ڪراچيءَ ۾ خوف ۽ دھشتگردي جي شروعات
1978 ۾ جڏهن آئون يونيورسٽي مان فارغ ٿيس ته ان وقت گلشن اقبال جا ڪجهه گھر اڃا ٺهڻ مس شروع ٿيا هئا. اهڙي ريت شهر؛ صدر يا کڻي چئجي ته وڌ ۾ وڌ گرو مندر تي ختم ٿي ٿي ويو. ان وقت لالو کيت، ناظم آباد ۽ فيڊرل ايريا کي شهر کان ٻاهر ليکيو ويندو هو. ٻئي پاسي خاص طورتي لياري ءِ کارادر ۽ مٺادر وغيره جا ماڻهو رات جي ماني کائڻ کانپوءِ سائيڪلن تي ۽ پنڌِ ڪراچيءَ جي ’هوا بندر‘، جنهن کي ڪلفٽن جو نالو ڏنو ويو آهي، ڏانهن نڪري ويندا هئا - ۽ دير تائين سمنڊ ڪناري ڪچهريون ڪري گھر موٽندا هئا. اهڙيون گھڻيون راتيون مون کي به ياد آهن. ڪجهه بنگلن کانسواءِ هتي ٻي ڪا آبادي نه هوندي هئي. پوءِ 1980 جي ڏهاڪي کان هتي فليٽن ۽ گھرن جو جيڪو جھنگ ٺهيو، ان ڄڻ سمنڊ جي ڪناري کي هتان جي ماڻهن لاءِ اوپرو ڪري ڇڏيو. ڏسندي ڏسندي شهر چئني پاسن کان ائين وڌندو ۽ ڦهلجندو ويو، جو هتان جون شيون سڃاڻڻ کان ئي پري ٿي ويون.
شهر جي ان ڦهلاءَ جيتوڻيڪ گھڻين شين کي اوپرو به ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ به شهر سان هڪ پنهنجائپ وارو تعلق آهي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ منهنجي هڪ سڃاڻپ آهي. منهنجا گھڻا مائٽ پنهنجو ناتو سنڌ جي ان شهر سان ڳنڍيندا آهن، جتان منهنجو ڏاڏو سئو سال کن اڳ لڏي ڪراچي آيو هو، پر منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڏکي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي اهو احساس هوندو آهي ته منهنجي شخصيت ان شهر جو ئي عڪس آهي ۽ آئون جيڪڏهن پاڻ کي ٻئي ڪنهن به علائقي يا شهر سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندس، ته اهو سراسر ڪوڙ هوندو.
ننڍي هوندي کان مون کي اڪيلي پنڌِ گھمڻ جي عادت هوندي هئي. ان جو هڪ ڪارڻ شايد اهو به هو ته ان وقت جيتوڻيڪ شهر ۾ رش ۽ ٽريفڪ گھٽ هوندي هئي، پر منهنجي لاءِ خاص طور ايم اي جناح روڊ کي پار ڪرڻ هميشه مسئلو رهيو آهي. شايد ڪجهه ماڻهن لاءِ اها ڳالهه حيرت جهڙي هجي ته، ان وقت صدر جي زينب مارڪيٽ واري پاسي، جتي ان وقت ريو ۽ ريڪس سنيمائون هونديون هيون ۽ هوٽل ميٽروپول واري علائقي ۾ سج لٿي کانپوءِ ائين سڃ ٿي ويندي هئي، ڄڻ راڪاس گھمي ويو هجي، پر ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه هوندو هو ۽ ماڻهو فلمن جو آخري شو ڏسي اطمينان سان پنهنجن گھرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا.
اها صورتحال ان وقت به رهي، جڏهن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سهراب ڳوٺ ۽ علي ڳڙه ڪالوني وارا واقعا ٿيا ۽ شهر وڳوڙن جي ور چڙهي ويو - ۽ شهر جي ماڻهن 1948 ۾ رتن تلاءَ وٽ گردواري ۾ ڀارت ڏانهن لڏيندڙ سکن کي جيئري ساڙڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو وڏي پئماني تي ماڻهن جو ڪوس ۽ انهن کي جيئري ساڙڻ جا منظر ڏٺا. اها ڳالهه سمجه ۾ اچڻ شروع ٿي ته، شهر تبديل ٿي ويو آهي - تبديل ٿي رهيو آهي- ۽ هاڻي ماڻهن کي انهن نين حقيقتن کي سامهون رکندي هتي رهڻو پوندو. شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪرفيو، روز جون هڙتالون، وڳوڙ ۽ ماڻهن جو ڪوس ڄڻ هڪ معمول بڻجي ويو هو. شاهه فيصل ڪالوني جهڙا ڪجهه علائقا اهڙا هئا، جتي مهينن تائين ڪرفيو لاڳو رهندو هو. شايد مون ان صورتحال جي سنگينيءَ کي محسوس نه ڪيو يا مون ان کي اڃا به پراڻي نظر سان ٿي ڏٺو، جنهن جو ڪارڻ شايد اهو هو ته ان وقت آئون لياري ۾ رهندو هوس، جيڪو ڄڻ ان سڄي هنگامي ۽گوڙ گھمسان کان پري؛ هڪ اهڙو ٻيٽ هو، جيڪو ٻولي ۽ رنگ، نسل جي فرق کانسواءِ؛ ٻين علائقن مان وڳوڙن جي ڪري ڀڄي آيلن لاء هڪ پناهه گاه هو، ان ڪري منهنجي آفيس وغيره وڃڻ جي معمولات ۾ ڪو فرق نه پيو، جيڪا ڳاله گھڻن آفيس وارن لاءِ به حيرت جوڳي هئي.
ان وقت منهنجا شهر جي جن سياسي ۽ ادبي تنظيمن سان واسظا رهيا، ان ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو شامل هئا، جن جو ترقي پسند مزدور، شاگرد ۽ ادبي تحريڪن سان واسطو هو - ۽ جيڪي سڀيئي ان صورتحال جي ڪري پريشان هئا، جنهن شهر کي ٻولي ۽ نسلي بنيادن تي ورهائي ڇڏيو هو. اها صورتحال گھٽجڻ بدران اڃا وڌندي ٿي ويئي. شهر، جيڪو اڳ ۾ شاگرد ۽ مزدور تحريڪن جو مرڪز رهيو هو ۽ هر جمهوري تحريڪ ۾ مهڙ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو هو، اتي اهي سڀ شيون ڄڻ ته پسمنظر ۾ هلي ويون. هڪ ته انهن تحريڪن سان لاڳاپيل ماڻهن جي صورتحال کي سڌارڻ جي ڪوششن جي ڪنهن نتيجي نه نڪرڻ کانپوءِ اهي هڪ بيوسيءَ جو شڪار ٿي ويا ۽ انهن ان کي جيئن جو تيئن قبولي ورتو.
ان جو ٻيو نتيجو اهو نڪتو، جيئن چوندا آهن ته، لوڻ جي کاڻ ۾ رهي ڪا به شئي لوڻ ٿي ويندي آهي. اهڙي ريت گھڻا ترقي پسند لاشعوري طور ان صورتحال جو حصو بڻجي ويا ۽ بجاءِ پنهنجو موقف ڏيڻ جي؛ نسلي سياست جي هڪ يا ٻئي موقف جي وڪالت ڪرڻ لڳا. ان سلسلي ۾ مون کي پنهنجي دوست؛ مزدور اڳواڻ بصير نويد، جنهن کي پوءِ ڪراچيءَ جي حالتن جي ڪري ملڪ ڇڏي وڃڻو پيو هو، جي اها ڳالهه ڄڻ اندر ۾ ويهي رهي ته، ’اسان انهن حالتن متعلق اڻ ڌريو ٿي ڳالهايون ٿا، پر يار، جڏهن ايم ڪيو ايم جو نالو اچي ٿو ته، اسان جي ذهن ۾ گھنٽي وڄڻ شروع ٿئي ٿي. هن وقت اهڙا سڀيئي ماڻهو مُنهن نه ڏيئي سگھڻ يا پنهنجي موقف ۾ چٽائي نه هئڻ ڪري Depoliticize ٿي ويا آهن ۽ گھڻن ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ پناهه ڳولهي آهي، جنهن جو عملي يا نظرياتي سياست سان ڪو لاڳاپو ناهي.‘
ان وقت ۾ شهر جي گھڻن علائقن مان لڏپلاڻ ٿي هئي ۽ ڪجهه علائقن ۾ وڃڻ ۾ ڊپ به ٿيندو هو، پر اهو به ڄڻ دوستن جو معمول هوندو هو ته سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين کانپوءِ دير تائين ڪچهريون ڪري، چانهيون پي، پوءِ دوستن سان گڏجي پنڌِ، لياريءَ ۾ پنهنجي گھرَ ڏانهن روانو ٿبو هو. پنڌِ ئي پنڌِ رنڇوڙ لائين، ڀيم پوره يا ٻين مختلف علائقن مان لنگھڻ مهل اهو خيال نه هوندو هو ته، اهو علائقو گينگ وار، امن ڪاميٽي يا ايم ڪيو ايم جو آهي- ۽ هتان لنگھندي ڪنهن احتياط جي ضرورت آهي.
شهر جي حالتن متعلق اخبارن ۽ ريڊيو وغيره تان ٻڌبو هو، پر اها ڄڻ هڪ پري جي ڳالهه لڳندي هئي. ڊپ اڃا پنهنجي ذات جو حصو نه بڻيو هو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ضياءَ الحق جي دور ۾ جڏهن بوهري بازار صدر ۾ بم ڦاٽو هو، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو مري ويا هئا ته ان جي ٻئي ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ انٽرويو ڏيندي جڏهن ان ڌماڪي متعلق ۽ منهنجي ڄامشوري پهچڻ متعلق سوال ڪيو ويو ته، مون کين حقيقتون ٻڌايون، جنهن ۾ڪنهن ڊپ يا پريشانيءَ جو عنصر ۽ واپس موٽڻ جو الڪو نه هو. ڊپ به شايد اهڙو احساس آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي ڄاڻڻ کانسواءِ ان جي اندر ۾ پلبو رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن موقعي تي نڪري نروار ٿيندو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ تائين جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر جو ماڻهو ڪراچيءَ جي حالتن تي تشويش جو اظهار ڪندو هو يا هتي اچڻ کان لنوائيندو هو ته منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو مون کي شهر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نظر نه ايندي هئي. پر شايد مون کي هتي رهڻ جي ڪري انهن حالتن جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ مون انهن کي محسوس نه ٿي ڪيو، جڏهن ته ٻاهر ويٺل ماڻهو ان کي معروضي طور تي ڏٺو ٿي ۽ ساڳئي وقت وٽس ان کان بچڻ لاءِ هڪ متبادل هو، جيڪو مون وٽ نه هو.
بعد ۾ خاص طور تي ان ڊپ کي پنهنجي انتهائي ويجھو ٿيندي محسوس ڪيم. پنهنجن ٻارن، دوستن ۽ مائٽن جي فڪر کانسواءِ؛ آئون پاڻ جنهن کي شهر ۾ پنڌ هلڻ مهل اها خبر نه هوندي هئي ته، اوسي پاسي ڇا پيو ٿئي، اهو هاڻي ڏهه قدم هلندي به ڏهه ڀيرا مُڙي اهو ڏسڻ لڳو هو ته، ڪير سندس پويان ته نه پيو اچي. شهر جو بي نام ۽ غير واضح تشدد، جنهن ۾ هجوم ۽ ميڙ کي نشانو بڻايو ويندو هو، پوءِ اهو هڪ واضح شڪل اختيار ڪري ويو. شهر جي پيدا ٿيل سياسي ۽ انتظامي خال ۽ مختلف سياسي ۽ غيرسياسي ڌرين ۽ مافيائن پاران ان کي مالِ غنيمت سمجھي ان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوششن جي ڪري پيدا ٿيل خال ۾ هٿيار ۽ مختلف فيڪٽرز داخل ٿي ويا.
ان دوران پهرين ڊاڪٽرن ۽ پوءِ پروفيسرن کي نشانو بڻايو ويو. اهڙي طرح سبين محمود ۽ پروفيسر وحيد رحمان جي قتل شهر ۾ هڪ نئين بحث ۽ تشويش پيدا ڪري ڇڏي. بدر ابڙو جي اها ڳالهه درست آهي ته، جيڪڏهين هاڻي ڪير اظهارراءِ جي حق کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو پنهنجي رسڪ تي ائين ڪري. اڳ ۾ ڪراچيءَ جي صحافين لاءِ چيو ويندو هو ته، اهي ايم ڪيو ايم جي ڏهڪاءَ جي ڪري ان متعلق ڳالهائيندي نهايت احتياط ڪن ٿا، پر هاڻي رڳو ايم ڪيو ايم ان ۾ شامل ناهي. ان حوالي سان مختلف گروهن ڌار ڌار پنهنجي حد مقرر ڪئي آهي ۽ ليڪ ڇڪي آهي. ان صورتحال ۾ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته، ڪٿي ڪهڙي گروه جي ليڪ اورانگھجي ٿي ۽ ماڻهو خطري جي حد ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.