آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

اداره امن و انصاف جيڪو هڪ المئي جو شڪار ٿي ويو

اداره امن و انصاف جيتوڻيڪ عيسائين جي هڪ اين جي او هئي جنهن کي گرجائن جي هڪ تنظيم هلائيندي هئي پر ان جي خاصيت اها هوندي هئي ته انهن پاڪستان جي مذهبي ٿوراين جي هڪ عام لاڙي جيان بجائي پاڻ کي مک ڌارا کان ڌار ڪري ڏيڍ سر جي ڌار مسجد ٺاهڻ جي شروع کان ئي پاڻ کي ملڪ جي ترقي پسند لڏي سان ڳنڍيو. سندن موقف هوندو هو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جنهن ۾ ڪنهن مذهب، فرقي، نسل ۽ ٻولي جي فرق کانسواء سڀني کي هڪ شهري جي طور تي هڪ جيترا حق حاصل آهن ۽ ساڳي وقت سڀني تي اهو فرض پڻ عائد ٿئي ٿو ته اهي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاء گڏجي ڪم ڪن. ساڳي وقت ٻين تبليغي ۽ مشنيري ادارن جيان اداري جو مقصد عيسائيت جي تبليغ يا ان جو ڦهلاء نه هو. ماڻهن سان سندن واسطو غيرمذهبي ۽ سيڪيولر بنيادن تي هوندو هو. ممڪن آهي ته لاطيني آمريڪا ۾ ڪيٿولڪ پادرين جي پاڻ کي آمريتن خلاف جدوجهد ۾ اتان جي ترقي پسند قوتن سان ڳنڍڻ واري تحريڪ، جنهن جو اداري جا اڳواڻ اڪثر تعريفي انداز ۾ ذڪر ڪندا رهندا هئا، جو مٿن اثر هجي. ان اداري جي پاليسي ان پاران نڪرندڙ ماهوار رسالي جفاڪش ۾ شائع ٿيندڙ مواد مان ئي واضح هئي. مجموعي طور تي ان جو مقصد پاڪستان ۾ جمهوري قدرن جو فروغ ۽ مزدورن، هارين، مذهبي ٿوراين ۽ سماج جي ٻين مظلوم طبقن جي مسئلن کي کڻڻ ۽ ساڻن مختلف حوالن سان ٿيندڙ زيادتين کي سامهون آڻڻ ۽ انهن تي احتجاج ڪرڻ هو. ان جي ڪجھ ايڊيٽرن جي نالن تي نظر وجھڻ سان ئي ان جي پاليسي جو اندازو ٿي وڃي ٿو. انهن ۾ احمد سليم، رحيم بخش آزاد ۽ توقير چغتائي جا نالا شامل آهن جن جي ڪنهن وڌيڪ تعارف جي ضرورت ناهي.
ان کانسواء اداري پاران سماجي ڪارڪنن جي اهڙي ٽيم پڻ تيار ڪئي ويئي هئي جن کي ڪراچي جي مختلف ڪچي وستين ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۽ اتان جي مسئلن کي لاڳاپيل سرڪاري ادارن وغيره تائين پهچائڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. انهن ڪارڪنن کي باقاعدي اداري پاران ماهوار پگھار ڏني ويندي هئي ۽ اهي وقت بوقت پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي جي رپورٽ پڻ پيش ڪندا هئا.
بهرحال اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ادارو مڪمل طور غير مذهبي بنيادن تي هلايو ٿي ويو. اداري پاران جيڪي ساليانا ڊنر ۽ ٻيا فنڪشن وغيره ڪرايا ويندا هئا انهن ۾ رڳو عيسائي هئڻ ڪري گھڻن ماڻهن جي شرڪت هوندي هئي. فادر آرنلڊ هيريڊيا، جيڪو اداري جو سربراه هوندو هو ۽ جنهن جو ان جي پاليسي کي ٺاهڻ ۽ ان کي هلائڻ ۾ بنيادي ڪردار هوندو هو، ترقي پسند لاڙن رکڻ باوجود پنهنجي مذهب تي ڪاربند هوندو هو ۽ عيسائي مذهبي ادارن ۾ مذهب جي تعليم ڏيندو هو.
مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته آئون هڪ ڊگھي عرصي تائين اداري سان لاڳاپيل رهيس. خاص طور تي آئون جفاڪش جي ايڊيٽوريل بورڊ جو رڪن،ِ ان جي پاليسين کي ٺاهڻ ۽ مختلف ايڊيٽرن کي مقرر ڪرڻ جي عمل ۾ شامل رهيس. هڪ ڊگھي عرصي تائينِ ان ۾ مختلف موضوعن تي منهنجيون لکڻيون پڻ لاڳيتو شائع ٿينديون رهيون. پنهنجي پاليسي تحت اداري ملڪ جي ترقي پسند ڌرين سان پنهنجن ناتن کي استوار ڪيو هو جنهن ۾ سياسي ڌريون، اديبنِ، مزدورن ۽ هارين وغيره جون تنظيمون شامل هونديون هيون. حالتن ۽ حڪومتي ادارن جي دٻاء جي ڪري سنگت ڪراچي لاء شهر ۾ ڪنهن هڪ جاء تي ڊگھي عرصي تائين گڏجاڻيون ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. پر بندرروڊ تي رمپا پلازه ۾ ٽين ماڙ تي اداري جو جيڪو هال هو ان ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون جنهن جي لاء اداري پاران هڪ نالي ماتر في ورتي ويندي هئي پر انهن گڏجاڻين جي متعلق سندن پاران ڪڏهين به ڪوبه اعتراض نه ڪيو ويو ۽ نه ئي سنگت کي جاء نه ڏيڻ جي لاء سرڪار جي دٻاء جو ذڪر ڪيو ويو يا ٻيا مختلف بهانا ڪيا ويا جيئن ٻين مختلف هنڌن تي ڪيو ويندو هو. سنگت کانسواء ٻيون ادبي، سياسي ۽ پورهيتن جون تنظيمون پڻ پنهنجن مختلف پروگرامن لاء ان هال جو استعمال ڪنديون هيون.
اداري پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ورڪشاپ ۽ سيمينار وغيره ڪرايا ويندا هئا جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ملڪ جي ناميارن نالن کي مدعو ڪيو ويندو هو. مون کي اداري پاران ملتان ۾ ترقي پسند تحريڪ جي مختلف پاسن تي ڪرايل هڪ ورڪشاپ ياد آهي جنهن ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي مينيجنگ ڊائريڪٽراسلم اظهر، اڙدو جي نامياري شاعر قمر هاشمي، جيڪو ريل ۾ ڪيل ان سڄي سفر ۾ ايندي ۽ ويندي پنهنجن لطيفن ۽ چٽڪلن سان سڀني کي محظوظ ڪندو ٿي آيو، فقيرمحمد لاشاري۽ رحيم بخش آزاد سميت اڙدو، پنجابي ۽ سنڌي جي مختلف ليکڪن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي هئي..
اداري جي ڪارڪنن خاص طور تي جاني، مظفر ۽ مشتاق وغيره سان ڄڻ خاص ناتا قائم ٿي ويا هئا. منجھانئن ڪي ته رڳو اتي نوڪري ڪندا هئا جڏهين ته جاني جهڙا نوجوان واقعي سنجيده هوندا هئا ۽ مون سميت اداري ۾ ايندڙ مختلف دوستن سان مختلف نظرياتي ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. جاني جي شخصيت ۾ جيڪا معصوميت، تجسس ۽ پيار هوندو هو اهو اڄ به منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهي. منجھانئن ڪجھ مختلف ترقي پسند سياسي جماعتن سان پڻ لاڳاپيل هوندا هئا ۽ اداري تي ان لحاظ کان تنقيد ڪندا هئا ته اهو پنهنجي مقرر ڪيل دائري کان ٻاهر نه ٿو نڪري. جڏهين ته ٻاهر ويٺل اسان جهڙن ماڻهن کي اهو محسوس ٿيندو هو ته ادارو مختلف دٻائن جي باوجود پنهنجي وت کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيو هو. اهو جيتوڻيڪ سياسي ڪم کان پاڻ کي هڪ فاصلي تي رکندو هو پر انساني حقن جي حوالي سان جيڪي سرگرميون، مظاهرا ۽ سيمينار وغيره ٿيندا هئا انهن ۾ ان جي شرڪت هوندي هئي.
پاڪستان کي هڪ گھڻ مذهبي جمهوري رياست طور دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاء اهو ضروري آهي ته مذهبي ٿورايون نه رڳو هتان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي جي مک ڌارا جو حصو هجن پراهي پاڻ کي ائين سمجھن. پر هن ملڪ جي مستقل مفاد رکندڙ ڌرين، جنهن ۾ مذهبي ٿوراين جو ايليٽ پڻ شامل آهي، جو اهو مقصد آهي ته هن ملڪ کي هڪ مذهب جي ماڻهن جو ملڪ ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ مذهبي ٿوراين کي ڪٿي ڪنڊ پاسي ۾ ڌڪي الڳ ٿلڳ رهڻ لاء مجبور ڪجي. ساڳي ريت اداري پاران ٿيندڙ اهڙين ڪوششن کي به انهن ڌرين پاران چڱي نظر سان نه ٿي ڏٺو ويو. جيتوڻيڪ اهڙو ڪو ڏيکاء نه ٿي ڏنو ويو پر اداري ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙن تي ان سلسلي ۾ دٻاء هو. شايد کين اهو اندازو نه هو ته ان دٻاء جو نتيجو دهشت گردي جي هڪ ڀيانڪ ڪاروائي جي صورت ۾ به نڪري سگھي ٿو جنهن جي ڪري اهي معمول موجب پنهنجو ڪم جاري رکندا ٿي آيا. هڪ صبوح جو رمپا پلازه جي ٽين ماڙ تي اداري جي ڪارڪنن پاران معمول موجب دفتر کولي ڪم شروع ڪيو ويو، اداري جا گھڻي ڀاڱي ملازم اتي موجود هئا. ڪلاڪ اڌ کانپوء اها پڪ ڪرڻ کان پوء ته وڌ ۾ وڌ ملازم دفتر ۾ موجود هوندا جديد هٿيارن سان هٿياربند ڪجھ دهشت گرد دفتر ۾ داخل ٿين ٿا ۽ اتي موجود سڀني ڄڻن کي گولين سان ڀڃي ڏهڪاء سان ڀريل شهر ۾ نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي وڃن ٿا. فادر آرنلڊ ان وقت ملڪ کان ٻاهر هو جڏهين ته رحيم بخش آزاد ان واقعي کان ڪجھ وقت پوء دفتر پهچي ٿو ۽ واقعي جي اطلاع ٻاهر جي دنيا تائين پهچائي ٿو.. مارجي ويلن جي مائٽن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن احتجاج ۽ مظاهرن وغيره وسيلي حڪومت کان ان واقعي جي جاچ ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جي گھر ڪئي. ان وقت جيئن ته شهر ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول هئا ۽ ٻي ڳالھه ته اهو عيسائين جي هڪ اين جي او جي ماڻهن سان ٿيو هو ان ڪري ان تي وڌيڪ توجھ نه ڏنو ويو ۽ اهو به ڄڻ شهر ۾ ٿيندڙ ٻين واقعن جيان نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو.
ان کان پوءِ اداري جون سرگرميون ختم ٿي ويون ۽ ان جو دفتر بند ٿي ويو. بهرحال پنهنجي زندگي ۾ اداري پاران جيڪي قدر ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ويا ۽ ان جي ڪارڪنن پاران جنهن همت ۽ جرات جو مظاهرو ڪيو ويو اهو خاص طور تي ملڪ جي مذهبي ٿوراين لاء پاڻ کي ملڪ جي مک ڌارا سان ڳنڍڻ لاء هڪ سونهين مثل آهي. اداري جو نالو گھٽ ۾ گھٽ ملڪ جي جمهوريت پسندن جي يادگيرين ۾ هميشه جيئرو رهندو.