هنجن جهڙا ڪي شخص
نازش امروھي سان ملڻ کان پوء منهنجي ذهن ۾ فورن اهو سوال اٿيو ته ڇا هو ماڻهو واقعي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هو. هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو هڪ ڊگھي عرصي کان روپوش هو. رياست کيس خطرناڪ فردن ۾ شامل ڪري چڪي هئي ۽ رياستي ادارا سندس ڳولها ۾ هوندا هئا. سندس پراسراريت جون ڪهاڻيون مشهور هونديون هيون. جيڪڏهين اهو سڀڪجھ ذهن ۾ رکي سندس آڏو وڃجي ته ڪجھ وقت تائين ته اهو يقين نه ايندو هو ته هو واقعي اهو ساڳيو شخص هو. سندس چهري مهري ۽ حلئي مان فوري طور تي ماڻهو جي ذهن ۾ ڪنهن شاعر جو تصور اڀرندوهو. ڪمزور جسم، وکريل وار، ڪرتي پاجامي ۾ اکين تي عينڪ رکي ڪنهن به ريت هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي ملاقاتي کي متاثر نه ڪري سگھندو هو ۽ ئي پاڻ اهڙي ڪا ڪوشش به ڪندو هو.
مون سندس متعلق ڪيئي وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ ڳالهيون ٻڌيون هيون. سندس شخصيت جو هڪ تصور منهنجي ذهن ۾ هو. جڏهين ڪجھ دوستن پاران ساڻس ملاقات جي تجويز رکي ويئي ته مون کي ان تي ڪو اعتراض نه هو. اهو اهو وقت هو جڏهين ڪميونسٽ پارٽي عتاب مان نڪري چڪي هئي ۽ ملڪ جي مک سياسي ڌارا ۾ شامل ٿي چڪي هئي. ان جا اڳواڻ پنهنجي روپوشي ختم ڪري عام خلق آڏو اچي چڪا هئا. ڪامريڊ امام علي نازش امروهي متعلق منهنجو خيال اهو هو ته ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ هئڻ جي ناتي هو پنهنجي شخصيت جو تاثر ويهارڻ لاء فلسفي ۽ سياست تي ڪي ڊگھا ۽ خشڪ ليڪچر ڏيندو ۽ ٻين گھڻن اهڙن اڳواڻن جيان پنهنجي شخصيت، علميت ۽ دانشوري جو رعب ويهاريندو. پر هن مون کي هر لحاظ کان غلط ثابت ڪري ڇڏيو. انقلاب ۽ پنهنجن آدرشن لاء پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ اهو شخص، جنهن جي خانداني زندگي ۽ شادي وغيره متعلق مون کي ڪا ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي مون ڪڏهين اهڙي ڄاڻ وٺڻ جي کانئس يا ساڻس ويجھي ٻئي ڪنهن شخص کان ڪا ڪوشش ڪئي پر منهنجو ساڻس جيڪو مختصر واسطو رهيو ۽ جيڪي ڪجھ ملاقاتون ٿيون ان ۾ مون ان شخص کي هڪ ننڍڙي گھر ۾ اڪيلي رهندي ڏٺو جتي هو پاڻ ئي پنهنجو سڄو ذاتي ڪم ڪار ڪندو هو ۽ ساڳي وقت مهمانن جي خاطر داري به ڪندو هو. نهٺائي ۽ نماڻائي سندس شخصيت جو حصو هوندي هئي.
ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو هتي آيا انھن مان اهي ماڻهو جيڪي هڪ مشن ۽ هڪ آدرش کڻي هتي آيا هئا، پنهنجي تھذيب جا بهترين نمائندا هئا. انهن ماڻهن ان ملڪ کان جيڪي ورتو ان کان وڌيڪ ان کي ڏنو به جنهن جي مڃتا هر صورت ۾ ضروري آهي.
اها ساڳي نوڙت ۽ مروت مون ان قبيل جي ٻين گھڻن ماڻهن ۾ به ڏٺي پر هتي ان سلسلي ۾ آئون خاص طور تي مشهور صحافي ضمير نيازي جي شخصيت جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن ۾ پڻ مون کي اهي خوبيون نظرآيون هيون. ضمير نيازي سان منهنجي ڪا گھڻي ڏيٺ ويٺ يا واقفيت نه هوندي هئي. سندس ڪتاب Press in Chains جي حوالي سان منهنجي ساڻس واقفيت هئي. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين بيماري جي ڪري پنهنجي بستر تائين محدود هو. ڪنهن دوست مون کي سندس نياپو پهچايو ته هو مون سان ملڻ چاهي ٿو. منهنجي لاء اها ڳاله ڪنهن حيرت ۽ ساڳي وقت اعزاز کان گھٽ نه هئي. هڪ اهڙي موڙي جنهن کي مون ڪنهن به صورت ۾ وڃائڻ نه ٿي چاهيو. ڪجھ دوستن سان گڏجي گلشن اقبال ۾ سندس صحافي ڪالوني واري گھر پهتاسين. هو پنهنجي صاف سٿري ڪمري ۽ صاف سٿري بستر تي ليٽيل هو جتي سندس گھر وارا سندس ۽ سندس مهمانن جي پر گھور لهندا هئا.
جسماني طور نٻل ۽ ڪمزور پر ذهني طور ڦڙت ۽ الرٽ ۽ پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ شين کان باخبر. اسان ساڻس ڪلاڪ ڏيڍ ويٺاسين، ان سڄي وقت ۾ هو مختلف موضوعن تي ڳالهائيندو رهيو. اهو ٻڌايائين ته سندس جڏهين پنجاب وڃڻ ٿيو ته اتي انهن کيس پنجاب جو نيازي پئي سمجھيو ۽ ان حوالي سان ساڻس ورتاء پئي ڪيو. پر ان مٿن ان ڳاله کي واضح ڪيو ته سندس واسطو بمبئي سان آهي ۽ اهي پنهنجي خاندان جي هڪ بزرگ جي نالي جي حوالي سان نيازي سڏائيندا آهن. جسٽس فخرالدين جي ابراهيم جو ذڪر ڪندي ٻڌايائين ته هو سندس نهايت گھاٽو دوست رهيو هو ۽ هو کيس بي تڪلفي ۾ فخرو ڪري سڏيندو هو. پر جڏهين هو سنڌ جو گورنر ٿيو ۽ کيس گورنر هائوس اچڻ لاء چيائين ته هن کيس کتو جواب ڏيندي چيو هو ته سندن دوستي ۽ ناتا گورنر هائوس جي ٻاهر ئي چڱا آهن. پنهنجي بيماري جي باوجود هو گھر جي ٻاهران اسان کان موڪلائڻ آيو ۽ سنڌي طريقي سان هٿ ٻڌي موڪلائيندي چيائين ته پنجاب ۾ کيس چيو ويندو هو ته اوهان هندن جي ان طريقي سان ماڻهن کي ڇو کيڪاريو ۽ ڀليڪار چئو ٿا ته سندس کين اهو جواب هوندو هو ته اهو هندن جو نه پر اسان سنڌين جو طريقو آهي. هو آخر تائين مختلف حوالن سان مون سان رابطي ۾ هوندو هو ۽ ڪڏهين سندس پٽ حارث جيڪو ان وقت بزنس ريڪارڊر ۾ هوندو هو ڪنهن ڪم ڪار جي حوالي سان مون وٽ آفيس ۾ به ايندو هو. ان ساڳي حوالي سان سائين جي ايم مهڪري جو ذڪر پڻ ڪري سگھجي ٿو جنهن کي سنگت ڪراچي پاران پنهنجن پروگرامن وغيره ۾ گھرائيندا هئاسين. بزرگانا شفقت رکندڙ، نرم انداز ۾ ڳالهائينڙ پر پنهنجي موقف تي سختي سان قائم رهڻ وارو اهو شخص سنگت جي دوستن لاء هڪ اتساه هوندو هو ۽ کين سندن لکڻين وغيره جي حوالي سان مختلف صلاحن سان نوازيندو رهندو هو.
نازش امروهي جي حوالي سان مون انهن ٻن شخصن جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري ٿي سمجھيو ته جيئن اها ڳاله واضح ٿئي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن رڳو وڃايو نه پر اهڙن ماڻهن جي صورت ۾ گھڻو ڪجھ حاصل به ڪيو آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته معاملن کي انتها تائين وٺي وڃڻ ۽ نفرتن کي وڌائڻ بجائي هڪ ڏکي صورتحال ۾ مثبت پاسن جي پڻ ڳولها ڪجي ۽ ان ۾ هڪ توازن پيدا ڪجي. نازش سان جيڪي منهنجيون ملاقاتون رهيون ان ۾ هو پنهنجي علميت ۽ معتڀرائپ جي رعب ويهارڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪندو هو بلڪه ساڻس هڪ پدرانا شفقت محسوس ٿيندي هئي. مون کي ياد ناهي ته هن ڪنهن به ملاقات ۾ مون سان ڪميونسٽ پارٽي ۽ ملڪي سياست تي ڪا ڳاله ٻوله ڪئي هجي يا ڪنهن موضوع تي مون کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. هو ان وقت ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو هو. مون کي ان ماڻهو لاء ائين لڳندو هو ته هو بنيادي طور هڪ شاعر۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهو هو جنهن کي هن سماج جي ٻين گھڻن ماڻهن وانگر سياست جبرن قبول ڪرڻي پئي هئي.
ان جي باوجود ته ساڻس خاندان جو ساٿ نه هو پر ساڻس پيار ڪرڻ وارن جو هڪ وڏو حلقو هو. هو جڏهين پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ اوجھا ٽي بي سينيٽوريم ڪراچي ۾ داخل هو ته سندس پرگھور لهڻ وارا اهي ئي ماڻهو هئا جن جو ساڻس پارٽي يا شخصي حوالي سان ڪڏهين ڪو تعلق ۽ واسطو رهيو هو.