آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

بندر روڊ کان ڪيماڙي

گھڻي وقت کانپوءِ بندر روڊ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. شروع کان اها ڪراچي جي هڪ اهم سڙڪ رهي آهي، جيڪا شهر کي بندرگاه سان ڳنڍي ٿي ۽ ان نسبت سان ئي ان جو نالو آهي. ڪراچي جون گھڻيون پراڻيون جايون ۽ سڙڪون اهڙيون آهن جن جي نالن بدلائڻ سان ماڻهن تي ڪو فرق نه پيو آهي ۽ اهي انهن کي ساڳين پراڻن نالن سان ياد ڪن ٿا. بندر روڊ به انهن ۾ شامل آهي. مون کي ياد آهي ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهين ايوب خلاف تحريڪ هلي رهي هئي ته هن ئي روڊ تي خاص طور شاگردن جا جلوس نڪرندا هئا. هڪ ڀيري پنهنجي ليکي ائين گھمندي ڦرندي آئون به هڪ اهڙي جلوس ۾ شامل ٿي ويو هوس.
اها سڙڪ باقاعدي هڪ رٿا بندي تحت ٺاهي ويئي هئي جنهن جي پاسن کان پنڌ هلندڙ ماڻهن لاء فٽ پاٿ ۽ سروس روڊ هوندا هئا. ان دور جو هڪ مشهور فلمي گانو هوندو هو بندر روڊ سي ڪيماڙي، ميري چلي هي گھوڙا گاڙي، بابو هوجانا فٽ پاٿ پي. ان سڙڪ تان ئي ٽرام چاڪيواڙي ۽ صدر ڏانهن ويندي هئي.
هاڻي بندر روڊ ۾ گھڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن. هن وقت انهن فٽ پاٿن وغيره تي دوڪاندارن وغيره جو قبضو آهي ۽ پنڌ هلندڙ ماڻهن لاء ڪا سهولت ناهي جڏهين ته ٽرام گھڻو عرصو اڳ بند ٿي چڪي آهي.
شهر جون گھڻيون اهم عمارتون اڃا ان سڙڪ تي ئي موجود آهن. سڙڪ جي مهڙ ۾ نيٽي جيٽي جي پل جي هيٺان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي تاريخي عمارت آهي. ٿورو اڳتي ميري ويدر ٽاور آهي جنهن جي هڪ پاسي بندرروڊ ۽ ٻئي پاسي ميڪلوڊ روڊ آهي. هونئن به ورهاڱي کان اڳ ئي هتي مختلف سياسي جماعتن ۽ ٽريڊ يونين وغيره جا دفتر رهيا آهن. ساڳي وقت اهو هڪ تجارتي مرڪز پڻ رهيو آهي. بولٽن مارڪيٽ انگريزن جي ان سلسلي جو ئي هڪ حصو آهي جنهن تحت لي مارڪيٽ ۽ ايمپريس مارڪِيٽ وغيره جي تعمير ٿي هئي. اها ٻي ڳاله آهي ته مذهبي جھيڙن ۾ مارڪيٽ کي باه ڏيئي ساڙيو ويو ۽ هاڻي اها پنهنجي اصل حالت ۾ موجود ناهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوء جامع ڪلاٿ ۽ ٻيون گھڻيون مارڪيٽون وغيره ان سڙڪ تي قائم ٿيون. اهڙي ريت ڪي ايم سي هيڊ آفيس جي شاندار عمارت جنهن جي پوري ريت سار سنڀال نه ڪئي ويئي آهي. ڊينسو هال، مشهور خالقڏنو هال، ٿيوسافيڪل هال، ريڊيو پاڪستان ۽ ان جي ڀر ۾ جانورن جي پراڻي رچمنڊ هاسپيٽل جتي ننڍي هوندي هڪ ڀيرو آئون به پنهنجي چاچي سان گڏ ويو هوس ان ئي سڙڪ تي آهن. ٿورو اڳتي اين جي وي هائي اسڪول، پارسين جي ڇوڪرين جي لاء ماما پارسي اسڪول وغيره ان سڙڪ جون اهم نشانيون آهن. ڏٺو وڃي ته سول هاسپيٽل ۽ ڊو ميڊيڪل ڪاليج، جيتوڻيڪ ٿورو پاسيرا آهن پر هڪ لحاظ کان بندر روڊ سان لڳ هئڻ ڪري انهن کي ان جو حصو ئي ڳڻي سگھجي ٿو.
بندر روڊ ڄڻ هڪ لحاظ کان ڪراچي جو مرڪز رهيو آهي. هڪ پاسي کان اهو پراڻي شهر ۽ ٻڌي واپار وارين بازارن سان ڳنڍيل آهي ته ان جي ٻئي پاسي صدر ۽ ڪنٽونمنٽ جا علائقا آهن.
هينئر تازو اسان فريئر روڊ کان ريگل چوڪ جي رستي بندرروڊ تي داخل ٿياسين. هتي هاڻي هڪ ته ريگل سينيما نه رهي آهي پر علائقو اڃا به ان ئي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سينيما جي پويان ڪنهن وقت اسٽيٽ بينڪ جا آفيسرز فليٽ هوندا هئا. اهي فليٽ جيتوڻيڪ اڃا به موجود آهن پر اهي بينڪ جي هڪ اڳوڻي گورنر عشرت حسين رينجرز کي ڏيئي ڇڏيا هئا ۽ اهڙي ريت اهي هاڻي اسٽيٽ بينڪ جي ملڪيت نه رهيا آهن. هتان بندر روڊ تي داخل ٿيڻ سان ڪجھ نيون ۽ ڪجھ پراڻيون شيون نظر اچن ٿيون. شروع ۾ ئي گاڏين جي اسپيئر پارٽس جي دوڪانن وٽ پنجابي جو ناميارو شاعر ۽ اسان جو دوست بابا نجمي ڪم ڪندي نظر ايندو هو. هاڻي شايد هو هتان هليو ويو آهي ۽ اتي نظر نه آيو. ٿورو اڳتي پلازه سينيما کي گھڻو عرصو اڳ ڊاهي اتي نئين عمارت جي تعمير جي پيڙه رکي ويئي هئي. پر اهو ڪم اڳتي نه وڌي سگھيو آهي ۽ جتي آهي اتي ئي آهي. شايد ان ۾ ڪو قانوني مسئلو آهي. ان جي سامهون ئي رمپا پلازه آهي جيڪا ڪنهن وقت بندر روڊ جي هڪ اهم عمارت ليکي ويندي هئي. ان جي ڪجھ فلورن تي مشهور چرنيا هسپتال هوندي هئي. سڄي عمارت ۾ گھڻن ڊاڪٽرن جون آفيسون هونديون هيون. ٽين ماڙ تي اداره امن و انصاف ۽ نائين ماڙ تي سگا جا دفتر هوندا هئا. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي مختلف وقتن تي انهن ٻنهي جاين تي پنهنجيون گڏجاڻيون ڪندي هئي ۽ گڏجاڻين کانپوء دوست مٿي ڇت تي اسپتال جي ڪينٽين ۾ وڃي چانه پيئندا ۽ غيررسمي ڪچهريون ڪندا هئا.
ان عمارت جي مناسب سار سنڀال نه هئڻ ڪري، جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو ويندو هو ته گھڻين آفيسن وغيره وارا مينٽينينس جا ماهوار پئسا نه ڏيندا هئا، لفٽون اڪثر خراب هونديون هيون جنهن جي ڪري خاص طور اسپتال جي مريضن کي گھڻي تڪليف سهڻي پوندي هئي. صفائي جو مناسب انتظام نه هوندو هو. ان جي نتيجي ۾ گھڻن ڊاڪٽرن پنهنجيون آفيسون ان سڙڪ تي اڳتي نئين ٺهيل تاج ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ منتقل ڪري ڇڏيون. پر ڏٺو وڃي ته بندر روڊ جي رش وغيره جي ڪري ڊاڪٽر هتي به مطمئن نه هئا ۽ انهن مان گھڻا ڪلفٽن ۽ شهر جي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. چارانيا اسپتال جا پهرين مالڪ ۽ نالو بدليو ۽ پوء ماڳيئي اسپتال ئي بند ٿي ويئي. ٽئين فلور تي اداره امن وانصاف جي دفتر تي دهشت گردن جي حملي ۾ ڪيترا ئي دوست مارجي ويا ۽ دفتر به بند ٿي ويو. هن وقت رمپا پلازه ۾ ڪجھ آفيسون ئي وڃي رهيون آهن جن ۾ سگا جي آفيس به شامل آهي. پر ان پلازه جيِ اها پراڻي شان باقي نه رهي آهي. ان جي ڀرسان ئي شاپنگ سينٽر گل پلازه آهي جنهن سان لڳ محمدي ٽرام وي ڪمپني جو ڊيپو هو جتي ڪراچي جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ ٽرامون بيهنديون هيون. ٽرامن جي بند ٿيڻ کانپوء اها جاء سرڪاري بسن وغيره جي بيهڻ لاء به استعمال ٿيندي هئي. پرپوء هتي ڪجھ تعمير جو ڪم هليو هو جيڪو ائين ئي رهجي ويو هو ۽ گھڻي عرصي کان پلاٽ ائين ئي پيو هو. هن وقت اتي ڪنهن عمارت جي تعمير ٿي آهي.
تاج ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ڀرسان سي بريز جي نالي سان هڪ وڏي عمارت ٺاهي ويئي هئي پر اها عمارت پنهنجي تعميراتي خرابين وغيره جي ڪري ڪامياب نه وڃي سگھي ۽ ڪجھ دوڪانن ۽ آفيسن وغيره کي ڇڏي ائين ويران پيئي هوندي هئي. تازو سپريم ڪورٽ پاران ان کي مخدوش قرار ڏيئي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. ساڳي ريت پراڻي نمائش وٽ عرصي کان جنهن انڊرپاس جي تعمير جاري هئي ان کي به اڃا کوليو نه ويو هو.
بندر روڊ نه رڳو شهر جي هڪ اهم شاهراه آهي پر ان جي تاريخي حيثيت پڻ آهي اهو اهڙو ورثو آهي جنهن جي سارسنڀال ۽ سينگارڻ جي ضرورت آهي.