رسول بخش پليجو: جيئن مون ڏٺو
پليجو جي ادبي ڪم ڪهاڻين، شاعري ۽ تنقيد وغيره جي لحاظ کان سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست حلقن ۾ گھڻو اختلاف ناهي. سندس زندگي جو اهم موضوع سندس سياست آهي، جيڪا سندس زندگي جي پڇاڙي تائين متنازعه ۽ بحث جو موضوع رهي آهي. بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ ۽ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوء سنڌ ۾ ملڪي سطح جي سياست رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حد تائين موجود هئي جڏهين ته قوم پرستن پاڪستان سطح جي سياست کان ڌار ٿي رڳو سنڌ سطح تي سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.
جي ايم سيد جي جيئي سنڌ محاذ،ِ پليجو جي سنڌي عوامي تحريڪ ۽ ٻين قوم پرست تنظيمن سان ان سلسلي جي شروعات ٿي. پليجي پنھنجي زندگي ۾ گھڻيون سياسي تنظيمون ۽ اتحاد ٺاهيا ۽ ٽوڙيا. سنڌي عوامي تحريڪ، جيڪا سندس ٺاهيل پهرين سياسي جماعت هئي، هڪ لحاظ کان مون جهڙن ان وقت جي نوجوانن کي ان ڪري متاثر ڪيو ته ان ۾ طبقاتي ۽ قوم پرست سياست کي گڏي هلائڻ جي ڳاله ڪئي ويئي هئي. پارٽي جو رسالو تحريڪ ان سوچ جو ترجمان هو. ان رسالي ۾ ڇپجندڙ ايڊيٽوريل ۽ مضمونن کي پوءِ ترتيب ڏيئي مختلف ڪتابن جهڙوڪ صبوح ٿيندو، دراڙن جا ڌڪ ۽ واٽون ويهه ٿيون وغيره جي صورت ۾ ڇاپيو ويو. انھن ڪتابن ۾ نظرياتي مواد جي ڀيٽ ۾ ٻين جماعتن ۽ اڳواڻن تي تنقيد اهم موضوع آهن. ان تنقيد جا اهم موضوع جي ايم سيد، سندس سياست ۽ سندس جماعت جيئي سنڌ محاذ ۽ سويت يونين ڏانھن لاڙو رکندڙ ڪميونسٽ پارٽي هوندا هئا جنھن تي خاص طور تي مهاجرن جي قبضي جي حوالي سان تنقيد ٿيل هوندي هئي.
ان وقت ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جا ڪجھ دوست ڪم ڪندا هئا، جن ۾ اهم ڊاڪٽر فيروز احمد، رحيم بخش آزاد، قمر جماڻي، عيسيٰ بلوچ، امام بخش، سوز سمون ۽ عزيز بلوچ وغيره هئا. آئون سمجھان ٿو ته شايد منھنجو پارٽي سان پهريون رابطو قمر جماڻي جي حوالي سان ٿيو جيڪو منھنجي وڏي ڀاء جو دوست هو ۽ سندس اسان جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ به هو. ان کانپوء ٻين دوستن سان رابطو ٿيو جنھن ۾ آزاد بلوچ سان وڌيڪ ويجھڙائپ ٿي ۽ هو ئي منھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو ذريعو ٿيو. منھنجي سياسي مضمونن جي تحريڪ ۾ ڇپجڻ جي شروعات ٿي ۽ 1977 ۾ ڀٽو حڪومت خلاف پي اين اي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لياري جي سياسي صورتحال جي حوالي سان پهريون مضمون شائع ٿيو.
هڪ نوجوان ۽ نئين سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مون وٽ رڳو آدرش هئا. سياست جي ورن وڪڙن، پيچيدگين ۽ اهو ته پارٽي اندر مختلف اڳواڻن جي وچ ۾ ڇا ٿي رهيو هو ۽ ڪهڙا بحث هلي رهيا هئا ان جي مون کي گھڻي ڄاڻ نھ هئي ۽ نھ ئي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اهو مناسب ڄاتو ٿي ته هڪ جونيئر ڪارڪن جي حيثيت ۾ مون کي ان سڀڪجھ ۾ شامل ڪيو وڃي. منھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو عمل جاري هو. پارٽي جنھن شاگرد تنظيم کي ٺاهڻ جي عمل ۾ هئي ان جو مجوزه اڳواڻ مولا بخش کوسو پنھنجي ساٿين ۽ ان نئين تنظيمي ڍانچي سان گڏ پارٽي کان ڌار ٿي ويو هو ۽ پارٽي کي نئين سر سنڌي شاگرد تحريڪ جي نالي سان نئين تنظيم جي جوڙجڪ ڪرڻي پيئي هئي. منھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪجھ ئي عرصي کانپوء ڊاڪٽر فيروز، آزاد بلوچ ۽ ڪراچي جي ٻين گھڻن ساٿين جي پارٽي کان ڌار ٿيڻ جي خبر منھنجي لاء ڪنھن جذباتي صدمي کان گھٽ نه هئي. ڌار ٿيندڙ دوستن ان سلسلي ۾ جيئن ته مون سان ڪو رابطو نه ڪيو هو ۽ نه مون کي پنھنجو موقف ٻڌايو هو ان ڪري آئون نھ رڳو اڃا تائين پارٽي ۾ هوس پر منھنجي اهميت رات وچ ۾ وڌي ويئي هئي. حمزو پليجو، جيڪو پوء ٺيڪيدار ۽ سينيٽر به ٿيو، ان وقت پي اين ايس سي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ شاهراه فيصل تي ڇوٽا گيٽ وٽ ٽيليگراف جي ڪالوني ۾ رهندو هو. اٽڪل روزانو آئون آفيس مان سڌو حمزي جي آفيس ويندو هوس ۽ پوء اتان ٻيئي پارٽي جي مخلتف ڪمن جي حوالي سان شهر جي مختلف علائقن ڏانھن نڪري ويندا هئاسين. هڪ ڏينھن شام جو حمزو منھنجي نوآباد واري گھر اهو نياپو کڻي آيو ته ساٿي پليجو صاحب سڀاڻي اوهان سان طارق روڊ تي ڪيفي لبرٽي ۾ ملڻ چاهي ٿو. مون پنھنجي لاء ان کي هڪ اعزاز سمجھيو ته پارٽي جو اڳواڻ جيڪو منھنجي لاء هڪ آدرش جي حيثيت رکندو هو ان مون کي ملاقات جو شرف بخشيو هو.
خير آئون مقرر وقت تي ڪيفي لبرٽي پهچي ويس. اتي پليجو ۽ مزدور اڳواڻ اڪرم ڌاريجو موجود هئا. مون کي اٿندي پليجي اهو اطلاع ڏنو ته ساٿي اوهان کي پارٽي پاران مرڪزي ڪاميٽي جو رڪن مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اوهان جي لاء اهو خط ڏنو ويو آهي. پر اهو خط هجي ها ته ملي ها. هيڏانھن هوڏانھن کيسن وغيره ۾ هٿ هڻڻ کانپوء مون کي چيائين ته ساٿي اهو خط ڪٿي رهجي ويو آهي، بھرحال ڪا ڳالهه ناهي آئون اوهان کي اهو هينئر لکي ٿو ڏيان. هوٽل جي ڪائونٽر تان هن هڪ پنو ورتو ۽ پوء ان ۾ ڪراچي ۾ پارٽي مان ڌار ٿيندڙن کي مخاطب ٿيندي لکيائين ته رئوف کي پارٽي پاران اها ذميواري ڏني ويئي آهي ته اوهان سان ملي اهو معلوم ڪري ته اوهان جو پارٽي سان ڪهڙو تعلق هوندو. ان جي رپورٽ مون کي ڪجھ وقت کانپوء حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻي هئي. بهرحال آئون ان سلسلي ۾ آزاد بلوچ ۽ ٻين لاڳاپيل دوستن سان مليس. پر انھن پارٽي يا ان جي اڳواڻ سان اختلافن متعلق مون سان ڪابه ڳالھه نه ڪئي. آزاد مون کي ايترو چيو ته هونئن منھنجي گھر جا در تنھنجي لاء کليل آهن پر هاڻي پارٽي سان منھنجو ڪوبه واسطو ناهي ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ آئون توسان ڪجھ ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ان سڄي معاملي جي رپورٽ تيار ڪري آئون حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ کڻي ويس. ان وقت پارٽي جا اجلاس پليجي جي لطيف آباد واري گھر ۾ ٿيندا هئا. اهو گھر اڌ ٺهيل هوندو هو ۽ ان جي در بند هئڻ سان به پارٽي ڪارڪنن تي ڪو فرق نه پوندو هو.
ڇاڪاڻ ته انھن کي اها اجازت هوندي هئي ته اهي ديوار ٽپي گھر ۾ داخل ٿي سگھندا هئا. هتي مون کي هڪ ٻي حيرت کي منھن ڏيڻو پيو. مون اهو سمجھيو هو ته جيئن ته آئون ان سڄي معاملي ۾ شامل رهيو هوس ۽ رپورٽ به منھنجي ئي تيار ٿيل هئي ان ڪري مون کي اهو موقعو ڏنو ويندو ته آئون ان رپورٽ کي پيش ڪيان. پر ان جي اڳ ۾ ئي پيش بندي ڪئي ويئي هئي. گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ پليجي مون کان حال احوال ورتا ۽ رپورٽ مون کان وٺي ڇڏيائين. مون اهو سمجھيو ته هو پاڻ اها رپورٽ پيش ڪندو. پر ائين به نه ٿيو. هن ان مان رڳو هڪ يا ٻه جملا پڙهي اتي موجود همراهن کي آگاه ڪيو ته ڪراچي جا اهي دوست هاڻي پارٽي ۾ رهڻ نه ٿا چاهين. ان سڄي معاملي کي جنھن نموني ورتو ويو هو ۽ جنھن غير سنجيدگي سان ورتاء ڪيو ويو هو، منھنجي لاء ڏاڍو عجيب هو. بلڪل ائين پئي لڳو ته پارٽي جو اڳواڻ ڪنھن به ريت انھن ماڻهن مان پنھنجي جان آجي ڪرائڻ پئي چاهي.
لطيف آباد واري گھر ۾ مختلف گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيندو هو. گڏجاڻين جو طريقه ڪار اهو هوندو هو ته گڏجاڻي شروع ٿيڻ جي ٿوري دير کانپوء پليجو پاڻ اٿي آرام ڪرڻ لاء هليو ويندو هو ۽ پوءِ ٻيا سڄي رات پيا بحث ڪندا هئا پر ان کي انجام تي پهچائڻ ۽ فيصلي ٻڌائڻ جو اختيار پوءِ به پليجي وٽ هوندو هو جيڪو آخري لمحن ۾ اچي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندو هو. اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي کانپوء صبوح جو ساجھر مهل پليجو کي ڪراچي لاء اسهڻو هو. مون کي به جيئن ته ڪراچي وڃڻو هو ان ڪري آئون به ساڻس گڏ اتان روانو ٿيس. واٽ تي پليجي مون کان پڇيو ته ڊاڪٽر فيروز سان ته ملاقات ٿيندي هوندي، هو ڇا پيو سوچي. منھنجي لاء اها حيران ڪندڙ ڳالھه هئي. منھنجي ڊاڪٽر فيروز سان سندس پارٽي ڇڏڻ کانپوء ڪابه ملاقات نه ٿي هئي. خير مون کيس اهو ٻڌايو ته منھنجو فيروز سان ڪو به رابطو ناهي، پر ساڳي وقت مون کي اهو احساس پڻ ٿيو ته پارٽي ۾ هئڻ جي باوجود مون تي شڪ ڪيو پيو وڃي.
بھرحال اهو سلسلو هلندو رهيو. پر ٿوري عرصي کان پوءِ پارٽي ۾ وري ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي ويئي ۽ هاري اڳواڻ شير خان لنڊ ۽ سندس ساٿي پارٽي کان ڌار ٿي ويا. ان موقعي تي پارٽي پاران انقلابي نظرئي سان هٿيار بند ٿيو جي عنوان سان هڪ ڪتابڙو ڇاپيو ويو ۽ حيدرآباد ۾ پارٽي ڪانفرنس گھرائي ويئي جنھن ۾ شير خان وغيره به شريڪ ٿيا. ان ڪتابچي ۾ لينن، مارڪس ۽ ٻين انقلابي اڳواڻن جي حوالي سان اختلاف ڪندڙن کي ننديو ويو هو. شيرخان ان جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي پليجي جي حوالي سان چيو ته ساٿي اسان کي لينن ۽ مارڪس جي واتان گاريون ڏنيون آهن ۽ اسان کي اهو گند سڏيو آهي جيڪو سياسي جماعتن سميت هر جيئري جيو مان خارج ٿيندو رهندو آهي. ان ڪتابچي ۾ مارڪس ۽ لينن جي حوالن متعلق ڊاڪٽر فيروز جو چوڻ هو ته اهي ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ موجود ئي ناهن.
اهڙي ريت هڪ ٻيو گروپ پارٽي کان ڌار ٿي ويو. ان جو مک ڪارڻ مون کي اهو سمجھ ۾ آيو ته پارٽي اڳواڻ پنھنجي مرضي تحت پارٽي کي هلائڻ چاهي ٿو ۽ ڪنھن اختلاف رائي کي برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهي. روز نوان اتحاد ۽ نيون جماعتون جيڪي گھڻي ڀاڱي هڪٻئي کان ابتڙ ۽ پارٽي جي بنيادي نظرين ۽ اصولن سان به ٽڪراء ۾ هونديون هيون. ڪڏهين پاڪستان عوامي تحريڪ ته ڪڏهين سنڌي عوامي تحريڪ ته ڪڏهين رڳو عوامي تحريڪ. ڪارڪن هڪ مونجھاري جو شڪار هئا. هڪ ڳاله اها سامهون آئي ته پنھنجن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ ڪميونسٽن کي جيڪو گھٽ وڌ ڳالهايو ويندو هو اهو بنيادي طور ڪميونسٽ پارٽي ۾ چين روس اختلافن جي ڪري ٿيل ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري هو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي نقوي، نازشي، سازشي سنڌ دشمن ٽولي کي ننديو ٿي ويو ته ٻئي پاسي ڪراچي ۽ پنجاب جي چين نواز گروهن ۽ فردن جهڙوڪ علي ياور جي نوجوان محاذ، پنجاب جي امتياز عالم ۽ پختون خواه جي شير علي باچا وغيره سان روز پاڪستان سطح تي نوان اتحاد ۽ نيون جماعتون جوڙيون ٿي ويون.
آئون ڪراچي ۾ پارٽي جي سرگرمين ۽ ٻين جماعتن سان رابطي جي سلسلي ۾ اهم ذريعو هئس. نوجوان محاذ جي دوستن ۽ مختلف ٻين سياسي ڪارڪنن ۽ پورهيت تنظيمن سان پارٽي جي نمائندي جي حيثيت ۾ رابطي ۾ هوندو هوس. مختلف موقعن تي پمفليٽ وغيره ڇاپڻ ۽ ورهائڻ کانسواء صحافين جي تحريڪ ۾ پارٽي پاران جيڪي ڪارڪن گرفتارين لاء ڪراچي ايندا هئا انھن کي لياري ۾ رهائڻ ۽ گرفتاري واري جاء تائين وٺي وڃڻ جي ذميواري اسان جي هوندي هئي. بهرحال پارٽي ۾ تنظيمي طور جيڪو مونجھارو ۽ ڀڃ ڊاه جو عمل هو ان هڪ لحاظ کان ذهني طور ٿڪائي ۽ بيزار ڪري ڇڏيو هو ۽ ساڳي وقت اڳواڻن جي حوالي سان اهو اتساه ۽ اعتماد به نھ رهيو هو جيڪو پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وقت هو. ان دوران عزيز ڪنجھرائي ۽ ڪجھ ٻين دوستن جو گروپ پارٽي کان ڌار ٿيو ۽ آئون به انھن ۾ شامل هوس.
اهڙي ريت تنظيمي طور تي ته آئون عوامي تحريڪ کان ڌار ٿي ويس، پر مختلف ادبي ۽ سياسي پروگرامن وغيره ۾ پليجي سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. گلشن حديد جي هڪ بنگلي ۾ عوامي تحريڪ پنھنجي لائبريري ۽ دفتر قائم ڪيوهو جتي پليجو به ڪڏهين ڪڏهين اچي رهندو هو. هڪ ڀيري مظهر اڄڻ، جيڪو هڪ ڊگھو عرصو عوامي تحريڪ سان رهڻ کانپوء ان کان ڌار ٿي ويو، گلشن حديد ۾ رهندو هو مون کي پليجي سان ملاقات لاء وٺي ويو. اتي سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي. مون کانئس هڪ سوال پڇيو هو ته اوهان ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ٿا ڪيو پر اوهان ساڳي وقت باشا ديم جي ٺهڻ جي حمائت ٿا ڪيو ته سندس چوڻ هو ته ان ڪري ته باشا ڊيم پاڻي ذخيري ڪرڻ جو نھ پر بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿا آهي. پوء اهو موقف پاڻ مونجھارن جو شڪار ٿي ويو. ان دوران ئي عوامي تحريڪ پاران مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام رکيا ويا. مون کي چيو ويو ته اوهان پاڪستان جي معيشت تي ليڪچر ڏيو. اهو پروگرام قاسم آباد جي ڪنھن گھر ۾ ٿيو هو. ان ليڪچر ۾ به پليجو موجود هو ۽ خوشگوار انداز ۾ ڳاله ٻوله ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
رسول بخش پليجو جي شخصيت جي ٻين گھڻين ڳالهين سان گڏ هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ واري حيثيت به نھايت اهم آهي جنھن اٽڪل اڌ صدي کان وڌيڪ جي عرصي ۾ سنڌ جي سياسي منظرنامي ۽ هزارين سياسي ڪارڪنن کي متاثر ڪيو آهي. اهو ضروري آهي ته رومانوي ۽ جذباتي پاسي کان پاسيرو ٿي سندس ان پاسي جو پنھنجي ليکي جائزو وٺجي.
ٿورو عرصو ساڻس رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ دوران مون اهو نتيجو ڪڍيو ته تنظيم سازي اوستائين ئي پليجي جي مزاج مطابق هوندي هئي جيستائين اها سندس شخصيت ۽ اختيار کي چئلنج نھ ڪري. پارٽي ۾ مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف مهم جو مقصد ئي اهو هوندو هو ته ڪنھن جو به قد پارٽي اڳواڻ کان اوچو نه ٿئي ۽ هو سندس لاء مسئلا پيدا نه ڪري. ساڳي وقت ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ جي به ضرورت آهي ته هن پاڻ ۽ سندس جماعت سنڌ ۾ نسلي نفرتن ۽ تضاد کي وڌائڻ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي.