اسٽيٽ بينڪ جي گورنر اي جي اين قاضي ڪوٽا تي عمل ڪرايو ته سنڌين جو وڏو تعداد اسٽيٽ بينڪ ۾ اچي ويو!
1974 ۾ ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ سڀيئي پاڪستاني بينڪون قومي ملڪيت ۾ ورتيون ويون هيون. اهڙي ريت خانگي شعبي ۾ ڪي بينڪون نه هيون ۽ پرڏيهي بينڪون به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هيون، جيڪي وڏن شهرن ۾ محدود پئماني تي پنهنجو ڪم ڪري رهيون هيون. ان سان گڏ صنعتن وغيره جي گھڻي ڀاڱي سرڪاري شعبي ۾ هئڻ ڪري بينڪن ۾ گھڻي چٽاڀيٽي نه هئي ۽ نه ئي ملازمن تي ڊپازٽ وغيره کڻي اچڻ ۽ سڻڀا ڪلائنٽ وغيره هٿ ڪرڻ لاءِ ڪو دٻاءُ هو، ان ڪري هڪ بينڪ مان ٻي بينڪ ۾ وڃڻ لاء پگھار، مراعتن ۽ سهولتن وغيره جي لحاظ کان اهڙي ڪا خاص ڳالهه نه هئي ته، ماڻهو هروڀرو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃي.
مون سنڌ حڪومت جي جنهن شعبي ۾ سال ڏيڍ نوڪري ڪئي هئي، اسٽيٽ بينڪ جو ماحول ان کان بلڪل ئي مختلف هو. اسٽيٽ بينڪ وفاقي حڪومت تحت هلندڙ ادارو هو، جڏهن ته سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن سنڌ حڪومت جو ادارو هو، ان ڪري ان شعبي ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ سنڌي هئا - ۽ سنڌي هئڻ ڪا اوپرائپ واري ڳالهه نه هئي. جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ ۾ ان وقت جنهن ڊپارٽمنٽ ۾ آئون آيس، اتي اڳ ۾ رڳو هڪ سنڌي آفيسر هو ۽ هڪ ٻيو آفيسر ڊيپوٽيشن تي سنڌ حڪومت جي پلاننگ کاتي ۾ هو، بلڪه پراڻا ماڻهو اهو ٻڌائيندا هئا ته، ڪنهن وقت ۾ سڄي بينڪ ۾ اهو واحد سنڌي آفيسر هوندو هو، جنهن کي سنڌي هئڻ ڪري سندس نالي بدران ’سائين‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.
جنهن وقت مون اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪئي هئي، ان وقت وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا جو دور هو. ڀٽي صاحب جي دور ۾ بينڪ ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي ئي اچي سگھيو هو. ڪارڻ اهو هو ته ڪوٽا، جنهن تي ايترو شور متل هو، ان تي بينڪ ۾ ڪو به عمل نه ٿيو هو. اهو ان جي باوجود هو ته، ان دور ۾ غلام اسحاق خان، جنهن کي هڪ بااصول ۽ قانون تي عمل ڪندڙ ڪامورو ڪري ليکيو ويندو هو، اهو بينڪ جو گورنر رهي چڪو هو. اها صورتحال 1978 ۾ اي جي اين قاضي جي گورنر ٿيڻ کان پوءِ ڪافي حد تائين بدلجي ويئي. ڳالهه اها نه هئي ته، قاضي سنڌي هئڻ ڪري هروڀرو سنڌين کي فائدي ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هو، پر سندس سڄو زور بينڪ کي قاعدن ۽ قانونن موجب هلائڻ هو. هو اٽڪل اٺ سال بينڪ جو گورنر رهيو، پر ان سڄي عرصي ۾ هن قاعدن قانونن اندر رهندي ئي ڪم ڪيو ۽ مٿس ڪنهن کي ناجائز طور تي فائدن پهچائڻ يا پنهنجي ۽ پنهنجن ويجھن عزيزن وغيره لاء فائدن حاصل ڪرڻ جهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي.
اي جي اين قاضي جي دور ۾ ڪنهن حد تائين ڪوٽا تي عمل ٿيڻ جي ڪري خاص طور هيٺئين سطح تي بينڪ ۾ سنڌين جو چڱو خاصو تعداد اچي ويو. ان کي ائين به ڏِسي سگھجي ٿو ته، ان وقت جي سياسي صورتحال جي حوالي سان جڏهن سنڌين ۾؛ ڀٽي صاحب جي حڪومت جي ختم ٿيڻ ۽ کيس ڦاهي اچڻ جي ڪري هڪ بيچيني ۽ مايوسيءَ واري ڪيفيت هئي ته، اها ڪوشش ڪئي ويئي ته نوڪرين وغيره ڏيڻ جي وسيلي سندن ان محرومي واري ڪيفيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن ان وقت سي ايس ايس وغيره جي اميدوارن کي به رعايتون ڏنيون ويون هيون. بهرحال ان سلسلي ۾ اداري جي سربراهه جو اهم ڪردار هوندو آهي، جيڪو رڳو موجود قاعدي قانون تي عمل ڪرڻ جي ڪري گھڻين ناانصافين ۽ بي قاعدگين کي ختم ڪري سگھيو پئي.
اسان جي گروپ ۾ ست اٺ ڄڻا سنڌي هئا، جن مان آئون ۽ هڪ ٻيو آفيسر بالترتيب؛ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري ڊوميسائل جي بنياد تي آيا هئاسين. اسان جي تقرري بينڪ جي ريسرچ ڊپارٽمنٽ ۾ ٿي هئي، جتي ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي معاشيات جي شعبي جي تازن فارغ ٿيل پوسٽ گريجويٽس کي ڀرتي ڪيو ويندو هو. پوءِ مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي تربيتي پروگرامن وسيلي سندن صلاحيتن کي وڌايو ويندو هو. جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هوندا هئاسين ته، ان وقت اِن ڊپارٽمنٽ جي؛ معاشي معاملن ۾ تحقيق وغيره جي لحاظ کان وڏو نالو ۽ هاڪ هوندي هئي. يونيورسٽي جا معاشيات جا شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ان شعبي ۾ تقرريءَ جا خواب ڏسندا هئا ۽ ان کي پنهنجي لاء هڪ اعزاز ڪري ليکيو ويندو هو، پر اسان جڏهن ان ڊپارٽمنٽ کي جوائن ڪيو ته، ان وقت بلڪل ئي مختلف ماحول هو. ڪارڻ اهو هو ته اهو سڄو ڪم گھڻي ڀاڱي بينڪ جي بنگالي آفيسرن جي ڪري هو. 1970 ۾ اوڀر بنگال جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ بنگالي آفيسرن ۽ اسٽاف، جن جو تعداد پنهنجي آبادي جي تناسب جي حوالي سان طئي ٿيل ڪوٽا جي ڪري بينڪ جي ڪل اسٽاف جي اڌ کان وڌيڪ هو، جي بينڪ مان وڃڻ کانپوءِ بينڪ ڄڻ ته خالي ٿي ويئي هئي، ان ڪري گھڻن ننڍن عهدن تي موجود ماڻهن لاءِ به، سندن لائق نه هئڻ جي باوجود وڏن عهدن تي وڃڻ جا موقعا نڪري آيا هئا، جيڪي هونئن شايد نه نڪري سگھن ها. اهڙي ريت ان جو جيتوڻيڪ ذاتي طور تي ته ڪِن ماڻهن کي فائدو ٿيو، پر مجموعي طور تي ان جو خاص طور تي معاشي تحقيق وغيره جي معيار جي خراب ٿيڻ جي حوالي سان وڏو نقصان ٿيو. ڊپارٽمنٽ جي آفيسرن کي، ان وقت به مختلف ادارن جي سهڪار سان ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ پڙهائي ۽ تربيت وغيره لاء موڪليو ويندو هو، پر ڊپارٽمنٽ جي آفيسرن پاران نه ڪي تحقيقي مقالا لکيا ويندا هئا ۽ نه ئي ڪا اهڙي سرگرمي ٿيندي هئي، جنهن سان نون ايندڙن جو هڪ تحقيقي تنقيدي نڪته نظر جڙي سگھي، جيڪا مرڪزي بينڪ جي هڪ خاصيت رهي هئي.
بينڪ مان بنگالي آفيسرن جي وڃڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان جي حوالي سان ملازمن ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراء ختم ٿي ويو هو. هتي بلوچ آفيسرن جو ته وجود ئي نه هو، جڏهن ته سنڌي ۽ پٺاڻ به اٽي ۾ لوڻ جيترا به نه هئا.
هاڻي اصل تضاد پنجابي ۽ مهاجر آفيسرشاهي جي وچ ۾ هو. ان وقت اهي سڀ ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون ۽ نه ئي خانداني پسمنظر جي حوالي سان ڪا ان قسم جي تربيت ٿيل هئي ته، ڪهڙن ڪمن ۽ ڪهڙن آفيسرن جي پاسي هئڻ جي ڪري نوڪري ۾ فائدو ملي سگھي پيو. منهنجو خيال هو ته پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ئي اڳتي وڌي سگھجي ٿو، ان ڪري منهنجو سڄو زور پنهنجي ڪم تي هوندو هو، پر اڳتي هلي منهنجو اهو خيال غلط ثابت ٿيو.
ڪجهه عرصي ۾ اها خبر پيئي ته بينڪ جي گھڻن آفيسرن جو اهو اصول هو ته، ڪم جي ته اوهان کي بينڪ پاران پگھار ٿي ملي، پر جيڪڏهن سٺي سالياني رپورٽ ۽ ٻيا فائدا حاصل ڪرڻا آهن، ته پوءِ ان لاءِ ٻيو ڪجهه ڪرڻو پوندو.
مطلب ته پنهنجي آفيسر جي خوشامد ڪرڻ، سندس ذاتي ڪم ڪرڻ ۽ وڏي ڳالهه ته ان سياسي ۽ لساني گروپ سان واسطو هئڻ، جنهن سان ان آفيسر جو واسطو هجي، ضروري شرط هئا. مون ۾ اهي گڻ شروع کان ئي نه هئا، ۽ جيڪي پوءِ به گھڻن آفيسرن جي اسرار جي باوجود نه اچي سگھيا.