آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سائو انقلاب ۽ زرعي قرض

بينڪن جي قرضن جي write off واري ڪم مان جان آجي ٿيڻ کان پوءِ مون کي زرعي ترقياتي بينڪ جي انسپيڪشن ڪندڙ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. اها بينڪ عام ڪمرشيل بينڪن جيان ناهي، جنهن جو مقصد رڳو نفعو ڪمائڻ هجي. ان کي قائم ڪرڻ جو مقصد به اهو هو ته جيئن ته ڪمرشل بينڪن پاران قرضن وغيره جي معاملي ۾ زرعي شعبي کي غير منافع بخش ۽ وڌيڪ جوکم وارو سمجھي نظرانداز ڪيو ويو هو، ان گھٽتائيءَ کي ان بينڪ جي قائم ڪرڻ وسيلي پورو ڪري سگھجي ۽ ساڳي وقت آبادگارن کي سائي انقلاب جي نتيجي ۾ متعارف ٿيل نئين زرعي ٽيڪنالوجي وغيره کان پڻ واقف ڪرائي، ان جي تربيت وغيره ڏيئي سگھجي. ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي انسپيڪٽرن سان مسئلو اهو رهيو آهي ته، کين جيڪا تربيت ڏني وڃي ٿي، اها گھڻي ڀاڱي ڪمرشل بينڪن وغيره جي ڪم جي لحاظ کان هوندي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ جيڪي مالياتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ۾ جيتوڻيڪ گھڻائي ڪمرشل بينڪن جي آهي، پر گڏوگڏ ٻيا اهڙا ادارا به آهن، جن کي ٻين مختلف مقصدن لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ان لحاظ کان انهن کي مختلف نموني سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ زرعي ترقياتي بينڪ انهن مان هڪ آهي.
موسمي حالتن وغيره تي دارومدار هئڻ جي ڪري زراعت جو شعبو هميشه غير يقيني صورتحال جو شڪار هوندو آهي، ان ڪارڻ ۽ ٻين مختلف سببن جي ڪري حڪومت وقت بوقت آبادگارن جي قرضن معاف ڪرڻ وغيره جا اعلان ڪندي رهندي آهي. ساڳئي وقت بينڪ جي ان نقصان جي پورائي لاءِ بجيٽ وغيره مان ان کي فنڊ وغيره ڏيندي رهندي آهي. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته بينڪ جي معاملن کي ان وقت جو گورنر عشرت حسين به ان ساڳي اک سان پيو ڏسي، جنهن سان ڏسڻ جي انسپيڪٽر کي تربيت ڏني ويئي هئي. سندس آڏو شايد اولهه جي زراعت جو نمونو هو ۽ هو شايد اهو چاهيندو هجي ته، بينڪ کي ان طرح سان ڪمرشل بنيادن تي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. اسٽيٽ بينڪ هڪ لحاظ کان انهن ادارن جي سرپرست جو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ انهن جي مالي ۽ تيڪنيڪي معاملن ۾ مدد ڪندي رهندي آهي. ان مقصد لاءِ گورنر، بينڪ جي نئين سر اڏاوت يا ري اسٽرڪچرنگ جي نالي ۾ مختلف عالمي مالياتي ادارن وغيره سان ٺاه ڪيا ۽ اهو پڌرو ڪيو ته ڪجهه عرصي ۾ بينڪ جي نظام کي جديد بنيادن تي استوار ڪيو ويندو ۽ بينڪ جي هر برانچ ۾ ڪمپيوٽر ۽ تربيت يافته عملو هوندو.
ان عمل جي هلندي ٻه سال آئون بينڪ جي انسپيڪشن جي عمل ۾ شامل رهيس، پر سواءِ بينڪ جي نالي جي انگريزي مان اڙدو ۾ تبديل ٿيڻ جي ٻي ڪا خاصيتي تبديلي نه اچي سگھي. آئون سمجھان ٿو ته بينڪ پنهنجي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان اڄ به اتي ئي بيٺل آهي، جتي ان وقت بيٺل هئي. مک مسئلو اهو آهي ته ان وٽ قرض لاءِ ضمانت زمين جي يا مستقبل ۾ ايندڙ پوک جي هوندي آهي. انهن شين کي نقد ۾ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان صورتحال غيريقيني هوندي آهي. هونئن ڏٺو وڃي ته بينڪ وٽ ڪروڙين اربين روپين جي زمين گروي رکيل آهي، پر جڏهن ان کي وڪڻڻ يا نيلام وغيره ڪرڻ جو سوال اٿي ٿو ته، زمين جي ملڪيت ۽ مالڪ جي سماجي ۽ سياسي حيثيت سميت گھڻا سوال ڪر کڻي بيهن ٿا. گھڻين صورتن ۾ ته بينڪ جي عملدارن کي پنهنجي نوڪري، ايستائين جو پنهنجي جان بچائڻ به ڏکيو ٿي پوي ٿو. ان حوالي سان عدالتن ۾ جيڪي ڪيس هلندڙ آهن، انهن کي سال گذري ٿا وڃن، پر انهن جو ڪو نبيرو نه ٿو ٿئي.
زرعي ترقياتي بينڪ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جون شاخون اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ به موجود آهن، جتي ٻيون بينڪون وڃڻ جو تصور به نٿيون ڪري سگھن. مون کي ان انسپيڪشن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪراچي شهر ۾ ملير جا ڳوٺ ۽ سامونڊي پٽي اهڙا ٻيٽ آهن، جيڪي نه رڳو شهري سهولتن کان پري آهن، پر اتي ساڳئي نموني، پر ڪِن صورتن ۾ ان کان به خراب نموني سان وڏيرن ۽ سردارن جو راڄ قائم آهي، جيئن سنڌ جي ٻين ٻهراڙين وارن علائقن ۾ آهي. بينڪ جون ڪجهه شاخون ڪراچيءَ جي انهن علائقن ۾ به آهن. ابراهيم حيدري سان لڳ سامونڊي پٽي ڄاموٽن ۽ جتن جي اثر هيٺ آهي. اهي ماڻهو مختلف وقتن تي ڪراچي شهر، سنڌ جي ٻين علائقن ۽ قومي سطح تي هتان جي ماڻهن جي نمائندگي ڪندا رهيا آهن، پر انهن علائقن ۾ نه ته تعليم جي مناسب سهولت آهي، نه صحت جون سهولتون آهن ۽ نه ئي مهاڻن کي روزگار ۽ سماجي لحاظ کان ڪي جوڳا تحفظ حاصل آهن. انهن ماڻهن کي ڪراچي جا پراڻا شهري چيو وڃي ٿو، جيڪا حيرت جهڙي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن کي شهرين جهڙي ڪا سهولت نه ڏني ويئي آهي. هاڻي ڪراچي شهر انهن کي گھڻو پوئتي ڇڏي اڳتي وڌي ويو آهي. اها ساڳي حالت گھڻي ڀاڱي ڪراچيءَ جي ٻهراڙي جي آهي.
زرعي قرضن جو تناسب سنڌ ۾ نهايت گھٽ آهي. ان جو مک ڪارڻ اهو آهي ته هتي يا ته ننڍيون ٻنيون آهن، جن کي آبادگار پنهنجي پيٽ گذر لاءِ کيڙي ٿو، جنهن لاي کيس قرض جي ضرورت نه ٿي پئي ۽ بينڪون انهن کي قرض لائق به نٿيون سمجھن يا ته وڏيون زمينون آهن، جن جو وڏو حصو اڻ پوکيل ئي رهجي ويندو آهي ۽ زميندار جو هونئن ئي گذارو ٿي ويندو آهي. انهن ٻنين ۾ پوک جي حوالي سان زميندار جي دلچسپي نالي ماتر ئي هوندي آهي.
ان ڪري ڪجهه عرصو سنڌ ۾ گذاري انسپيڪشن ٽيم پنجاب ڏانهن رخ ڪندي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ خاص طور ڏکڻ پنجاب ۾ وچولي درجي جون ٻنيون آهن، جن مان آبادگار وڌ ۾ وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هتي ٻنيءَ جي ڪنهن ٽڪڙي کي خالي ڇڏڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هتان جي آبادگار کي وڏو فائدو اهو آهي ته هتي سنڌ جي ڀيٽ ۾ نهري پاڻي وافر مقدار ۾ موجود آهي. ٻي ڳالهه ته مينهن به گھڻا پون ٿا. ان سلسلي ۾ بهاولپور جي ويجھو يزمان جو علائقو ڄڻ ته هڪ مثال آهي. اهو درحقيقت ريگستان آهي، جتي زمين کي ٺاهي جوڙي نهري پاڻي وسيلي شاندار قسم جي پوک ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ان جي آسپاس ريگستان پوري ريت نظر اچي ٿو.
هتي زرعي ٽيڪنالوجي، ٻج، ولايتي ڀاڻ ۽ مشنيري جو ڀرپور استعمال ٿئي ٿو، جنهن ڪري في ايڪڙ پيداوار سنڌ جي گھڻن علائقن کان وڌيڪ آهي. هڪ لحاظ کان اهو علائقو ڄڻ پنجاب جي زراعت جو مرڪز آهي. هتي صنعتون گھٽ آهن، جن جو گھڻو تعداد وچولي پنجاب ۾ ملي ٿو. انهن آبادگارن کي زرعي بينڪ کانسواءِ ٻيون بينڪون به قرض ڏيڻ لاءِ تيار هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته کين ان ڳالهه جي پڪ هوندي آهي ته انهن جو صحيح استعمال ٿيندو ۽ انهن جي واپسي به وقت تي ٿي ويندي. جيتوڻيڪ اهو سرائيڪي علائقو آهي، پر انهن ذڪر ڪيل آبادگارن ۾ انهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ جيترو به ناهي. هتي وڏو تعداد انهن آبادگارن جو آهي، جيڪي ورهاڱي وقت لڏي اچي هتي رهيا هئا، جڏهن ته وچولي ۽ اتر پنجاب جا به ڪجهه ماڻهو ملندا، جيڪي لڏي اچي هت رهيا آهن.
مختلف ڊائريڪٽر ۽ انهن جا رويا
انسپيڪشن ۾ مون اٽڪل پندرنهن سالن جو عرصو گذاريو، جيڪو بينڪ جي ڪنهن به ٻئي شعبي ۾ منهنجي گذاريل عرصي کان وڌيڪ هو. ان عرصي ۾ مختلف ڊائريڪٽرن سان ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو، جن مان شروعاتي ڊائريڪٽر ظفر حسنين، پراڻن ماڻهن مان هو، جيڪو منهنجي ڊپارٽمنٽ ۾ اچڻ کان ٿورو عرصو پوءِ ئي رٽائر ٿي ويو.
انهن پراڻن ماڻهن جا پنهنجا ئي واسطا ۽ حلقا هوندا هئا ۽ اهي ڪوشش ڪري انهن ماڻهن کي ئي فائدا ڏيندا هئا. ان وقت اها ئي اهم ڳالهه هوندي هئي. ان جو اهم ڪارڻ اهو به هو ته ان وقت ڊپارٽمنٽ ايڏو متحرڪ نه هو ۽ نه ئي ان ۾ نون ماڻهن جو ڪو وڏو تعداد هو. ان ۾ ڄڻ ته تبديليءَ جو عمل اڃا اچي رهيو هو. ان جي جاءِ تي وري هڪ پراڻي همراهه؛ الطاف کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو ٿوري عرصي ۾ رٽائر ٿيڻ وارو هو، پر اهو تبديلي جي دٻائن ۽ پنهنجي طبيعت جي خرابيءَ جي ڪري ان کان به اڳ رٽائرمنٽ وٺي هليو ويو. ان کان پوءِ قاضي عبدالمقتدر، جيڪو ان وقت بينڪنگ پاليسي جو ڊائريڪٽر هو، کي انسپيڪشن جي اضافي چارج ڏيئي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، پر ٻُڌل خبرن موجب سندس معاملو شايد مئنيجمينٽ سان سٺي نموني هلي نه سگھيو، ان ڪري ٿوري عرصي کان پوءِ ئي کيس ترقي ڏيئي اسلام آباد ۾ اسٽيٽ بينڪ جي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بينڪنگ اينڊ فنانس (NIBAF) ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪري پاسيرو ڪيو ويو.
ان کان پوء ڊپارٽمنٽ جي هڪ آفيسر اظهر قريشي، جيڪو هڪ ڊگھي عرصي کان اتي ڪم ڪري رهيو هو ۽ ڊپارٽمنٽ جي اسٽاف ۽ ماحول کان چڱيءَ ريت واقف هو،ِ کي ڊپارٽمنٽ جي چارج ڏني ويئي. ان سان، سندس ماتحت طور مون اڳ ۾ به ڪم ڪيو هو. بينڪ ۾ جيتوڻيڪ مون هڪ ڊگھو عرصو گذاريو، پر هن ماڻهوءَ جي طبيعت جي آفيسرن سان منهنجو واسطو گھٽ ئي پيو. هي بينڪ جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر جو پٽ هو ۽ شايد ڪجهه عرصو پاڻ بي سي سي آئي جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾، ان ۾ به ڪم ڪري چڪو هو. هڪ خوش لباس ماڻهو. سندن هڪ خاصيت اها به هئي ته، هُو پنهنجي هيٺئين اسٽاف سان هميشه نرم رويو رکندو هو، ساڻن مهذب نموني پيش ايندو هو ۽ انهن ڏانهن مثبت رويو رکندو هو. ساڳئي وقت هُو پنهنجي مٿين آفيسرن جي دٻاءَ ۾ نه ايندو هو ۽ پنهنجيءَ مرضي موجب ڪم ڪندو هو.
پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه هئڻ ڪري هيٺئين اسٽاف ۾ سندس عزت هوندي هئي، جڏهن ته مٿين سطح تي آفسر سندس روئي جي شڪايت ڪرڻ جي باوجود سندس عزت ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا هئا. سندس شخصيت جو هڪ اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته، سندس انسپيڪشن سان لاڳاپيل ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ هڪ ٽريننگ ۾ نامينيشن ٿي هئي ۽ ان دوران ئي کيس ٻئي ڊپارٽمنٽ ۾ بدلي ڪري نيب ۾ ڊيپوٽيشن تي ويل اسٽيٽ بينڪ جي هڪ آفيسر عامر عزيز کي ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. هن رضاڪاراڻا طور اهو چئي ان ٽريننگ تان هٿ کنيو ته، اها جيئن ته سندس نئين ڪم سان لاڳاپيل ناهي ۽ ان تي نئين ايندڙ ڊائريڪٽر جو ئي حق آهي، ان ڪري ان کي ئي ان ۾ وڃڻ گھرجي. اهڙي ريت نئون ڊائريڪٽر اچڻ سان بلڪه ائين چئجي ته جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي ان ٽريننگ لاءِ ٻاهر هليو ويو. پوءِ مٿين سطح تي بينڪ ۾ جيڪي تبديليون آيون ۽ ماحول بدليو، اظهر قريشي ان سان پاڻ کي هم آهنگ نه ڪري سگھيو ۽ رٽائرمنٽ کان اڳ ئي موڪل وٺي هليو ويو.
عامر عزيز گھڻو عرصو ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر رهيو. پوءِ ترقي ملڻ بعد به ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور ڊپارٽمنٽ سندس ماتحت رهيو، ان ڪري مون کي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو گھڻو عرصو موقعو مليو. هن جو پنهنجي اسٽاف ۽ آفيسرن سان هڪ سرگرم تعلق هوندو هو. وقت بوقت ڊپارٽمنٽ جي گڏجاڻين ڪوٺائڻ سان گڏوگڏ ڏينهن ۾ ڊپارٽمنٽ جا ٻه ٽي چڪر هڻندو هو ۽ ڪٿي به ڪنهن آفيسر سان ڪچهري ۾ بيهي رهندو هو. ائين ٻيا همراه به اتي سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندا هئا ۽ کيس هڪ لحاظ کان ڄڻ ته غير رسمي طور ڊپارٽمنٽ ۽ بينڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هوندو هو، ان جي ڄاڻ ملي ويندي هئي. منهنجي خاموش طبيعت ۽ آفيسرن سان گھٽ اٿ ويهه جي ڪري شروع ۾ منهنجي متعلق سندس سٺو تاثر نه هو، پر وقت گذرڻ سان جيئن ساڻس تعلق وڌيو ۽ پنهنجن مختلف ڪمن کي مون وقت سر پورو ڪيو ته، مون ڏانهن سندس روئي ۾ پڻ تبديلي آئي.
اسٽيٽ بينڪ ۾ ان وقت سالياني رپورٽ جو جيڪو نظام هو، ان ۾ ان کي مڪمل ڪرڻ کان اڳ سپروائيزر لاءِ ضروري هوندو هو ته ان تي لاڳاپيل ملازم سان ڳالهائي ۽ ان کي جيڪڏهن ان تي ڪي اعتراض آهن ۽ هو رپورٽ ڏيندڙ سان ڪن ڳالهين ۾ متفق ناهي ته، هو ان کي لکت ۾ پيش ڪري. رپورٽ ڏيڻ وقت معمول موجب عامر عزيز مون کي گھرايو ۽ مون کي چيائين ته، اوهان منهنجي توقعات کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، اوهان ۾ گھڻي صلاحيت آهي ۽ اوهان ان کي مناسب طور استعمال ڪيو.
پنهنجي ترقيءَ کانپوءِ ڊپارٽمنٽ جي پنهنجي ماتحت هئڻ جي باوجود هن معمول جي ڪمن ۽ نئين ڊائريڪٽر جي معاملن ۾ گھڻو دخل ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. نئون ڊائريڪٽر عنايت حسين بينڪ جي پراڻن آفيسرن مان هو، جن کي ڊاڪٽر عشرت حسين جي دور ۾ وڏن آفسرن سان ويجھڙائي وغيره جي ڪري جوائنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو ۽ پوء اهي ساڳي ريت ترقي ڪري ڊائريڪٽر جي عهدي تائين پهتا هئا. ان عهدي جي ماڻهوءَ ۾ جنهن توازن، ڌيرج ۽ پختگي وغيره جي ضرورت هوندي آهي، ان جي هن ۾ کوٽ محسوس ٿي ٿي. پر ٿوري ئي عرصي ۾ بينڪ ۾ مٿئين سطح تي ڄڻ هڪ وڏي تبديلي واقع ٿي. گورنر سليم رضا استعفيٰ ڏيئي ڇڏي، جنهن جي جاءِ تي ايڪٽنگ چارج ڊپٽي گورنر ياسين انور کي ڏني ويئي، جيڪو پوءِ باقاعدي گورنر مقرر ٿيو. ان وقت تائين ياسين ڄڻ سائيڊ لائين ٿيل هو ۽ بينڪ جي معاملن ۾ سندس گھڻو عمل دخل نه هو، پر سندس گورنر ٿيڻ سان پهرين وڏي تبديلي اها آئي ته قاضي عبد المقتدر کي نباف اسلام آباد مان بدلي ڪري بينڪنگ انسپيڪشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي عامر عزيز کي اسلام آباد بدلي ڪيو ويو. ان وقت تائين جيتوڻيڪ عامر عزيز کي انسپيڪشن مان بينڪنگ پاليسي ۾ بدلي ڪيو ويو هو، پر هن اسلام آباد وڃڻ کان اڳ انسپيڪشن جي آفيسرن جي هڪ گڏجاڻي ۾ کين چيو هو ته، هاڻي مٿن ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ۽ کين مڙس ماڻهو ٿي ان کي مُنهن ڏيڻو آهي.