آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

هو عجيب شخص هو

مون کي ياد ٿو پئي ته ان وقت آئون شايد ٻارنهن يا تيرنهن سالن جو هوندس ۽ پنجين يا ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اسان هڪ گڏيل خاندان جي طور پنهنجي ڏاڏي ۽ چاچن وغيره سان گڏ هڪ گھر ۾ رهندا هئاسين. ان وقت اوچتو مون ڏٺو ته هڪ مناسب قد ڪاٺ ۽ سٺو لباس پهريل هڪ شخص، جنهن کي مون اڳ نه ڏٺو هو ۽ نه ئي آئون کيس سڃاڻندو هوس، اسان جي گھر ۾ امان سان ملڻ لاء اچڻ لڳو هو. امان کيس پنهنجي ڪمري ۾ ويهاريندي هئي ۽ ساڻس هڪ خاص ورتاء ڪندي هئي. ڪلاڪن تائين اهي ٻيئي هڪٻئي سان ڳالهين ۾ مصروف هوندا هئا. ان ماڻهو جي اچڻ تي نه منهنجي بابا کي ۽ نه ئي گھر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي کي ڪو اعتراض هوندو هو. مون کي اهو تجسس هوندو هو ته اهو شخص نيٺ ڪير آهي جنهن کي سڀ گھر وارا عزت ڏين ٿا ۽ جنهن جي اچڻ تي امان جي خوشي سندس منهن مان پيئي بکندي آهي. هڪ ڏينهن نيٺ مون امان کان ان شخص متعلق معلوم ڪيو. امان ٻڌايو ته هي سندس وڏو ڀاء هو جيڪو گھڻو عرصو اڳ گھر جي ماحول جي ڪري گھر ڇڏي هليو ويو هو ۽ پوء گھڻي ڳولا کانپوء به سندس ڪو ڏس پتو نه پيو هو. امان ان ڀاء کانپوء پنهنجن ٻين سڀني ڀائر ڀينرن کان وڏي هئي پر سندس ان ڀاء سان خاص لڳاء ۽ انس هوندو هو ۽ هو به اهڙي ريت سندس خيال رکندو هو. امان جي ۽ سندس عمر ۾ اٽڪل سترنهن ارڙنهن سالن جو فرق هو. منهنجي ان ماما جو نالو محمد حسن هو.
منهنجي ناني جو واسطو حب بلوچستان ڏانهن ويندي لڪي جي علائقي ۾ رهندڙ بروهين سان هو. هو منهنجي نانا جي ٽين زال هئي جڏهين ته مٿي ذڪر ڪيل ماما پهرين زال جو پٽ هو. ٻن زالن جي وفات کان پوء نانا اها ٽين شادي ڪئي هئي. جيتوڻيڪ سندس توجھ منهنجن ٻن وڏن ڀائرن ڏانهن گھڻو هوندو هو پرمون کي الاهي ڇو اهو شخص پنهنجي منفرد شخصيت ۽ هڪ پروقار سڀاء جي ڪري وڻڻ لڳو هو. مون امان کان ان متعلق وڌيڪ تفصيل وٺڻ شروع ڪيا پر ائين چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ته امان پاڻ اسان کي ان متعلق ٻڌائڻ ۾ دلچسپي وٺندي هئي. سندس چوڻ هو ته منهنجي ماء حسن سان نه ٺهندي هئي. نانا جي ان ٽين شادي وقت هو جوان هو ۽ شايد پوليس ياِ ڪنهن ٻئي ڊپارٽمنٽ ۾ نوڪري به ڪندو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته پنهنجي پي، ڏاڏي ۽ ٻين گھر وارن جي خدمت ڪندو رهي. هو خاص طور پنهنجين ڀينرن جو خيال رکندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته کين ڪو اهنج نه پهچي ۽ مٿن ڪي غير ضروري پابنديون نه مڙهجن. پر گھر جي ماحول جي ڪري هو وقت بوقت گھر مان غائب ٿي ويندو هو ۽ ڪجھ عرصي کانپوء موٽي ايندو هو. اهو سلسلو سندس ڏاڏي ۽ پي جي جيئري هئڻ تائين هلندو رهيو ۽ پوء هو جيئن ويو ته اٽڪل ارڙنهن سالن کانپوء ان وقت نظر آيو جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مختلف ماڻهو اهو ذڪر ڪندا هئا ته اسان کيس فلاڻي هنڌ يا فلاڻي ماڻهو سان گڏ ڏٺو پر گھر جي ڪنهن فرد سان سندس ملاقات نه ٿي. ان جو ڪارڻ شايد اهو هجي ته پي ۽ ڏاڏي جي وفات کانپوء گھر جي ڪنهن ماڻهو جي سندس هئڻ ۽ نه هئڻ ۾ دلچسپي نه هئي. جڏهين ته امان ان وقت پنهنجن ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن جي ذميواري ته کنئي هئي پر هڪ عورت هئڻ جي ناتي سندس لاء پنهنجي ڀاء جي ڳولا ڪرڻ شايد ممڪن نه هو.
گھر مان وڃڻ کانپوء هن شخص نه شادي ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ جاء تي ساننتيڪو ٿي رهيو. مختلف جاين تي گھمندو رهيو۽ بمبئي ۾ هڪ ڊگھو عرصو رهيو. مختلف قسم جي ماڻهن سان وقت گذاريائين. پنهنجن پوين ڏينهن ۾ هو ڪلاڪوٽ لياري ۾ ستار گبول جي چاچي گلو گبول، جيڪو سندس پراڻو دوست هو، جي گھر ۾ رهندو هو. سندس وفات به اوچتو ٿي. ٻنپهرن جي ماني کائي هو آرام ڪرڻ لاء ليٽيو ۽ پوء نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن هن شايد دال گوشت جو ٻوڙ کاڌو هو. ان ڪري گھڻي عرصي تائين امان خاص طور تي آچر تي اهو ٻوڙ نه رڌيندي هئي. امان ٻڌائيندي هئي ته ان گھر ۾ هڪ طوطو هوندو هو جيڪو ساڻس گھڻو هريل هوندو هو. ان ڳاله جي سچائي جي تصديق ته نه ٿي ڪري سگھجي پر زندگي ۾ گھڻيون ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جن کي عقل نه ٿو مڃي پر اهي واقع ٿينديون آهن. اتي گھر وارا اهو ٻڌائيندا هئا ته سندس وفات کانپوء طوطي ٻولڻ شروع ڪيو هو ته حسن هليو ويو ۽ آئون به جلدي هليو ويندس ۽ واقعي ڪجھ عرصي کانپوء اهو طوطو به مري ويو. سندس وفات تي آئون به امان سان گڏ اتي ويو هوس. اٽڪل پنجاه سالن جي عرصي گذرڻ کان پوء به مون کي اڃا اهو ياد آهي ته مون کي ماما جي گذاري وڃڻ جو انوقت ڪو ڏ ک محسوس نه پئي ٿيو بلڪ هڪ ٻار جي حيثيت ۾ هڪ لحاظ کان خوشي پئي محسوس ڪيم ته ان ڪري سڀاڻي اسڪول نه وڃڻو پوندو.
جيئن سندس زندگي هڪ تنازعو هئي تيئن سندس موت پڻ هڪ مسئلو بڻجي ويئي هئي. ڪراچي جي ٻين پراڻن سنڌين جيان اسان جي وڏن پڻ پنهنجن سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ هڪ تعلق رکڻ لاء سنڌي مومن جماعت جي نالي سان هڪ جماعت قائم ڪئي هئي. ان جماعت وٽ هڪ هال ۽ ميوه شاه ۾ قبرستان جي لاء هڪ ڪمپائونڊ آهي جتي اٽڪل سو سال اڳ ۽ ان وقت جون قبرون به آهن جڏهين ڪراچي ۾ پليگ جي وبا جي ڪري سوين ماڻهو مري ويا هئا. جماعت جي وڏن جو چوڻ هو ته جيئن ته هو جماعت جو رڪن نه هو ۽ سندس جماعت سان ڪو واسطو نه رهيو هو ان ڪري ان جي مڙه کي جماعت جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏيئي سگھجي. جڏهين ته سندس ڀائرن ۽ ٻين خاندان وارن جو چوڻ هو ته هو جيئري ته پنهنجن سان گڏ نه رهيو گھٽ ۾ گھٽ مرڻ کانپوء ته پنهنجن جي ويجھو هجي. سندس ڀائرن جو اصرار هو ته جيڪڏهين اجازت نه ٿي ملي ته اسان قبرستان جو دروازو ٽپي جنازو اندر کڻي وينداسين. پر بابا، جنهن کي اهي سڀيئي پنهنجو وڏو مڃيندا هئا ۽ سندس ڳاله رکندا هئا، کين ائين ڪرڻ ۽ ڪنهن جھيڙي ۾ پوڻ کان روڪيو. اهڙي ريت هو جماعت جي قبرستان کان ٻاهر ميوه شاه روڊ تي ئي دفن ٿيو. هو جيئري به پنهنجن کان ڌار هو ۽ مرڻ کان پوء به ڌار ئي رهيو.
اسان جڏهين ڪنهن ننڍي وڏي ڏينهن قبرستان ويندا هئاسين ته امان جي اسان کي خاص تاڪيد هوندي هئي ته ماما جي قبر تي گل رکڻ ۽ فاتحه پڙهڻ لاء ضرور وڃجو ۽ اهو اسان جو گھڻي عرصي تائين معمول هوندو هو. اها قبر جيڪا اڳ سڙڪ سان لڳ هوندي هئي آهستي آهستي قبرستان جي ڦهلجڻ جي ڪري پوئتي ڌڪبي ويئي ۽ هاڻي ان کي ڳولهڻ به ڏکيو آهي. هڪ ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ اڪيلو ۽ گمنام رهيو ۽ شايد اهو ئي سندس نصيب جو لکيو هو جو آخري عمر ۾ پنهنجي ڪوشش جي باوجود به زندگي کيس ايتري مهلت ئي نه ڏني جو هو پنهنجن سان گڏجي سگھي، ساڳي ريت پنهنجي مرڻ کان پوء به هو ڄڻ پنهنجن کان پري اڪيلو ۽ گمنام ئي رهيو. هو عجيب شخص هو.