منهنجو ڀاءُ منهنجو دوست
بلڪل اوچتو، سمجهه ۾ ڳالهه نه پئي اچي ته هي ڇا ٿي ويو؟ ڇاڪاڻ جو نه ته هو بيمار هو ۽ نه ئي هن ڪڏهن ڪا اهڙي شڪايت ڪئي هئي. حسن جي گھر پهچڻ تي گھڻا مائٽ ۽ دوست موجود هئا ۽ سڀ هڪٻئي کي ڏک مان ڏسي رهيا هئا. ڪنهن جي وات مان ڪو اکر نه پيو نڪري. ڊسمبر 2007 ۾ اهڙي ئي ريت منهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات وقت حسن ئي مون کي فون تي روئندي چيو هو ته،”جلدي گھر اچو، ڀاءُ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي.“ هن وقت اها ساڳي صورتحال حسن جي سلسلي ۾ ٿي هئي.
منهنجي لاءِ هونئن به پنهنجي ڪنهن ويجھي عزيز ۽ دوست تي فوري طور لکڻ ڏکيو هوندو آهي. جڏهن ته حسن تي لکڻ اڃا وڌيڪ ڏکيو معاملو آهي. هو اسان ڇهن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو ۽ سڀني جو پيارو هو. رڳو ننڍي هئڻ ڪري هو امان ۽ بابا کي سڀ کان پيارو نه هو، پر ان ڪري به امان جي وڌيڪ ويجھو هو جو امان هن تي پنهنجي وڏي ۽ پياري ڀاءُ، محمد حسن، جيڪو امان جي وڌيڪ ويجھو هو، جو نالو رکيو هو. مامو محمد حسن، هڪ ڊگھو عرصو گھر کان ٻاهر رهڻ کانپوءِ جڏهن موٽيو هو ته، امان سان ملڻ لاءِ اسان جي گھر اڪثر ايندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ شايد 1964 ۾ هو دل جي اوچتي دوري سبب گذاري ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ جولاءِ 1965 ۾ امان کي پٽ ڄائو، جنهن تي هن پنهنجي ڀاءُ جي سڪ لاهڻ لاءِ ان جو نالو محمد حسن رکيو.
حسن سان امان جي محبت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته، هوءَ آخر تائين حسن ۽ ان جي ٻارن سان گڏ رهي. سندس ڄڻ حسن ۽ ان جي ٻارن ۾ ساهه هوندو هو. جڏهن مون وٽ گلشن حديد ايندي هئي ته چوندي هئي ته،”آئون هتي هفتو ڏيڍ رهنديس.“ پر هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ ئي کيس حسن جي ٻارن جو فڪر ٿيڻ شروع ٿيندو هو ۽ واپس وڃڻ لاءِ اهو چوندي اصرار ڪندي هئي ته، ”حسن جا ٻار کيس ياد ڪندا هوندا ۽ پريشان هوندا.“
بابا جنهن رات گذاري ويو هو، ان رات، آخر تائين کيس ڄڻ حسن جو ئي انتظار هو. سندس ساهه ڄڻ حسن ۾ ئي اٽڪيل هو. هو ٿوري ٿوري دير کان پوءِ پڇندو رهيو ته، ”حسن ڇو اڃا نه آيو آهي؟“ نيٺ جڏهن رات جو ٻارهين وڳي کن حسن پنهنجي ڊيوٽي تان آيو ۽ بابا سان ڳالهايائين ته، ٿوري دير کانپوءِ هن دم ڏنو. اسانجي وڏي ڀاءُ، جنهن جي ۽ حسن جي عمر ۾ اٽڪل ويهه سالن جو فرق هو، حسن کي ڄڻ پنهنجن پٽن جيان سنڀاليو هو.
اسان ڀائرن جي خاص طور وڏن پٽن ۽ حسن جي عمر ۾ ٿورو ئي فرق هو، ان ڪري اهي گھڻو ڪري سندس ويجھو هوندا هئا. هو ساڳئي وقت انهن سان پيار به ڪندو هو، ته انهن کي تنگ به ڪندو هو. سندس اها هڪ عجيب ڳالهه هوندي هئي ته هو اسان ڀائرن سان گھڻن معاملن ۾ اختلاف به ڪندو هو، پر ساڳئي وقت اها ڪوشش ڪندو هو ته، اسان جي سامهون سگريٽ نه پيئي. ان جي باوجود ته اسان کي اها خبر هئي ۽ آئون کيس اهو چوندو رهندو هئس ته، ”يار، اسان جي سامهون سگريٽ پيئڻ سان ڪو اسان جي عزت ۾ فرق ڪونه ٿو پئي،“ پر هو ان ڳالهه جو خاص خيال رکندو هو.
ڪنهن جاءِ تي گڏ ويٺا هوندا هئاسين ته هو سگريٽ پيئڻ جي خيال سان ڪو بهانو ڪري اٿي ويندو هو. هڪ اڌ ڀيرو ائين ٿيو ته سندس ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ مون کي به ڪنهن ڪم سان ٻاهر وڃڻو پيو ته، هو فوري طور سگريٽ پويان لڪائي ڇڏيندو هو، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪپڙا پڻ سڙي پوندا هئا. اسان جو وڏو ڀاءُ ڳالهه ڪندو هو ته، ”جڏهن شڪارپور ۾ سندس پوسٽنگ هئي ته، حسن جڏهن ڪنهن ڪم سان ان پاسي ايندو هو ته، وٽس اچي رهندو هو. اتي هو ملازم کي چوندو هو ته، ’ڀاڀيءَ کان پئسا وٺي سگريٽ وٺي اچ، پر ڀاءُ سان اها ڳالهه نه ڪجان.‘“
آئون پنهنجن ٻين ڀائرن جي ڀيٽ ۾ کيس پنهنجي وڌيڪ ويجھو سمجھندو هئس. ڪٿي ڪنهن تقريب ۾ گڏبا هئاسين ته پاڻ ۾ پيا ڪچهري ڪندا هئاسين. ان جو ڪارڻ اهو هوندو هو ته، اسان جي دلچسپيءَ جا موضوع ساڳيا هوندا هئا. عام سياسي ۽ سماجي صورتحال سان گڏ اسانجا موضوع مختلف ڪتاب هوندا هئا. حسن جو ڪتابن جو هڪ سٺو ذخيرو هو. ساڳئي وقت سافٽ فارم ۾ وٽس هڪ سٺي ڪليڪشن هئي. مون کي هو ڊراپ باڪس وسيلي مختلف ڪتاب موڪليندو رهندو هو. تازو هڪ ٻه ڀيرا جڏهن مختلف ڪتابن جي حوالي سان ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي ته چئي پيو ته، ”رئوف ڀاءُ، بس ان اخبار جي مصروفيت جي ڪري پڙهڻ جو وقت گھٽ ٿو ملي.“ آئون وقت بوقت حال احوال وٺڻ لاءِ کيس فون ڪندو رهندو هئس. مون کي هر وقت چوندو هو ته، ”توهان کي منهنجي ته خبر آهي ته فون وغيره جي معاملي ۾ ڪيترو لاپرواهه ماڻهو آهيان.“ آئون کيس چوندو هئس ته، ”يار، ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته آئون فون ڪيان يا تون ڪر. بس توسان ڳالهائڻ تي دل ڪندي آهي، ان ڪري فون ڪندو آهيان.“
ڪهاڻي ۽ شاعري سان گڏ حسن جو هڪ شوق فوٽوگرافي به هو. فيس بڪ تي وقت بوقت هو آسمان ۽ ڪڪرن وغيره جون تصويرون ته ڏيندو رهندو هو، پر گھر ۾ ۽ مختلف تقريبن ۾ به هو پنهنجو اهو ڪم ڪندو رهندو هو. وٽس خاص طور خاندان جي حوالي سان تصويرن جو هڪ وڏو ذخيرو هو. مون کي جڏهن پنهنجي ڪم لاءِ ڪنهن تصوير جي ضرورت پوندي هئي ته، منهنجو خيال فوري طور حسن ڏانهن ويندو هو ۽ گھڻو ڪري اها ضرورت پوري ٿي ويندي هئي. کيس سندس ٻين گھڻن دوستن جيان آئون به اها صلاح ڏيندو رهندو هئس ته، هو پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو شائع ڪرائي. هاڻي جڏهن هن پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان جي تياري شروع ڪئي ته کيس ان کي توڙ تائين پهچائڻ جو موقعو نه مليو.
اسلم خواجه پنهنجي طبيعت جي حوالي سان گھٽ ماڻهن سان ئي ٺهندو آهي، پر هن جو حسن سان خاص لڳاءُ هو. هو اڪثر گھر ايندو هو ۽ جيڪڏهن حسن ستو پيو هوندو هو يا گھر کان ٻاهر هوندو هو ته، امان سان يا اسان جي وڏي ڀاءُ سان ڪچهري ڪرڻ ويهي رهندو هو. اها واقعي منهنجي لاءِ ڏاڍي حيرت جي ڳالهه هوندي هئي. اهي ٻيئي هڪٻئي جو خيال رکندا هئا ۽ سندن اهو ناتو آخري وقت تائين هلندو آيو.
هڪ حساس ۽ آزاد طبيعت شخص. شروع کان ئي هو ٻڌندو سڀني جي هو، پر ڪندو پنهنجي هو. فيصلا ڪرڻ ۾ کيس دير نه لڳندي هئي. انٽر سائنس ڪرڻ کان پوءِ هن بي ايس سي آنرز ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جي ميٿميٽڪس ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي. اهو مضمون گھڻن جيان اسان لاءِ به ڏکيو هو، پر حسن لاءِ سولو هو. منهنجي خيال ۾ چئن سالن جي ان ڪورس ۾ هن ٻه سال مس پورا ڪيا ته اهو اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏنائين.
ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس پاڪستان اسٽيل ملز جي ميٽلرجيڪل ٽريننگ سينٽر ۾ داخلا ملي، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ هن اهو ڪم به ڇڏي ڏنو. سندس چوڻ هو ته، ”بس مون کي صحافي ٿيڻو آهي.“ ساڳي وقت ادب سان به سندس لڳاءُ رهيو ۽ سنڌي سنگت، ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندو هو، جتي پنهنجا اسم تنقيد لاء پيش ڪندو هو. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ ڀيري هن ’وائي‘ پيش ڪئي ته، ان تي فقير محمد لاشاري ڳالهائيندي چيو هو ته، ”مون کي حيرت آهي ته هڪ شهري نوجوان سنڌي شاعريءَ جي هڪ ڪلاسيڪي صنف تي ايتري سٺي نموني طبع آزمائي ڪئي آهي.“
سندس طبيعت ۾ هڪ بيچيني ۽ اڻ تڻ هوندي هئي. ڪنهن به هڪ جاءِ تي سڪون سان نه ويهي سگھندو هو. هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات عوامي آواز ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر کان ڪئي. ساڳئي وقت ان اخبار ۾ ڪالم لکڻ پڻ شروع ڪيائين، پر جلد ئي اتان ڇڏي هلال پاڪستان ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور هليو ويو ۽ جڏهن اتي سندس نوڪري پڪي ٿي ته اتان استعفي ڏيئي فقير محمد لاشاريءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ ’روزاني جاڳو‘ ۾ هليو ويو. ان سان گڏ هو پنهنجي انگريزي ٻوليءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪندو رهيو. ڏٺو وڃي ته هن پنهنجي باقاعدي صحافت انگريزي اخبارن کان ئي شروع ڪئي. ڊان گروپ جي شام جي اخبار اسٽار ۾ جڏهن هن ڪم شروع ڪيو ته کيس انور پيرزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. حسن گھٽ ئي ڪنهن ماڻهو مان مطمئن ٿيندو هو ۽ ان جي تعريف ڪندو هو، پر انور سان هن جو خاص لڳاءُ هو ۽ سندس پيار ۽ عزت سان ذڪر ڪندو رهندو هو. ساڳي وقت انور به هن جو، هڪ نوجوان جي طور گھڻو خيال رکندو هو ۽ سندس پيار ۽ محبت سان ذڪر ڪندو هو.
آئون سمجھان ٿو ته اسٽار ۾ هوندي هو مظهر عباس جي وڌيڪ ويجھو هو. ان کانپوءِ هن ڊيلي ٽائمز، اي ايف پي ۽ ڊان ۾ رپورٽر طور ڪم ڪيو. پنهنجين انهن نوڪرين بدلائڻ دوران ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته هو بيروزگار رهيو هجي.
اسان جيڪي ڏينهن ۾ صبج جو نائين وڳي کان شام جو پنجين وڳي تائين ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو آهيون، انهن کي لڳندو هو ته حسن جي زندگي بي ترتيب آهي. سندس نه ته ننڊ ڪرڻ جو ڪو وقت هو ۽ نه ئي جاڳڻ جو. رات جو دير تائين پيو جاڳندو، ٽي وي تي فلمون ۽ مئچ ڏسندو، ڪتاب پڙهندو ۽ پنهنجو لکڻ جو ڪم پيو ڪندو هو - ۽ ڏينهن جو دير تائين ستو پيو هوندو، پر سندس بي ترتيبي ۾ به پنهنجي هڪ ترتيب هئي. هن پنهنجي ڪم ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي ۽ پنهنجي اسائنمنٽ کي، پوءِ ڀلي اها شهر ۾ هجي يا شهر کان ٻاهر، اورچائي ۽ محنت سان پورو ڪندو هو. پنهنجي ان ڪم جي ڪري ئي هو عزت ماڻيندو هو ۽ اسان کي، ماڻهن کي اهو ٻڌائيندي سٺو لڳندو هو ته،”حسن منصور اسان جو ڀاءُ آهي.“
هڪ ٻي ڳالهه، جيڪا حسن کي گھڻن کان ڌار ڪري بيهاري ٿي، اها هئي ته هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفاد کي فوقيت نه ڏني. هو موقعي مهل تي پنهنجن مائٽن، عزيزن، ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين ماڻهن جي مدد ڪندو رهندو هو ۽ ڪڏهن به ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪندو هو.
گھڻين خوبين جو مالڪ، هڪ يگانو ۽ منفرد ماڻهو اسان کان جلد ئي موڪلائي ويو. سندس ياد سندس سڀني دوستن ۽ عزيزن لاءِ هڪ اثاثو آهي.