ڪراچي يونيورسٽيءَ جا ڏينهن ۽ ٻوليءَ وارا جهيڙا
اهو 1972 جو سال هو. ڪجهه وقت کانپوءِ جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي بل جي منظور ٿيڻ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ سنڌي مهاجر فساد شروع ٿي ويا هئا ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌالاجي وغيره تي ان جو اثر پيو هو، پر ڪراچي يونيورسٽي ان وقت، ان کان گھڻو متاثر نه ٿي هئي. منهنجن؛ اردو ڳالهائيندڙ دوستن ۽ ڪجهه استادن کي منهنجي سنڌي هئڻ جي خبر هئي، پر انهن ان سلسلي ۾ مون سان ڪو به امتيازي سلوڪ روا نه رکيو ۽ نه ئي اهڙو ڪو تاثر ڏنو. ان جو ڪارڻ اهو به ٿي سگھي ٿو، ته ان وقت يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ کان به گھٽ هو،.ائين کڻي چئجي ته پنهنجي ڪلاس ۾ آئون اڪيلو سنڌي هوس، پر پوءِ به ماڻهوءَ جا رويا گھڻو ڪجهه ٻڌائيندا آهن، جيڪا ڳالهه مون کي گھٽ ۾ گھٽ ان وقت نظر نه آئي. ان لحاظ کان ان وقت ڪراچي شهر، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان مختلف هو، جيڪو هاڻي به آهي.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي خاص ڳالهه، جنهن گھٽ ۾ گھٽ ان کي سنڌ يونيورسٽيءَ کان مختلف بڻايو ٿي، اها هئي ته اتي نسلي ۽ لساني امتياز جو ماحول نه هو. قوم پرست تنظيمن جي هوندي به يونيورسٽي جي سياست گھڻو ڪري نظرياتي بنيادن تي ورهايل هوندي هئي، جنهن ۾ ٻنهي پاسي مختلف ٻولين، علائقن ۽ نسلن سان واسطو رکندڙ شاگرد شامل هوندا هئا. منهنجي خيال ۾ اڄ به پُلن جي هيٺان گھڻي پاڻي وهي وڃڻ ۽ خاص طور تي ايم ڪيوايم جي نسلي بنياد تي ٿيندڙ سياست جي زور وٺڻ جي باوجود ڪراچي يونيورسٽي ۾ اهو ماحول، گھڻي حد تائين برقرار آهي.
ان وقت هونئن ئي تعليمي ادارن کي سرڪاري ملڪيت ۾ ورتو ويو هو ۽ يونيورسٽين جي خانگي شعبي ۾ هئڻ جو ڪو تصور نه هو. في معمولي هئي. شايد سالياني في ٻه اڍائي سئو روپيا کن هئي، جنهن ڪري اسان جهڙن گھٽ وسيلن وارن ماڻهن لاءِ به اتي پڙهڻ ممڪن هوندو هو، پر تعليمي معاملن ۾ حڪومت جي گھڻي مداخلت نه هوندي هئي.
مون ايستائين اسڪول ۽ ڪاليج ۾ جيڪا تعليم حاصل ڪئي هئي، اها Co-Education نه هئي. ان لحاظ کان يونيورسٽيءَ جو ماحول بلڪل ئي مختلف هو. هتي اسانجي ڪلاس ۾ اڌ کان وڌيڪ شاگردياڻيون هونديون هيون. ايستائين جو مون سياسي نظرين جو جيڪو ضمني مضمون کنيو هو، ان جي ويهه پنجويهه ڄڻن جي ڪلاس ۾ اسان رڳو ٻه شاگرد هئاسين. استادن ۾ پڻ مڙد ۽ عورتون؛ ٻيئي شامل هوندا هئا. اهڙي ريت شروع ۾ مون ۾ جيڪا shyness هئي، ڪجهه عرصي ۾ اها گھڻي حد تائين گھٽجي ويئي.
يونيورسٽين کي هڪ Melting pot طور ليکي سگھجي ٿو، جتي مختلف علائقن ۽ تعليمي ادارن سان تعلق رکندڙ، مختلف سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر رکندڙ شاگرد گڏ ٿين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. اها ساڳي صورتحال ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به هئي، پر اسان جي ڪلاس ۾ شاگردن جو واسطو گھڻي ڀاڱي ڪراچيءَ جي ئي مختلف علائقن ۽ تعليمي ادارن سان هو. انهن ۾ ڪجهه ڄڻن انگريزي ميڊيم اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ ڪجھه ڄڻن اسان جهڙن عام اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، جن کي انگريزي ميڊيم وارا شاگرد اڙدو ميڊيم چئي پاڻ کان گھٽ سمجھندا ۽ ڌار ڪندا هئا.
منهنجو انٽرميڊئيٽ ۾ آرٽس جو پسمنظر هو ۽ ميٿيميٽڪس جو مضمون مون وٽ نه هو، پرمعاشيات جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ اڳتي هلي مون کي خبر پيئي ته ان مضمون ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ميٿيميٽڪس ۽ اسٽيٽسٽڪس جا مضمون ڪيترو نه ضروري آهن. گھڻن سائنس جو پسمنظر رکندڙ شاگردن ضمني مضمونن طور انهن ٻن مضمونن جي چونڊ ڪئي هئي. هونئن به جيئن ماڻهو اڳتي وڌي ٿو، تيئن معاشيات ۾ انهن ٻن مضمونن جو عمل دخل وڌندو وڃي ٿو. اها ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن اڃا به مون کي تنگ ڪندي آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ اچڻ جو وڏو فائدو اهو به ٿيو ته هتي شهر جي اٽڪل سڀني علائقن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جي تعليمي ادارن سان واسطو رکندڙ شاگردن ۽ استادن وغيره سان واسطو پيو. اهڙي ريت انهن علائقن ۽ ان جي ماڻهن سان شناسائي ٿي ۽ انهن متعلق نئون نڪته نظر ۽ نوان خيال مليا.
يونيورسٽيءِ جي شاگردن لاءِ اها سهولت هوندي هئي ته، شهر جي مختلف علائقن مان يونيورسٽيءَ لاءِ ايس آر ٽي سي يا ڪي ٽي سي جون پوائنٽ بسون هلنديون هيون، جڏهن ته گرومندر کان يونيورسٽي تائين يونيورسٽي جون پنهنجيون بسون هلنديون هيون. حسن اسڪوائر آخري آبادي هوندي هئي. ان کانپوءِ اڙدو ڪاليج ۽ محڪمه موسميات هوندو هو. اين اي ڊي ڪاليج / يونيورسٽي اڃا شهر ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي ڀرسان واقع هئي ۽ اها موجوده جاءِ تي منتقل نه ٿي هئي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لڳ ئي اوجھا ٽي بي سينيٽوريم هو، جيڪو اڃا به اتي ئي آهي. ان کان اڳتي ڳوٺ هوندا هئا، پر ڪا شهري آبادي نه هئي. پوائنٽ بسون ڏينهن جو ٻارنهين وڳي کانپوءِ ڪلاڪ ڪلاڪ جي وقفي سان شام تائين مختلف علائقن ڏانهن واپسي لاءِ روانيون ٿينديون هيون ۽ شاگردن کي پنهنجن گھرن تائين پهچائينديون هيون. شاگردن لاءِ ڀاڙو ڏهه يا پندرنهن پئسا هوندو هو. آئون گھڻو ڪري ٽاور ۽ ڪڏهن ڪڏهن واپسي لاءِ ليمارڪيٽ جي بس استعمال ڪندو هوس.
ان وقت کارادر ۾ اسماعيلين جي قائم ڪيل هاسٽل، جتي هاڻي آغا خان ليباريٽري جي شاخ آهي، ۾ گلگت بلتستان جا ڪجهه شاگرد رهندا هئا، جن سان واٽ تي، ايندي ويندي ملاقات ٿيندي هئي. اهي گھڻو ڪري فارسي ۽ اڙدو وغيره جهڙن شعبن ۾ هوندا هئا ۽ سندن چوڻ هوندو هو ته، سندن لاءِ رڳو ڪنهن به شعبي ۾ ڊگريءَ جو حصول اهم هو، جڏهن ته ان کانپوءِ نوڪري حاصل ڪرڻ ان ڪري سندن لاءِ مسئلو نه هو جو سندن علائقي ۾ تعليم گھٽ هئڻ ڪري نوڪرين لاءِ گھڻي چٽاڀيٽي نه هوندي هئي. انهن مان هڪ ٽوئرسٽ گائيڊ به رهي چڪو هو ۽ چترال، خاص طور ڪافرستان وغيره جي حوالي سان عجيب و غريب قصا ٻڌائيندو هو، جن مان گھڻا پوءِ اخبارن وغيره ۾ به ڇپجندا رهيا. اهي ڪنهن سياسي جماعت ۽ نظرئي وغيره جي حوالي سان نه ڳالهائيندا هئا، پر سندن سوچڻ جو انداز سيڪيولر هوندو هو.
بسن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ٻين مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شاگردن سان به ملاقات ٿيندي هئي ۽ سندن سرگرمين جي ڄاڻ ملندي هئي. ان وقت اسان جي سڄي پاڙي مان، يونيورسٽيءَ ۾، مون کانسواءِ پڙهندڙ ٻيو ڪوبه شاگرد نه هو. ان لحاظ کان منهنجي اهميت ڄڻ وڌي ويئي هئي. ڪاليجن ۾ پڙهندڙ مختلف شاگردن کي يونيورسٽيءَ جي حوالي سان جيڪي ننڍا وڏا ڪم هوندا هئا ته، انهن کي به منهنجو ڏس ملندو هو.
هيستائين مون جيڪا تعليم حاصل ڪئي هئي، اها گھر جي ويجھو تعليمي ادارن مان ئي ڪئي هئي ۽ اتي پڙهندڙ ٻيا شاگرد به گھڻو ڪري ان ئي علائقي جا هوندا هئا.
ڪراچي يونيورسٽي جي سڄي رونق آرٽس فيڪلٽي ۾ هوندي هئي. صبح جو پوائنٽ بسون جيئن ئي يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ داخل ٿينديون هيون ته، اتي پهرئين ئي اسٽاپ تي مختلف شاگرد تنظيمن جا ڪارڪن مختلف مسئلن ۽ هڪٻئي جي خلاف لکيل پمفليٽ هٿن ۾ کنيو ورهائڻ لاء بيٺا هوندا هئا. جلسا ۽ ٻيون سرگرميون گھڻو ڪري هتي ئي ٿينديون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ ته شايد اتي ڪشادي جاءِ ۽ آڊيٽوريم وغيره جو هئڻ هو، جڏهن ته ٻيو ڪارڻ اهو به ٿي سگھي ٿو ته، هتان جي شاگردن تي سائنس فيڪلٽي جي شاگردن جي ڀيٽ ۾ پڙهائيءَ جو دٻاءُ گھٽ هوندو هو، ان ڪري اهي ٻيون سرگرميون ڪري سگھندا هئا.
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻين مختلف شعبن ۾ جيڪي سنڌي شاگرد هئا، انهن سان رابطو ٿيو. معاشيات جي شعبي سان لڳ علم سياسيات جو شعبو هوندو هو. جتي ڪلري، لياري سان ئي واسطو رکندڙ عثمان هڱورو ۽ لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ روشن شيخ پڙهندا هئا. عثمان؛ مولانا نوراني جي جماعت ۽ نظرئي سان لاڳاپيل هو. ساڻس وقت بوقت ٽاڪرو ٿيندو رهندو هو، پر هو گھڻين ڳالهين کي کِلي ٽاري ڇڏيندو هو. سندس ننڍو ڀاءُ، جيڪو سنڌي عوامي تحريڪ جو ڪارڪن هو، سان به منهنجي دوستي هئي. سنڌي شعبو ٿورو عرصو اڳ قائم ٿيو هو. ايس ايم ڪاليج ۾ سنڌي جي ليڪچرار ۽ ڪهاڻيڪار طور سائين ايازقادري جو نالو گھڻو ٻڌل ۽ ڪراچي جي سنڌين لاءِ ڄاتل سڃاتل هو. ڪراچيءَ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي قائم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار هو. ان وقت هن شعبي ۾ نوازعلي شوق ۽ سليم ميمڻ به استاد هوندا هئا. شاگردن جو تعداد به گھٽ هو، پر هي ڄڻ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي سنڌي شاگردن جي گڏجڻ جو هڪ مرڪز به هوندو هو.
مون کي خاص طور تي سنڌي شعبي ۾ پڙهندڙ مريم ۽ جعفري ياد آهن. نهايت محبت ڪرڻ وارا ۽ ملنسار ماڻهو. انهن پوءِ پاڻ ۾ شادي به ڪئي. جعفري سان پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن رستي پنڌ ملاقات ٿي ويندي هئي، جڏهن ته مريم پوليس کي جوائن ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن روڊن ۽ چوواٽن تي پوليس ورديءَ ۾ پوليس وارن سان گڏ بيٺل نظر ايندي هئي.