ڪراچي جو ميڪلوڊ روڊ
ان سڙڪ جي نالي جي حوالي سان ٻه رايا آهن. هڪ اهو آهي ته اهو 1850 جي ڏهاڪي ۾ ڪسٽم جي ڊپٽي ڪليڪٽر جان ميڪلوڊ جي اعزاز ۾ رکيو ويو هو جڏهين ته ٻيو رايو اهو آهي ته اهو جيمس جان ميڪلوڊ انس، جنهن کي سندس 1857 جي آزادي جي جنگ ۾ تاج برطانيا لاء خدمتن جي عيوض وڪٽوريا ڪراس مليو هو، جي نالي پويان رکيو ويو هو. 9 نومبر 1969 تي اوسي پاسي جي ٻين اهم شاهراهن جيان ان جو به نالو بدلائي ملڪ جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم ابراهيم اسماعيل چندريگر، جنهن جي عهدي جي ميعاد ڇه هفتا مس رهي هئي، جي نالي پويان آئي آئي چندريگر روڊ رکيو ويو.
ڏٺو وڃي ته بندرروڊ کي بندرگاه ۽ بازارن جي سهولت لاء ٺاهيو ويو هو تيئن ان روڊ کي به شروع کان ئي هڪ تجارتي مرڪز جي طور ٺاهيو ويو آهي. آمريڪا جي گھرو ويڙه کانپوء ڪپه جي واپار ۾ آيل تيزي جي ڪري ريلوي لائين جي سامهون ان سڙڪ جي پويان ڪپه جا گودام ٺاهيا ويا جڏهين ته انهن واپارين جا دفتر ان سڙڪ تي ئي هئا. 1870 جي ڏهاڪي ۾ مختلف بينڪن ۽ ڪمپنين ان سڙڪ تي پنهنجا دفتر قائم ڪيا ۽ ان ئي ڏهاڪي ۾ روڊ جي ڏاکڻي ڪنڊ تي هڪ ننڍي ريلوي اسٽيشن ٺاهي ويئي جنهن کي 1880 جي ڏهاڪي ۾ ترقي ڏني ويئي ۽ وري 1935 ۾ ميڪلوڊ اسٽيشن ٺاهي ويئي جيڪا هاڻي ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن آهي. جڏهين ڊاڪٽر عشرت حسين اسٽيٽ بينڪ جو گورنر هو ته هن ان سڙڪ تي وڌندڙ رش جي دٻاء کي گھٽ ڪرڻ ۽ سندس چواڻي ته ان سڙڪ کي هڪ اسٽيٽ آف آرٽ جي صورت ڏيڻ لاء هڪ رٿا ٺاهي ۽ ان جي لاء مختلف بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پئسا ورتا ويا. رٿا اها هئي ته ان سڙڪ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ وغيره کي بند ڪيو ويندو ۽ شاهين ڪامپليڪس کانپوء هڪ شٽل سروس شروع ڪئي ويندي جيڪا مختلف ادارن جي ملازمن کي پنهنجن دفترن تائين پهچائيندي. ان مقصد لاء سڙڪ جي نئين سر تعمير، جنهن جو هڪ مقصد نيون سيوريج لائنون وغيره وجھڻ هو ته جيئن مينهن جي موسم ۾ سڙڪ تي پاڻي نه بيهي ۽ ماڻهن کي پريشاني نه ٿئي، لاء هڪ ڊگھي عرصي تائين سڙڪ عام ٽريفڪ وغيره لاء بند رهي ۽ ڊاڪٽر عشرت جي وڃڻ کانپوء نئين گورنر ان جو افتتاح ڪيو ۽ پنهنجي نالي جي تختي هڻايائين. پر سڙڪ جي صورتحال ساڳي رهي. شٽل سروس وارو خواب به پورو نه ٿيو ۽ مينهن جو پاڻي به ساڳي ريت پريشاني جو باعث بڻجي ٿو. مينهن جي مند ۾ خاص طور ان پاڻي جي ڪري ائين ٿيندو هو جو خاص طور شام جو آفيسن جي موڪل کانپوء ٽريفڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جام هوندي هئي ۽ حادثا ڌار ٿيندا هئا. مون سان به گھڻا ڀيرا ائين ٿيو جو پنجين وڳي جو آفيس مان نڪتل رات ٻين اڍائي وڳي مس وڃي گھر پهچندو هوس.
شروع ۾ ان روڊ تي بندر روڊ جيان گھڻي رش نه هوندي هئي. سٺ جي ڏهاڪي جي آخر تائين ته هتان اڌ مني ڪلاڪ کانپوء هڪ بس ڪا مشڪل سان لنگھندي هئي. موٽر ڪارون گھٽ ماڻهن وٽ هيون. ان وقت اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين آفيسن جا گھڻا ماڻهو ناظم آباد ۽ فيڊرل بي ايريا وغيره کان سائيڪلن تي ايندا هئا جنهن جو هاڻي تصور به نه ٿو ڪري سگھجي.
سڙڪ تي پٿر جون ٺهيل پراڻيون عمارتون آهن جن مان ڪي ته اڃا صحيح حالت ۾ آهن ۽ ڪي بلڪل زبون حالت ۾ آهن. انهن ۾ وڏيون گھڻ ماڙ عمارتون ۽ آفيسون وغيره گھڻو پوء قائم ٿيون. سڙڪ جي شروع ۾ ئي ريلوي جو هڪ وڏو ڪمپائونڊ ۽ گودام آهي جڏهين ته ان سان گڏ گھٽي ۾ ئي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت آهي جنهن جو هاڻي نالو بدلجي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ٿي ويو آهي. ان سان گڏئي اسٽيٽ بينڪ جي نئين عمارت آهي جيڪا 1960 جي ڏهاڪي ۾ ٺهي مڪمل ٿي هئي ۽ جنهن جو افتتاح ايوب خان ڪيو هو. اسٽيٽ بينڪ جي ان ڪمپائونڊ ۾ ٻه پراڻيون عمارتون موجود آهن. هڪ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ جي بينڪ آف انڊيا جي پٿر واري عمارت آهي جنهن ۾ شروع ۾ بينڪ جا ڪجھ ڊپارٽمنٽ هوندا هئا، پوء هتي لائبريري کي منتقل ڪيو ويو هو ۽ هاڻي هتي ميوزيم آهي. ٻي عمارت هڪ خانگي دفتر جي هئي هڪ ڊگھي عرصي تائين اها اتي رهي ۽ گھڻي لکپڙه ۽ ڪورٽ ڪچهرين کان پوء اها بينڪ کي ملي سگھي ۽ هاڻي اها بينڪ جي استعمال ۾ آهي. بينڪ جي سامهون خالي پلاٽ پيل هوندا هئا جتي چانه جا کوکا وغيره هوندا هئا ۽ اتي بينڪ ۽ آسپاس جي آفيسن جا ماڻهو چانه پيئڻ لاء گڏ ٿيندا هئا. هاڻي اتي گھڻ ماڙ عمارت ٺهي ويئي آهي جنهن ۾ بينڪن جون برانچون ۽ ٻيون آفيسون وغيره آهن. آدمجي هائوس ۽ ان جي سامهون شيشي جي عمارت هئي جنهن ۾ ڪنهن دور ۾ بي سي سي آئي هوندي هئي ۽ هاڻي الفلاح بينڪ آهي. ان جي پاسي ۾ پوليس هيڊ آفيس آهي ۽ سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان ڪجھ نيون ۽ ڪجھ پراڻيون عمارتون آهن. ڪنڊ تي جتي گھٽي ان سڙڪ کي بندر روڊ ۽ بولٽن مارڪيٽ سان ملائي ٿي پاڪستان کان اڳ جي پراڻي پٿر جي عمارت آهي جنهن ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ آهي. ان جي سامهون ئي نيشنل بينڪ جي هيڊ آفيس آهي جنهن جي ڀر ۾ جوبلي انشورنس ڪمپني ۽ اسٽيٽ لائيف جي بلڊنگ نمبر هڪ آهي. يونائٽيڊ بينڪ جي هيڊ آفيس ان ئي عمارت ۾ هوندي هئي پر هاڻي ان جي بلڪل سامهون بينڪ هڪ گھڻ ماڙ جديد طرز جي عمارت ٺاهي آهي. ان سان گڏ محمدي هائوس آهي. پيپلز پارٽي جي پهرئين دور ۾ بينڪن جيان مختلف شپنگ ڪمپنين وغيره کي به قومي ملڪيت ۾ وٺي انهن سڀني کي گڏي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو هو. محمدي هائوس ان وقت محمدي شپنگ ڪمپني جي ملڪيت هو ۽ اڃا ان جو اهو پراڻو نالو هلندو اچي. هن وقت ان عمارت ۾ مختلف ادارن جون آفيسون وغيره آهن. حبيب بينڪ جي انسپيڪشن دوران هتي ڪجھ وقت مون گذاريو هو. پر عمارت جي مناسب سارسنڀال نه ٿيڻ جي ڪري ڄڻ هتي هڪ بدنظمي آهي.
ٿورو اڳتي حبيب بينڪ پلازه جي گھڻ ماڙ عمارت آهي جيڪا 1963 ۾ ٺهي ۽ ڪنهن وقت سڀ کان اوچي عمارت ليکي ويندي هئي جڏهين ته هاڻي ايم سي بي ٽاورز ۽ ٻيون عمارتون ٺهي ويون آهن. ان جي ڀرسان گھٽي جي ٻئي پاسي ڪاٽن ايڪسچينج جي پراڻي پٿر جي ٺهيل عمارت آهي. ان جي سامهون پل آهي جيڪا ان سڙڪ کي گودامن وغيره سان ڳنڍي ٿي ۽ ان جي ڀر ۾ سٽي اسٽيشن آهي جتي هاڻي گھڻو ڪري ريلوي جا دفتر آهن ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ٽرينون هتي اچن ٿيون جڏهين ته گھڻيون ڪينٽ اسٽيشن کان ئي شروع ۽ اتي ئي ختم ٿين ٿيون.
ان کان ٿورو اڳتي ايم سي بي ٽاورز آهي. ان عمارت کي جديد طريقي سان ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جو مقصد بينڪ جي وڌندڙ ڪم ۽ اسٽاف جي ڪري هيڊ آفيس کي آدمجي هائوس مان هتي آڻڻ هو. پر ٿيو ائين ته جيئن ته بينڪ جي نجي ملڪيت ۾ وڃڻ کانپوء نون مالڪن جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ سندن ڪاروباري مفاد فيصل آباد ۽ لاهور ۾ آهن ان ڪري هن عمارت کي ٺهرائڻ جي باوجود هيڊ آفيس کي لاهور منتقل ڪيو ويو. مون رٽائرمنٽ کانپوء ڪجھ عرصو ايم سي بي اسلامڪ بينڪ ۾ نوڪري جي حوالي سان ان عمارت ۾ گذاريو هو. عمارت ۾ ڄڻ هڪ ويراني آهي. هر فلور تي ڪجھ ماڻهو ويٺا آهن. ان جي ڪري بينڪ پاران هڪ اڌ برانچ کي به هت منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان ٿورو اڳتي پٿر جي هڪ عمارت آهي جيڪا هن وقت ته زبون حالت ۾ آهي پر ڪنهن وقت ۾ هتي فيروز سنز جي آفيس هوندي هئي جتي منهنجو به ڪتابن وغيره وٺڻ جي سلسلي ڪجھ ڀيرا وڃڻ ٿيو هو. ان ئي سڙڪ تي جنگ گروپ ۽ ٻين مختلف ميڊيا گروپن جون آفيسون به آهن.
سڙڪ جي ڪنڊ تي هڪ پاسي شاهين ڪامپليڪس ۽ ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۽ برنس گارڊن آهي. شاهين ڪامپليڪس اڃا به ايئر فورس جي ملڪيت آهي. ان جي ٺهڻ کان اڳ هتي ايئر فورس جو ڀرتي جو مرڪز هو جتي هڪ اڌ ڀيرو منهنجو به اچڻ ٿيو هو. اها سڄي جاء ۽ ان جي پويان عبدالله هارون مسلم جيمخانه سميت هندو جيمخانه جي ملڪيت هئي. سپريم ڪورٽ واري عمارت ۾ ان کان اڳ واٽر بورڊ جي آفيس هئي جڏهين ته پاڪستان ٺهڻ کانپوء اها اسٽيٽ بينڪ جي پهرين آفيس هئي.
هن سڙڪ ۽ بندر روڊ جي اها خاصيت آهي ته ٿوري ٿوري فاصلي کانپوء اهڙا ننڍا روڊ ۽ گھٽيون آهن جيڪي انهن کي پراڻي شهر ۽ مک بازارن وغيره سان ڳنڍين ٿا. هڪ لحاظ کان اهو سڄو علائقو ڄڻ هڪ تاريخ آهي جنهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.