آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

پراڻو ڪراچي، جتي اسان به جو گهر هو!

منهنجي اسڪول جي عمر تائين پهچڻ مهل اسان جو خاندان مٺا در مان لڏي ويو هو يا لڏڻ جي تيارين ۾ هو. مون کي رڳو ايترو ياد پوي ٿو ته هڪ يا ٻه ڀيرا آئون ڪنهن گھر جي ڀاتيءَ سان گڏجي ويجھو ڪاغذي بازار ۾ هڪ اسڪول ۾ ويو هوس، جنهن جون لوهه جون گول ڏاڪڻيون هيون. ان کي ”ڪاغذي بازار“ ان ڪري چيو ويندو هو جو هتي گھڻو ڪري جلد سازن ۽ ڪاغذ جو ڪم ڪندڙن جا دڪان ۽ گھر هوندا هئا. اهي ماڻهو پنهنجي نالي سان گڏ پاڻ کي لکندا ئي ”ڪاغذي“ هئا. منجھانئن پوءِ گهڻا اسان سان اسڪول ۾ به گڏ پڙهيا ۽ اسان جا دوست به ٿيا. هن وقت ان بازار جو اهو نالو ته ساڳيو آهي، پر هاڻي بازار ۾ ٻين گھڻين شين ۽ ڌنڌن جا دڪان کلي ويا آهن ۽ ڪاغذ جي ڪم ڪندڙن جو شايد ئي ڪو دڪان هاڻي ملي. تنهن ڪري اها بازار هاڻي علائقي جي مختلف شين جي بازارن جي وسيع نيٽ ورڪ جو هڪ حصو بڻجي ويئي آهي، جنهن ۾ هلندي ماڻهو هڪ بازار کان ٻي بازار ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ پنڌ ڄڻ کٽي ئي نه ٿو.
اسان جي اتان لڏڻ جو ڪارڻ اهو هو ته، اتي منهنجو ڏاڏو پنهنجي سڄي خاندان؛ ٻن ڌيئرن ۽ پنجن پٽن سان گڏ رهندو هو. ٻارن جي شادين ۽ پوءِ انهن جي خاندانن جي وڌڻ جي ڪري اهو گھر سوڙهو ٿي پيو هو. ان وقت تائين اڃا اسان جي خاندان ۾ گھٽ ۾ گھٽ اها روايت نه پئي هئي ته خاندانن ۾ سوڙهه محسوس ٿئي ته، پٽَ پنهنجن ٻارن سان وڃي پنهنجا ڌار گھر وٺن. ان ڪري پيءُ ۽ پٽن گڏجي اهو فيصلو ڪيو هو ته، هڪ اهڙو گھر وٺجي، جنهن ۾ سڀ گڏ ۽ آرام سان رهي سگھن.
ان وقت مٺا در، کارادر ۽ اڇي قبر وغيره جي علائقي کي ”اولڊ ٽائون“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جيڪو نالو اڃا به شايد ڪِن سرڪاري ريڪارڊن ۾ موجود هجي. ان علائقي کي، ويجهو واري لياري، کڏي ۽ نوآباد وغيره جا ماڻهو ”شهر“ جو نالو ڏيندا هئا. مطلب ته انهن علائقن کي پسگردائي يا شهر جي ٻاهر جي علائقن ۾ ليکيو ويندو هو ۽ اتي وڃڻ لاء چيو ويندو هو ته، ’اسان شهر ٿا وڃون.‘ منهجو خيال آهي ته، ان وقت ڪراچي شهر جي جيڪا آبادي ڳڻي ويندي هئي، ان ۾ اهي علائقا شامل نه هوندا هئا. اهو آئون ان ڪري به چوان ٿو ته انهن علائقن ۾ ان وقت سيوريج جي لاءِ اڃا کُليل ناليون هونديون هيون، جيڪي هن وقت به لياريءَ جي اندرين علائقن ۾ آهن، جڏهن ته اولڊ ٽائون کي باقاعدي رٿابندي سان ٺاهيو ويو هو ۽ اتي سيوريج جو جديد نظام موجود هو. ان جي هڪ حصي جو ”اڇي قبر“ نالو ان ڪري پيو جو هتي روڊ جي بلڪل وچ ۾ اڃا تائين به بابا نور شاه غازي جي مزار آهي، جنهن جو رنگ اڇو آهي. ان جي ويجھو اڃا به پراڻا قبرستان موجود آهن، جن مان هڪ ۾ سنڌ اسلاميا هوٽل وارن پنهنجو بورچيخانو قائم ڪيو هو. ساڳي ريت بولٽن مارڪيٽ واري ميمڻ مسجد جي هيٺان قبرستان آهي، جتي وڃڻ جو رستو به آهي ۽ ماڻهو اڃا به اتي فاتحه درود لاءِ ويندا آهن.
کارا در ۽ مٺا در بابت اهو چيو وڃي ٿو ته، ان وقت سمنڊ انهن جاين تائين هوندو هو، جڏهن ته ٻئي پاسي کان لياري نئين پنهنجو مٺو پاڻي کڻي اچي هتي سمنڊ سان ملندي هئي. چوندا هئا ته چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن سمنڊ جي وير چڙهندي هئي ته، اڇي قبر ڄڻ سمنڊ جي پاڻيءَ جي وچ ۾ هوندي هئي. بابا نور شاه غازي متعلق چيو ويندو هو ته، هن جو ٻارن سان گھڻو پيار هوندو هو. ٻار اڪثر سندن قبر تي وڃي راند ڪندا هئا، جنهن کي وڏا، ان بزرگ جي قبر جي بيحرمتي سمجھندا هئا ۽ کين ائين ڪرڻ کان منع ڪندا هئا. روايت آهي ته ان تي بابا ڪجهه وڏڙن کي خواب ۾ آيو ۽ کين چيائين ته، ”اهي ٻارن کي راند ڪرڻ کان منع نه ڪن. اهي سندس دوست آهن ۽ کيس انهن مان ڪا به تڪليف نه ٿي پهچي.“
هڪ لحاظ کان هن وقت به لياري ٽائون اتي ختم ٿي وڃي ٿو، جتي ڪڪري گرائونڊ آهي ۽ پوءِ کارادر جو علائقو شروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو صدر ٽائون ۾ شمار ٿئي ٿو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ سڙڪ، لياري نئين جو لنگهه هوندي هئي، جنهن کي ٻئي پاسي منتقل ڪري هتي علائقي کي آبادي جي لائق بڻايو ويو. ڪڪري گرائونڊ جو اهو نالو ئي ان ڪري پيو جو اهو سڄو ۽ جيترو هن وقت به حددخلين کان بچيل آهي، ننڊين ننڊين پٿرين سان ڀريل آهي، جيڪي نئين؛ جبلن تان پاڻ سان گڏ کڻي ايندي هئي.
اسان جي گھر جي پاسي ۾ ئي کوڙي گارڊن هوندو هو، جتي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڏا سان گڏ گھمڻ ۽ راند ڪرڻ لاءِ ويندا هئاسين. اهو ”گارڊن“ نالي ۾ جيتوڻيڪ اڄ به موجود آهي، پر مختلف ادارن ۽ ماڻهن جي حددخلين جي ڪري ان جي پراڻي حيثيت ڄڻ ختم ٿي چڪي آهي. جهونا مارڪيٽ ۽ جوڙيا بازار ان وقت به موجود هيون، جتي خاص طور تي بلوچستان، ڪراچي جي ٻهراڙي ۽ ٺٽي وغيره جا ماڻهو خريداريءَ لاءِ ايندا هئا، پر ان اڃا ويجھڙ جي علائقن جي رهائشي حيثيت کي متاثر نه ڪيو هو، جڏهن ته هاڻي اهي سڀ علائقا ڄڻ مارڪيٽ جو حصو بڻجي ويا آهن. هاڻي اُتي ماڻهن ۽ گاڏين جي ايڏي پيهه آهي جو آئون جيڪڏهن پنهنجو پراڻو گھر ڏسڻ لاءِ وڃڻ چاهيان ته ان لاءِ به مون کي گھڻي تڪليف کي مُنهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته هاڻي اهو گھر به مختلف فرمن جي دفترن ۽ ننڍن ڪارخانن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ سڃاڻڻ کان ٻاهر آهي. اهو گھر منهنجي ڏاڏي جي ملڪيت ۾ ئي رهيو، جنهن جي هيٺئين حصي ۾ منهنجو چاچو، ڪنفيڪشنري جو ڪارخانو هلائيندو هو ۽ جنهن ۾ آئون به ڪجهه عرصو اسڪول کان پوءِ واري وقت ۾ ڪم ڪندو رهيو هوس. ڏاڏي جي وفات کان پوءِ اهو گھر بابا کي ورثي ۾ مليو، جيڪو پوءِ ان وڪڻي ڇڏيو هو.
هن وقت جيئن ڪراچي ۾ ڪوئيٽا جي پٺاڻن جا مختلف جاين تي چانهن جا هوٽل آهن، ان وقت ڪراچي ۾ ائين ملبارين جا چانهن جا ننڍا دڪان هوندا هئا. خبر ناهي ڇو انهن سڀني ملبارين کي ”مامون“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اسان جي مٺادر واري گھر جي هيٺان به اهڙو ملباريءَ جو چانهن جو دڪان هوندو هو. اڌوڙٽ عمر جو هر وقت مرڪندڙ شخص، جنهن جا ڏند هر وقت ٻاهر نڪتل هوندا هئا، ملباري لهجي ۾ دلچسپ انداز ۾ اڙدو ڳالهائيندو هو ۽ ڏاڏا جي سڀني ٻارن کي هر وقت ملائيءَ واري چانهه پيارڻ لاء تيار هوندو هو. سندس چهرو ڄڻ اڃا به منهنجي اکين آڏو آهي. سندس نالي جي نه ان وقت ئي خبر هئي ۽ نه هاڻي ڄاڻ آهي. بس کيس سڀ ”مامون“ جي نالي سان سڏيندا هئا.
اهڙي ريت ائين چئجي ته، پنهنجيون اهي يادگيريون کڻي شهر کي ڇڏي ان جي ويجھو ئي پسگردائي واري علائقي نوآباد ۾ منتقل ٿي ويا هئاسين.