ويو. ان کان پوءِ هو هتي مختلف وقتن تي ڪجهه ڏينهن لاءِ ته ايندو هيو، پر مستقل رهائش لاءِ نه آيو. جڏهن هو هتي ايندو هو ته، گارڊن تي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ رهندو هو، جڏهن ته سندس گھر واري پاپوش نگر، ناظم آباد ۾ پنهنجن مائٽن وٽ رهندي هئي. هو پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪراچي ۽ ان کان ٻاهر سڀني دوستن کي ڏيندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته انهن سان سندس ملاقات ٿئي.
هڪ ڀيري ٺٽي ۾ لکانو بهراڻي ۽ مير پور ساڪرو ۾ ڪجهه دوستن سان ملاقات لاءِ آئون ۽ آزاد بلوچ به ساڻس گڏ هئاسين. اهي ملاقاتون گھڻي ڀاڱي ذاتي حوالي سان هونديون هيون. جڏهن گارڊن واري سندس ڀاءُ واري گھر تي ساڻس ملڻ وڃبو هو ته، هو ڀوڳ ڪندي پنهنجي ڀاءُ، جيڪو ڊان اخبار ۾ مختلف موضوعن تي ايڊيٽر ڏانهن خطن واري ڪالم ۾ خط لکندو رهندو هو، متعلق چوندو هو ته، ”منهنجو ڀاءُ سمجھي ٿو ته آئون آمريڪا مان هتي رڳو سندس اهي خط پڙهڻ اچان ٿو. اهڙي ريت هو منهنجي اچڻ سان ئي سڀني خطن جو فائل کڻي اچي منهنجي اڳيان رکي ٿو.“
آمريڪا ۾ هوندي سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته هو سنڌ جي حالتن کان آگاهه رهي ۽ دوستن سان لاڳاپي ۾ رهي. دوستن جي لکڻين تي پنهنجن خيالن جي اظهار ڪرڻ کانسواءِ مختلف دوستن هٿان پنهنجيون لکڻيون ان مقصد کان موڪليندو هو ته انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هتي ڇپرايو وڃي. انهن لکڻين کي ٻين دوستن سان گڏ خاص طور مرحوم رحمان خاصخيلي ڏاڍي شوق سان ترجمو ڪندو هو ۽ انهن کي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ ڇپرائبو هو. مهاجر عليحدگي پسندي تي سندس هڪ اهم ۽ ڊگھي مضمون (جيڪو پوءِ اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ پڻ شائع ٿيو) کاٻي ڌر جي حلقن ۾ هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو ۽ گھڻن غير سنڌي حلقن، جن ۾ سندس دوست پڻ شامل هئا، کيس هڪ سنڌي قومپرست ڪري پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو.
ڊاڪٽر فيروز احمد سگريٽ گھڻا ڇڪيندو هو ۽ شايد ان ڪري ئي کيس ساهه جي ۽ ان جي نتيجي ۾ دل جي تڪليف ٿي پيئي هئي. آخري ڀيرو جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته ان وقت هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ آپريشن ڪري سندس دل ۾ پيسر لڳايو ويو هو. ان وقت هن شايد سگريٽ به گھڻي ڀاڱي ڇڏي ڏنا هئا ۽ پنهنجي صحت جو به گھڻو خيال رکڻ لڳو هو. نومبر 1997 ۾ جڏهين آئون لياريءَ ۾ پنهنجي پراڻي گھر کان گلشن حديد اچڻ جي تيارين ۾ هوس ته، هڪ دوست جو فون آيو ته، فيروز جو آمريڪا ۾ انتقال ٿي ويو آهي. سندس تدفين به اتي ئي ٿي. اهڙي ريت آئون هڪ سٺي دوست ۽ استاد - ۽ سنڌ پنهنجي هڪ هونهار پٽ کان محروم ٿي ويئي.