آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

منهنجا ڏاڏڻا، ناناڻا ۽ لياري ۾ رهندڙ بروهي

ڏاڏا رازڪو ڪم ڪندو هو. اڳتي هلي هن عمارتن وغيره جا ننڍا ٺيڪا پڻ وٺڻ شروع ڪيا هئا. سندس چار پٽ ان ئي ڪم سان لاڳاپيل هئا. جڏهن ته هڪ کٽمٺڙن وغيره ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. ڏاڏا جو اهو معمول هوندو هو ته روز شام جو گھر کان ٻاهر ڪرسيون رکي ويهندو هو، جتي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ مستري وغيره پنهنجي روزاني جي حال احوال ڏيڻ ۽ حساب ڪتاب لاءِ اچي گڏ ٿيندا هئا. اڳتي هلي اها هڪ باقاعدي بيٺڪ بڻجي ويئي، جتي پاڙي جا مختلف شعبن سان لاڳاپيل گھڻا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا، جتي رات جو دير تائين مختلف موضوعن تي سندن ڪچهري ٿيندي هئي ۽ ريڊيو تي خبرون ٻڌبيون هيون. ان ۾ ڪنهن به لحاظ جي ڪا تفريق نه هوندي هئي.
محرم جي ڏينهن ۾ پاسي ۾ موجود امام بارگاه مان نياز وغيره ايندو هو. محرم ۾ ئي ڀر ۾ ڪڪري گرائونڊ جي ويجھو حسينيه ايرانيان امام بارگاه تي به وڃڻ ٿيندو هو، خاص طور عاشوري جي ڏينهن ۾ اسان جي هڪ چاچي، گھر جي ٻارن کي کارادر ۾ مائٽن جي گھر وٺي ويندي هئي. ان گھر جون دريون ٻاهر سڙڪ ڏانهن کُلنديون هيون، جتان جلوس گذرندو هو. اسان به اتان بيهي اهو ڏسندا هئاسين. پوءِ اهڙو وقت به آيو جو هڪ ڀيري محرم جي ڏينهن ۾ منهنجي زال بندرروڊ تي تاج ميڊيڪل هاسپيٽل ۾ داخل هئي. عاشوري کان هڪ اڌ ڏينهن اڳ پوليس وغيره اچي ڪمري جون دريون وغيره چڪاسي اها پڪ ڪئي ته، هتان ڪنهن به طرح جي ڪا حرڪت نه ٿئي. اسان کي تڙ تڪڙ ۾، گهر وڃڻ جي موڪل ملڻ کانپوءِ اها اسپتال ڇڏڻي پيئي هئي.
عيد جي ڏينهن ۾ اهو معمول هوندو هو ته، عيد جي نماز پڙهڻ کانپوءِ بابا سان گڏ سڀني مٽن مائٽن سان عيد ملڻ ويندا هئاسين. ان ڏينهن تي هرڪو عيد ملڻ وارن جي انتظار ۾ هوندو هو ۽ سندن خاص کاڌن سان آڌرڀاء ڪيو ويندو هو. اهو سلسلو گھڻي عرصي تائين هلندو رهيو. پوءِ اڳتي هلي اهو گھٽجي ويو ۽ هاڻي ته ڄڻ بلڪل ئي ختم ٿي ويو آهي. محرم ۾ عاشوري جي ڏينهن ۾ صبوح سوير بابا سان گڏجي ميوه شاه قبرستان ويندا هئاسين، جتي مختلف جاين تي پنهنجن مٽن مائٽن جي قبرن تي فاتحه پڙهڻ کانپوءِ پنهنجي جماعت جي مک قبرستان ۾ ايندا هئاسين ۽ اتي پنهنجي ويجھن مائٽن جي قبرن تي گل پٽي رکي، پاڻي وغيره وجھندا هئاسين. ان دوارن بابا اسان کي مختلف مٽن مائٽن جي ڄاڻ ڏيندو رهندو هو.
اسان جي وڏن، مٽي مائٽيءَ جي بنياد تي ’سنڌي مومن جماعت‘ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي هئي. اها ڪنهن خاص ذات وغيره جي ماڻهن تي مشتمل نه هئي، پر ان ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو شامل هوندا هئا. هونئن ته جن ماڻهن اها جماعت ٺاهي هئي، اهي ۽ انهن جي خاندان وارا ان جا رڪن ليکيا ويندا هئا. جيڪڏهن جماعت کان ٻاهر ڪنهن پنهنجي ڌيءُ يا پٽ جي شادي ڪرائي ته اهي ٻاهريان ماڻهو به جماعت جا رڪن ٿي ويندا هئا. جماعت جي ملڪيت هڪ ته هال هوندو هو، جتي جماعت جون گڏجاڻيون به ٿينديون هيون، ته شادي غمي وغيره جي موقعن تي به اهو استعمال ٿيندو هو ۽ نوجوان ان کي پنهنجي وندر ۽ پڙهائي لاءِ به استعمال ڪندا هئا.
ميوه شاه جي قبرستان ۾ ڏٺو وڃي ته عام قبرون آهن، جتي ڪنهن کي به دفن ڪري سگھجي ٿو. ٻيو ته مختلف جماعتن ۽ ڪميونٽي وارن پنهنجن ماڻهن لاءِ جايون مخصوص ڪيون آهن، جتي ان جماعت ۽ ڪميونٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ئي دفن ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ريت ’سنڌي مومن جماعت‘ به پنهنجي لاءِ هڪ ڪمپائونڊ هٿ ڪيو. ان قبرستان ۾ اٽڪل هڪ صدي پراڻيون قبرون به آهن. ڪجهه قبرون انهن ماڻهن جون آهن، جيڪي 1930 جي لڳ ڀڳ ڪراچي ۾ آيل طاعون جي وبا ۾ مري ويا هئا. هن وقت رڳو ان جماعت جو نالو رهجي ويو آهي. جماعت جو هال به رڳو نالي ۾ وڃي رهيو آهي، جڏهن ته قبرستان جو معاملو اڃا هلندو اچي، پر ان جي به مناسب نموني سان سار سنڀال نه پئي ٿئي.
ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو منهنجو بابا هو. بابا جي شادي به ڪراچيءَ جي ماڻهن مان ئي ٿي. منهنجو نانا عيساناڻي ميمڻ هو، جڏهن ته منهنجي ناني جو واسطو حب جي ويجھو لڪي جي علائقي جي بروهين سان هو. منهنجي ناني جي مائٽن جو اسان جي گھر اچڻ وڃڻ هوندو هو. اسان به موقعي مهل جي مناسبت سان لڪي ويندا هئاسين. اهي غريب ماڻهو هوندا هئا ۽ جھوپڙين ۾ رهندا هئا، پر اها ڳالهه مشهور هوندي هئي ته، ويجھو جيڪي ٽڪريون آهن، اتي خزاني سان ڀريل ديڳيون آهن، جن تي نانگ ويٺل آهي، جنهن کي ماڻهوءَ جو رت گھربل آهي. خير ان وقت ته اها هڪ ڏند ڪٿا ئي هئي، پر حب ڊيم ٺهڻ ۽ علائقي ۾ مختلف صنعتن وغيره لڳڻ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن ٿيڻ جي ڪري اها ڳالهه ڄڻ هڪ حقيقت بڻجي ويئي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ ٻيو ته زمينن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. ان مان ظاهر ڳالهه آهي ته منهنجي ناني جو به حصو هو ۽ جنهن مان ڪجهه ان جي ڌيئن، پٽن ۽ انهن جي ٻارن کي پڻ مليو.
نانا گھڻو اڳ گذاري ويو هو. ان کي اسان جي ناني، جيڪا سندس ٽين زال هئي، مان اٺ ٻار هئا، جڏهن ته هڪ پٽ کيس پهرين زال مان به هو، جيڪا کانئس اڳ گذاري ويئي هئي. هو پنهنجي حياتيءَ ۾ منهنجي امان، جيڪا پنهنجي هڪ ڀاءُ کان ننڍي پر ناني جي ٻارن ۾ پنهنجن سڀني ڀائرن ڀينرن کان وڏي هئي، ۽ هڪ پٽ جي شادي ڪرائي سگھيو هو.
سندن وفات کانپوءِ سڄو بار نانيءَ تي اچي پيو، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين منهنجي امان ۽ بابا به سندس هٿ ونڊائيندا هئا. هوءَ ٻين ماڻهن جي گھرن جا ڪم ڪري پنهنجن ٻارن جو پيٽ گذر ڪندي هئي. سندس گھر اسان جي نوآباد واري گھر کان ٿوري مفاصلي تي بغدادي واري علائقي ۾ هو. اتي جيتوڻيڪ ان وقت بجلي نه هئي، پر هڪ ڪمري سان گڏ وڏو اڱڻ هوندو هو. آئون خاص طور اتي اڪثر رات جو وڃي رهندو هوس. اتي وڃڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به هوندو هو ته منهنجو ننڍو مامو فلم ڏسڻ جو شوقين هوندو هو. پوءِ اتي رات جو سمهڻ مهل هو فلمن جون اهي ڪهاڻيون اسان کي پنهنجي انداز ۾ ٻڌائيندو هو.
نانيءَ جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن نوي سالن کان وڌيڪ ڄمار ماڻي. پر هن تي ڄڻ عمر جو اثر نه هو. جيتوڻيڪ سندس ڌيئرن ۽ پٽن جي پنهنجن پيرن تي بيهڻ کانپوءِ کيس ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه رهي هئي، پر هوءَ هڪ جاءِ تي سانتيڪي ٿي نه ويٺي. هر وقت پنهنجن ٻارن جو حال احوال وٺڻ لاءِ ڪڏهن ڪنهن جي گھر ته ڪڏهن ڪنهن جي گھر ويندي هئي. اهڙيءَ ريت نانيءَ جي صحيح ڏس پتي جي خبر نه پوندي هئي. سندس پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان به آخر وقت تائين رابطو هوندو هو. آئون نه ٿو سمجھان ته هوءَ پنهنجي وفات کان اڳ بيمار ٿي بستري تي پيئي هوندي.
شير شاه وليج ڪراچي ۾ ڄڻ بروهين جو مرڪز هوندو هو. لياري نئين سان لڳ ان علائقي جو انتظام سيد صالح شاه جي هٿ ۾ هوندو هو، جنهن جا بلوچستان ۽ سنڌ جي بروهين سان لاڳاپا هوندا هئا. هي هڪ مهربان ۽ ٻين ماڻهن جو خيال ڪرڻ وارو شخص هو. منهنجي ناني کي هن اتي زمين ڏني ته جيئن هو اتي پنهنجو گھر ٺاهي پنهنجن پٽن سان گڏ رهي.
گھڻو عرصو منهنجي ناني ۽ ماما اتي رهيا. اسان موقعي مهل جي حساب سان سندن گھر ويندا رهندا هئاسين. پوءِ انهن سڀني پنهنجا ڌار گھر ورتا ۽ لياري جي ٻين علائقن ۾ منتقل ٿي ويا ۽ ناني به اهو گھر ڇڏي ڏنو. نانيءَ پنهنجيءَ هڪ ڀائٽيءَ سان پنهنجي پٽ جي شادي ڪرائي. سندس ان ڀاءُ جو هڪ پٽ ننڍي هوندي ئي وٽس هليو آيو هو، جتي هو سندس پٽن وانگر ئي رهيو هو.
ان وقت علائقي ۾ ڪجهه مشهور هوٽل هوندا هئا، جن ۾ ڪيفي نوآباد، ڪراچي هوٽل ۽ حاجي ولي جو هوٽل شامل هئا. حاجي ولي وارو هوٽل عمارتن جي ان جھڳٽي جو ئي حصو هو، جنهن ۾ هارون فيملي جا اسڪول، ڪاليج، يتيم خانو، جامع مسجد ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جو مدرسه مظهرالعلوم هوندا هئا. ان هوٽل سان گڏ ٻيا مختلف دڪان به هئا.
ان عمارت جي سامهون ئي حاجي ولي جو مٺائي جو دڪان هوندو هو. حاجي ولي جي مٺائي ۽ خاص طور سوهن حلوي ۽ حبشي حلوي جي فرمائش ڪئي ويندي هئي. اهو به ڄڻ هڪ ڪامپليڪس هوندو هو. ان جي ڀر ۾ عيدگاه آهي. عيد جي نماز پڙهڻ لاءِ ان عيدگاه ۾ ئي بابا سان گڏجي اچبو هو. هڪ خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته، مولوي صادق جو پٽ حافظ اسماعيل، سنڌيءَ ۾ خطبو ڏيندو ۽ نماز پڙهائيندو هو. آئون اڃا لياريءَ ۾ ئي رهندو هوس ته سندس جماعت؛ جميعت علماء سنڌ جا ٻه همراهه، جن جو واسطو پنون عاقل سان هو ۽ جيڪي حافظ صاحب جي مدرسي سان لاڳاپيل هئا، مون سان رابطي ۾ آيا. ڪجهه ملاقاتن کانپوءِ هو مون کي حافظ صاحب سان ملاقات لاءِ وٺي ويا. خبر ناهي ڇو سندن شخصيت مون کي متاثر نه ڪري سگھي. بس هو مون کي هڪ روايتي مذهبي عالم لڳو ۽ ساڻن پوءِ ملڻ جي ڪا خواهش به نه رهي. ساڳي ريت انهن همراهن سان به رابطو ختم ٿي ويو.
علائقي جي ٻين هوٽلن ۾ رينڇوڙ لائين جو لکپتي هوٽل، چاڪيواڙي جو چمچا هوٽل ۽ بولٽن مارڪيٽ تي ڪاسائي جو هوٽل مشهور هوندا هئا. ڪاسائي جي هوٽل جي خاص ڳالهه ان جو پيالو هوندو هو. ان پيالي ۾ نان ۽ ٻڪري جا پايا ملائي ڏنا ويندا هئا، جيڪي علائقي جا ماڻهو وڏي شوق سان کائيندا هئا. کارادر ۾ هڪ علائقي کي اڃا ان جي پراڻي نالي ”پنج نمبر ٽانڪي“ سان سڏيو ويندو آهي. شايد ڪنهن دور ۾ علائقي کي پاڻي وغيره ڏيڻ لاءِ ڪي ٽانڪيون ٺاهيون ويون هجن، جن جي يادگيري مون کي ناهي. ان علائقي ۾ هڪ پراڻو ايم سليمان جي نالي سان مٺائيءَ جو دوڪان آهي.
جيتوڻيڪ ان جي مٺائي علائقي جي ٻين دڪانن جي ڀيٽ ۾ مهانگي آهي، پر ماڻهو ان جي ذائقي ۽ ڪوالٽي جي ڪري ان کي پسند ڪندا آهن. ان اڃا تائين پنهنجي ان معيار کي برقرار رکيو آهي.
رمپا پلازه، جتي گھڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جون هفتيوار دستوري گڏجاڻيون ۽ ماهوار پروگرام وغيره ٿيندا هئا، ان جي ڀر ۾ منظور چيمبر ۾ سائين نورالدين سرڪي جي وڪالت واري آفيس هوندي هئي. سرڪي صاحب جن جيتوڻيڪ سياست ۾ سرگرم نه هئا ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت سان سندن لاڳاپو هو، پر ماڻهن سان سندن لاڳاپو ختم نه ٿيو هو. سنڌي ادبي سنگت جا دوست مختلف پروگرامن جي حوالي سان صلاح مشوري ۽کيس دعوت ڏيڻ لاءِ وٽس ويندا هئا. سرڪي صاحب وٽ سياسي ڪارڪنن ۽ سنڌي ليکڪن جو اچڻ وڃڻ عام هوندو هو ۽ اڪثر وٽس مختلف ماڻهن سان ملاقات به ٿي ويندي هئي.