ڪراچي شهر جون لائبريريون، جن مان ڪيتريون بند ٿي ويون!
مون جهڙن گھڻن ماڻهن لاءِ اهي مثبت نموني وقت گذارڻ ۽ تربيت جا مرڪز پڻ هوندا هئا. لياريءَ جي علائقي- نوآباد ۾ اسان جي گھر کان ٿوري فاصلي تي ۽ حاجي عبدالله هارون اسڪول واري رستي - شاه ولي الله روڊ تي اوکائي ميمڻ جماعت وارن هڪ وڏو هالُ لائبريري لاءِ مخصوص ڪيو هو، جتي ڪتاب ۽ روزاني اخبارون اينديون هيون. هتي خاص طور تي اخبارن جي ڇڪ جي ڪري هر عمر جا ماڻهو ايندا هئا. هتان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هرڪو لائبريري کان ٻاهر دڪين ۽ فٽ پاٿن تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويهي رهندو هو. پوءِ دير تائين اهو سلسلو هلندو رهندو هو. شام جو اسان اسڪول جا ڪجهه دوست هتي گڏبا هئاسين. اخبارن وغيره پڙهڻ کانپوءِ اسان جي دلچسپي ٻارن جي مختلف رسالن، خاص طور ’همدرد‘ جي ’نونهال ڊائجسٽ‘ ۾ سوالن جا جواب موڪلڻ هوندو هو. اها جهڙوڪر منهنجي مستقل مصروفيت هوندي هئي. ان جو هڪ فائدو اهو ٿيو ته اسڪول ۾ منهنجي ڪارڪردگي، جيڪا اڳ ڪا گھڻي چڱي نه هئي، سا بهتر ٿي ويئي.
اها لائبريري ڄڻ اڃا تائين به منهنجي اندر جو هڪ حصو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ان پاسي وڃڻ ٿيو ته مون ان لائبريري واري جاءِ کي ڏسڻ ٿي چاهيو. پر اُتي جو سڄو منظر تبديل ٿيل هو. اتي فليٽ ٺهي ويا هئا ۽ لائبريريءَ جو ته ڄڻ وجود ئي نه رهيو هو. گهر کان ٿورو پرتي کارادر جي علائقي ۾ آغا خاني خوجن جو بيت العلم جي نالي سان هڪ اسٽڊي سينٽر هوندو هو، جتي ڪنهن جي به اچڻ تي ڪا بندش نه هئي. امتحانن جي تياري وغيره لاءِ اها سٺي ۽ پرسڪون جاءِ هوندي هئي، جيڪا به هاڻي شايد نه رهي آهي.
مختلف پرڏيهي قونصل خانن پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ لائبريريون ۽ ثقافتي مرڪز قائم ڪيا ويا هئا. پاڪستان چوڪ وٽ برٽش ڪائونسل، ٿورو اڳتي سرور شهيد روڊ تي گوئٽي انسٽيٽيوٽ، فريئر هال جي سامهون آمريڪي قونصل خانو، ان جي لائبريري ۽ ڪلچرل سينٽر - ۽ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ سوويت يونين جو فرينڊشپ هائوس هو جيڪو پوءِ طارق روڊ تي جھيل پارڪ وٽ منتقل ٿي ويو هو. انهن جي رڪنيت مفت هوندي هئي. جڏهن ته ميمبر هئڻ کانسواءِ به لائبريري جي سهولت حاصل ڪري سگھبي هئي. هتي مختلف ثقافتي پروگرام وغيره به ٿيندا هئا، جن ۾ مقامي ماڻهن جو سهڪار وغيره به شامل هوندو هو. ميڊيا جي حوالي سان اهڙو هڪ پروگرام سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي، گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ڪيو هو. هاڻي اهي سڀ سهولتون گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويون آهن.
رڳو برٽش ڪائونسل ڪنهن حد تائين پنهنجيون سرگرميون برقرار رکيون آهن، پر ان کي به شهر جي وچ مان، جتي ان کي اڪثر وڳوڙين کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو، ڪينٽ اسٽيشن جي پاسي ۾ هڪ ڪنڊ ۾ منتقل ٿيڻو پيو آهي.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز؛ ان حوالي سان هڪ ڪارائتو ادارو آهي، جتي خاص طور تي ڪرنٽ افيئرز جي حوالي سان ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب وغيره موجود هوندا آهن. ان اداري جو پنهنجو هڪ آڊيٽوريم به آهي، جتي مختلف پروگرام وغيره ٿيندا رهندا آهن. اداري جي سهولتن جي استعمال تي ڪا پابندي ناهي ۽ اتي موجود عملو پوري طرح سهڪار ڪندو آهي. ڪجهه سال اڳ پنهنجي سالياني موڪلن ۾ آئون هتي باقاعدي ويندو هوس. مون وٽ ان وقت هتان جي رڪنيت نه هئي. هڪ ڏينهن سيڪريٽريءَ مون کان پڇيو ته، ”اوهان ڇا ڪندا آهيو؟“ مون کيس پنهنجي نوڪريءَ متعلق ٻڌايو ته، هن چيو ته، ”پر اوهان ته روز هتي هوندا آهيو.“ مون کيس ٻڌايو ته، ”آئون سالياني موڪلن تي آهيان،“ ته هن مون کي چيو ته، ”ائين ڪيو، اوهان هتان جي ايسوسيئيٽ ميمبرشپ وٺي ڇڏيو، جنهن جي ڪا في وغيره ناهي.“ اهڙي ريت آئون ان اداري جو ميمبر ٿي ويس، پر ڪجهه وقت کان پنهنجين ڪجهه مصروفيتن جي ڪري آئون اتي وڃي نه سگھيو آهيان.
ڪراچيءَ ۾ لائبريرين جو احوال ڪجي، پر ان ۾ اسٽيٽ بينڪ جي لائبريري جو ذڪر نه ڪجي، ته اهو بيان مڪمل نه ٿيندو. ملڪ جي معيشت جي حوالي سان پاليسي سازي، حڪومت کي انهن معاملن تي صلاحون ڏيڻ ۽ عالمي ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ۾ مرڪزي بينڪ جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته انهن کي معيشت جي معاملن جي پوري ريت ڄاڻ هجي. ان مقصد لاء ريسرچ ۽ شماريات جا شعبا قائم ڪيا ويا. ساڳئي وقت لائبريري قائم ڪئي ويئي، ته جيئن انهن شعبن جا آفيسر پنهنجي ڪم لاءِ ان کان مدد حاصل ڪري سگھن.
اها لائبريري 1949 ۾ قائم ڪئي ويئي هئي. شروع ۾ اها شاهين ڪامپليڪس جي سامهون ان عمارت، جتي اسٽيٽ بينڪ قائم ڪئي ويئي هئي ۽ جتي هن وقت سپريم ڪورٽ رجسٽري آهي، ۾ قائم هئي. 1961 ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي بينڪ جي نئين عمارت جي ٺهڻ کانپوءِ ان کي ان جي پنجين ماڙ تي منتقل ڪيو ويو. اٽڪل سڄو فلور لائبريري جي لاءِ هوندو هو. ان جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته ان جي ديوارن تي صادقين جون ٺاهيل تصويرون ۽ خطاطي هوندي هئي. ڪجهه پراڻا ماڻهو ٻڌائيندا هئا ته، صادقين هتي راتين جا اوجاڳا ڪري اهي شاهڪار تخليق ڪيا هئا. گھڻو وقت اها لائبريري ان جاءِ تي هئي. ان کانپوءِ 1995 ۾ ان کي جاءِ جي گھٽتائي وغيره جي ڪري اسٽيٽ بينڪ جي ئي ڪمپائونڊ ۾ بينڪ آف انڊيا جي عمارت، جتي هن وقت اسٽيٽ بينڪ جو ميوزيم آهي، ۾ منتقل ڪيو ويو.
ڊاڪٽر عشرت حسين جي گورنر ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ ۾ گھڻيون تبديليون آيون. انهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي انيڪسي ۾ لرننگ ريسورس سينٽر جو قيام به شامل هو. ان دور ۾ بينڪ جي عملي جي تربيت جو جيڪو وسيع پروگرام شروع ڪيو ويو هو، اهو ان جو هڪ حصو هو. ان سينٽر ۾ جديد سهولتن سان آراستا آڊيٽوريم ۽ ڪلاس روم وغيره موجود آهن، جتي بينڪ جي عملي سان گڏ ڪمرشل بينڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن وغيره کي پڻ سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن. 2005 ۾ هتي لائبريري کي منتقل ڪيو ويو هو. ان عمارت جو گرائونڊ ۽ فرسٽ فلور لائبريري لاءِ مخصوص آهن. بنيادي طور تي ته هتي معاشيات ۽ بينڪنگ وغيره سان لاڳاپيل ڪتاب پيل آهن، پر ان سان گڏ اڪائونٽنگ، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي پڻ ڪتاب موجود آهن. ان کانسواءِ ٻين مختلف موضوعن جهڙوڪ: ادب، سياست ۽ تاريخ وغيره تي به ڪتابن جو چڱو تعداد موجود آهي. سنڌي ۽ اڙدو ڪتابن جا ڌار سيڪشن آهن. هر مهيني انهن موضوعن تي خريد ڪيل ڪتابن جي فهرست شائع ڪئي ويندي آهي، جيڪاِ اسٽيٽ بينڪ جي ويب سائيٽ جي لائبريري واري سيڪشن ۾ پڻ موجود هوندي آهي.
ساڳئي ريت حڪومت ۽ عالمي ادارن جهڙوڪ؛ عالمي بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي دستاويزن ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي رسالن ۽ اخبارن جو هڪ وڏو تعداد پڻ مطالعي لاء موجود هوندو آهي. ان ڳالهه جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي آهي ته ميمبر پنهنجي پسند جا نوان ڪتاب تجويز ڪن، جيڪي پوءِ لائبريري ڪاميٽيءَ جي منظوريءَ سان خريد ڪيا ويندا آهن. انهن ۾ اهڙا ڪتاب به شامل هوندا آهن، جيڪي پاڪستان ۾ دستياب نه هوندا آهن ۽ اهي ٻاهران گھرايا ويندا آهن. مان پاڻ گھڻا ڪتاب تجويز ڪندو رهندو آهيان، جيڪي پوءِ خريد ڪيا ويندا آهن. لائبريري جو عملو، خاص طور چيف لائبريرين لائبريري جي معاملن کان واقف، پروفيشنل ۽ هر وقت ممڪن حد تائين سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. خاص ڳالهه اها آهي ته اها لائبريري جي سهولت رڳو بينڪ جي ملازمن تائين محدود ناهي، پر ٻاهران ماڻهو به نه رڳو اها سهولت حاصل ڪري سگھن ٿا، پر ميمبر ٿي ڪتاب وغيره به حاصل ڪري سگھن ٿا. اها لائبريري آفيس جي وقت کانپوءِ به رات جو اٺين وڳي تائين کليل هوندي آهي. هن وقت اها لائبريري پاڪستان جي ڪجهه وڏين لائبريرين ۾ ڳڻي وڃي ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل لائبريرين مان ڪجهه بند ٿي ويون آهن ۽ ڪجهه ۾ منهنجو وڃڻ گھٽجي ويو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جي لائبريري منهنجي اڪثر استعمال ۾ هوندي آهي، جيڪا منهنجي مطالعي جون گھڻيون گھرجون پوريون ڪندي آهي.