ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڄام ساقي سان ڪجھ ملاقاتون
ڏوڪري ۾ ٿيل ساٿي ٻارڙا سنگت جو اهڙو هڪ ڪنونشن مون کي ياد آهي جنهن ۾ استاد بخاري سان پهرين ۽ آخري ملاقات ٿي هئي. پروگرام جيتوڻيڪ شام جو هو پر استاد اسان ڪجھ دوستن جيان جيڪي ڪراچي مان صبوح ساڻ ئي اتي پهچي ويا هئا ڏينهن ۾ ئي اتي پهچي ويو هو. عام ڪارڪنن سان گڏ فرش تي ويهي ڪچهري ڪرڻ وارو اهو شخص اهو ڏيکاء نه پيو ڏئي ته هو سنڌ جو هڪ وڏو شاعر آهي ۽ سندس ڪا وڏي مڃتا آهي. شاعري کان وڌيڪ سندس شخصيت جو اهو تاثر منهنجي لاء وڌيڪ ديرپا آهي.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ خاص طور تي دادو ۽ لاڙڪاڻي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جو زور هوندو هو ۽ رات ته ٺهيو ماڻهو ڏينهن جو شهر ۾ به نڪرڻ ۾ ڪيٻائيندا هئا. ان صورتحال ۾ دوستن اهو پروگرام ٺاهيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ سائين علي اڪبر ڍڪڻ، جنهن سان اسٽيٽ بينڪ ۾ هئڻ جي ناتي هڪ تعلق هو، جي ڳوٺ جو چڪر هڻجي ۽ سندس گھر ڏسجي. سج لٿي جو ٽاڻو هو ۽ اهو رستو ڪچي مان ٿي گذريو ٿي. اسان جي پويان پروگرام جا منتظم پڻ پريشان هئا ته مهمان جيڪي سندن ذميواري هئا سي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا ۽ جيڪڏهين ساڻن ڪجھ ٿيو ته پڇاڻو کانئن ٿيندو. بھرحال اسان کي به صورتحال جي سنگيني جو اندازو ان وقت ٿيو جڏهين ڪچي ۾ داخل ٿياسين.ِ بھرحال جڏهين خير سان ڏوڪري ۾ جلسي گاه ۾ پهتاسين ته اسان ۽ جلسي جي منتظمين ٻنهي شڪر جو ڪلمو ڀريو.ان کان سواء خيرپور ۾ شاه لطيف يونيورسٽي ۾ ٿيل ڊي ايس ايف جي هڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿيس. ساڳي ريت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پارٽي سان همدردي رکندڙ سنگت جي مختلف شاخن پاران پڻ مختلف ادبي پروگرامن ۾ مدعو ڪيو ويندو هو.
پارٽي پاران سندن مختلف سنڌي ۽ اڙدو ۾ نڪرندڙ رسالن جهڙوڪ شعور ۽ روشن خيال وغيره لاء مختلف موضوعن تي مون کي مضمونن وغيره لکڻ لاء به چيو ويندو هو. ان سلسلي ۾ اهو ضروري نه هوندو هو ته هر معاملي تي پارٽي ۽ منهنجو موقف ساڳيو هجي. اختلاف تي ڳالهايو ويندو هو ۽ ڪڏهين ان تي سهمت ٿبو هو ۽ ڪڏهين نه ٿبو هو. پر اهو گھٽ ئي ٿيندو هو ته انهن مضمونن کي شائع نه ڪيو وڃي. اهو ان ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو هو ته ان وقت پارٽي پاڻ هڪ تبديلي جي مرحلي مان گذري رهي هئي. سوويت يونين گورباچيف جي گلاسنوست ۽ پريستروئيڪا تحت ٿيندڙ تبديلين مان گذري رهيو هو جنهن ۾ ان ڳاله کي مڃيو ويو هو ته سماج ۾ سچ جي رڳو هڪ ۽ قطعي صورت ناهي. اهو مختلف ماڻهن ۽ مختلف وقتن تي مختلف ٿي سگھي ٿو. انهن تبديلين تي بحث ڪرڻ سان گڏوگڏ پارٽي تي اهو به دٻاء هو ته اها سماج جي مختلف پرتن، جيڪي ساڻس مڪمل طور تي متفق ناهن پر سندس ويجھو آهن، سان اوپرائپ ختم ڪري پنهنجي تعلق کي مضبوط ڪري.
پارٽي جي اڳواڻن ڄام ساقي، نازش امروهي ۽ جمال نقوي وغيره سان گھڻو پوء منهنجي ملاقات ٿي. ڏٺو وڃي ته جنهن ماحول ۾ منهنجي سياسي تربيت ٿي هئي ۽ جيڪي تاثر مون پنهنجي ليکي سندن متعلق قائم ڪيا هئا اهي ٻن قسمن جا هئا. هڪ ته اهي ماڻهو سوشلزم ۽ طبقاتي سياست جي نالي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا دشمن ۽ سنڌ جو استحصال ڪرڻ چاهين ٿا جڏهين ته ٻيو تاثر سندن پراسرار شخصيت متعلق هو. اهڙا شخص جيڪي پنهنجن آدرشن جي ڪري روپوشي جي حالت ۾ رهن ٿا، سرڪار وٽ خطرناڪ سمجھيا وڃن ٿا، ٽارچر ڪئمپن ۾ بدترين ايذاءَ سهي به ٻڙڪ ٻاهر نه ٿا ڪڍن. جيڪڏهين ماڻهو ڪنهن ڳاله تي ڳنڍ ٻڌي نه ٿو بيهي ۽ پنهنجي ذهن کي کليل رکي ٿو ته لاڳيتو عمل ماڻهو جي خيالن ۽ نظرين ۾ پختگي يا تبديلي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ساڻس هزار سياسي ۽ ذاتي اختلافن هوندي به ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي هر سياسي ڪارڪن وٽ ڄام ساقي جي لاء سندس جدوجهد ۽ قربانين جي ڪري عزت ۽ احترام هوندو هو ۽ ساڻس ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي خواهش هوندي هئي. آئون سمجھان ٿو ته منهنجي جڏهين ساڻس پهرين ملاقات فيض سومرو جي پاڪستان ڪوارٽر واري گھر تي ٿي هئي تڏهين شايد هو روپوش نه هو ۽ ملڪ کان ٻاهر به هڪ اڌ چڪر هڻي چڪو هو. ساڻس جڏهين ان پرڏيه ياترا جو ذڪر نڪتو ته سندس چوڻ هو ته ڪامريڊ سهڻن گلن جي چوڌاري ڪنڊا به گھڻا هوندا آهن ۽ تڪليفن سان گڏ اهي آرام ۽ آسيس به ميسر ٿي وڃن ٿا. ان ملاقات ۾ ساڻس سياسي موضوعن تي ڪا خاص ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
ڄام سان ٻي ملاقات حيدرآباد ۾ ڪنهن هوٽل ۾ جتي شايد ڊي ايس ايف جو ڪو پروگرام هو ۽ جنهن ۾ سوڀو گيان چنداڻي به شريڪ ٿيو هو اتي ٿي. شآم جو دير ٿي وڃڻ ڪري ڪراچي موٽڻ ڏکيو هو ان ڪري اها رات ڄام جي گھر ۾ سندس خاندان سان گڏ هڪ گھر ڀاتي وانگر رهيس. ڄام ملڪي سياست جو هڪ وڏو نالو هو ۽ آهي. پر سندس رويو عام ماڻهن ۽ سياسي ڪارڪنن سان روايتي سياسي اڳواڻن بجائي بلڪل هڪ عام ڪارڪن ۽ عام ماڻهو وارو هوندو هو. ان ۾ ڪا اهڙي وڏائي يا معتبرائپ نظر نه ايندي هئي جيڪا کاٻي ڌر ۽ قوم پرست تنظيمن جي گھڻن سياسي اڳواڻن ۾ پڻ نظر ايندي آهي. گھٽ ۾ گھٽ مون سندس ورتاء مان ائين ئي محسوس ڪيو. ممڪن آهي ته سندس پارٽي جي ڪارڪنن جو ان متعلق رايو مختلف هجي.
ان کان پوء ڄام سان مختلف موقعن تي ملاقاتون ٿينديون رهيون. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪرڻ آئون ضروري سمجھان ٿو. هڪ ڀيري ڪجھ دوستن سان گڏجي ناظم آباد ۾ پروفيسر جمال نقوي جي گھر، جتي آئون ٻه ٽي ڀيرا اڳ به وڃي چڪو هوس، ڪچهري جي خيال سان وڃڻ ٿيو. اتي ڄام اڳ ئي موجود هو. ساڻس عليڪ سليڪ ۽ ڪچهري ٿي. ڪجھ دير کانپوء هڪ پاسي وٺي وڃي مون کي چيائين ته ڪامريڊ پارٽي پاران مون کي چيو ويو آهي ته اوهان کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان. مون سندس ڳاله ڌيرج سان ٻڌي ۽ ۽ ڪنهن رد ڪد ۽ بحث مباحثي کانسواء نهايت آرام سان سڌي نموني کيس جواب ڏنو ته ڪامريڊ آئون پارٽي ۾ شامل ٿي نه ٿو سگھان. آئون سمجھان ٿو ته ان سان مون ڏانهن ڄام جي روئي ۾ ڪو فرق نه آيو. هو پوءِ به مون سان ساڳي نموني سان ملندو رهيو.
هڪ ٻيو موقعو جڏهين سنگت ڪراچي پاران فنانس ۽ ٽريڊ سينٽر جي آڊيٽوريم ۾ شيخ اياز سان وڏي پئماني تي هڪ پروگرام ڪيو ويو هو، جنهن جي سنگت جي حوالي سان خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ داخلا لاء به ڪارڊ ڏيکارڻ جو شرط هو. هن پروگرام ۾ ڄام به شريڪ هو. ان وقت ٿورائي ۽ گھڻائي جي حوالي سان پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو هئي، جنهن ۾ ڄام ۽ پروفيسر جمال نقوي وارا هڪ پاسي هئا ۽ مير ٿيٻو، امداد قاضي ۽ ٻيا گھڻا ٻئي پاسي هئا. ڄام شايد ان وقت پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هو. سوال اهو هو ته سوشلزم جي واٽ صحيح آهي يا آمريڪا جي تجويز ڪيل آزاد معيشت ۽ سرمايا دارانا جمهوريت جي واٽ وٺجي. ڄام جمال نقوي سان ان سلسلي ۾ گڏ هو ته آزاد معيشت ۽ سرمايادارانا جمهوريت واري واٽ صحيح آهي، جڏهين ته هو سڄي عمر جنهن سوشلزم جي وڪالت ڪندا رهيا، اها سندن زندگي جي وڏي غلطي هئي.
بھرحال ان پروگرام جو جڏهين تقريرن وارو سيشن پورو ٿيو ته وقفي ۾ ڄام سان ملاقات ٿي. مون کي چيائين ته ڪامريڊ اوهان سان ڳالهائڻو آهي. جيئن ته ان پروگرام جي انتظام ڪندڙن ۾ آئون شامل هوس ان ڪري مون کي اهو مناسب نه پئي لڳو ته رڳو اسٽيج تي ويهي ۽ تقرير ڪري آئون ٻيو سڄو ڪم ٻين دوستن جي حوالي ڪري هليو وڃان. ان ڪري مون کيس چيو ته ڪامريڊ هن وقت ته ٿوري مصروفيت آهي پاڻ پوءِ ويهي فرصت ۾ ڳالهائي سگھون ٿا. ممڪن آهي ته ڄام ان کي ٻئي طريقي سان سمجھيو هجي، بھرحال پوء وري ڳالهه ٻولهه جو اهڙو موقعو نه آيو.
آئون اڪثر اهو سوچيندو آهيان ته مون کي ان وقت ڄام سان ڳالهائڻ لاء وڃڻ گھرجي ها پر وري اهو به خيال ايندو آهي ته ڳالهه سڄي موقعي جي هوندي آهي ۽ مون ان وقت سنگت جي پروگرام کي اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ نه ٿي چاهيو. ان کان پوء ڄام سان هڪ اڌ ڀيرو ڪنهن پروگرام ۾ ملاقات ٿي آهي پر هاڻي سوشلزم ۽ ڪميونسٽ پارٽي ته سندس لاء عهد رفته جي داستان ٿي چڪي ھئي.