سنڌي ادبي سنگت ۽ مان
بعد ۾ ون يونٽ جي ٽُٽڻ ۽ خاص طور تي اوڀر بنگال جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي قومي تحريڪ پاڪستان سطح جي سياست کان ڌار ٿي مختلف نين قائم ٿيل قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي جماعتن ۾ ورهائجي ويئي. پيپلز پارٽي سنڌ جي وچولي ۽ پورهيت طبقي جي هڪ وڏي حصي کي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪرشمه ساز شخصيت ۽ ’ڳڀي، اجھي ۽ لٽي‘ جي نعري جي زور تي پاڻ سان کڻي ويئي، جڏهن ته قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي جماعتن وٽ شاگردن ۽ دانشورن جي هڪ محدود حلقي کانسواءِ گھڻو ڪجهه نه هو، ان ڪري انهن جو ان ڳالهه تي زور هو ته، جيڪي ادارا اڳ موجود هئا ۽ جن ماڻهن ۾، پنهنجي ڪم جي لحاظ کان هڪ ساک ۽ شهرت رکي ٿي، انهن ۾ پنهنجو اثر رسوخ پيدا ڪجي ۽ پارٽيءَ جي سياسي ڪم لاءِ انهن جو استعمال ڪجي.
حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جا گھڻا همراهه ڀٽي صاحب جي سحر ۽ واعدن جو شڪار ٿي پيپلز پارٽيءَ پاسي هليا ويا هئا ۽ گھڻا ڪنهن اتساهه نه هئڻ ڪري غير سرگرم ٿي ويا هئا، جنهن ڪري سنڌ هاري ڪميٽي جي گھڻي ڇڪ نه رهي هئي. سنڌ جي جماعتن آڏو به سنڌ ۽ سنڌي هارين کان وڌيڪ پنهنجي جماعت جا مفاد وڌيڪ اتم هئا، ان ڪري سندن پاران به بجاءِ هاري ڪاميٽي کي هڪ گڏيل طبقاتي پليٽ فارم طور وري جيئارڻ جي، پنهنجا ڌار پليٽ فارم جوڙيا ويا، جيڪي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ بدرن ڄڻ ته پنهنجي پنهنجي جماعت جي سياسي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪٻئي سان مقابلي ۾ هئا. انهن کي چيو ئي پارٽي جو کليل پليٽ فارم ويندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي سلسلي ۾ به اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون ۽ مختلف نالن سان ادبي پليٽ فارم وغيره جوڙيا ويا، پر کين ڪا گھڻي موٽ نه ملي سگھي.
سنڌي ادبي سنگت پنهنجي ليکي اديبن جو هڪ گڏيل پليٽ فارم ته هئي، پر اتي مختلف جماعتن جي ڪارڪنن پاران هڪ ٻئي تي حاوي ٿيڻ ۽ ان کي پنهنجي جماعت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش لاڳيتو جاري رهندي هئي. منهنجو سنگت سان واسطو اٽڪل چاليهه سالن کان، هڪ نه ٻي صورت ۾ رهندو آيو آهي. ان عرصي ۾ مختلف شاخن ۽ مرڪز پاران گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڀيرا مختلف ادبي ۽ سياسي اختلافن جي ڪري منهنجي رڪنيت به ختم ڪئي ويئي هئي، جنهن کي وري ساڳين دوستن کي منهنجي پاران ڪنهن احتجاج يا درخواست ڏيڻ کانسواء ٻين دوستن جي اخلاقي دٻاءَ ڪري بحال ڪرڻو پيو هو.
سنڌي ادبي سنگت ۾ پنهنجي ڪم جي شروعات مون ساڳئي وقت هڪ ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن طور لياري شاخ جي ڪارڪن طور ڪئي هئي. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ ۾ اڃا شامل نه ٿيو هوس، پر ان سان لاڳاپيل دوستن سان لاڳاپي ۾ هوس، جيڪي اتي سنگت جي شاخ قائم ڪرڻ متعلق سوچي رهيا هئا. لياريءَ جي بلوچي، سنڌي، گجراتي ۽ اردو ادب جي حوالي سان هڪ خاص حيثيت رهي آهي. ٻي ڳالهه ته ان وقت لياريءَ ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان ڪا سرگرم ادبي تنظيم موجود نه هئي، جيڪا علائقي جي ادب دوست ماڻهن کي گڏ ڪري سگھي. ساڳئي وقت عوامي تحريڪ جي دوستن جو پنهنجو مفاد به هو ته، اهڙي ريت کين اتان جي پڙهيل لکيل طبقي سان رابطي ۾ اچڻ ۽ پارٽيءَ جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو ملي ويندو.
ان وقت ڪراچي سنگت سرگرميءَ سان پنهنجيون سرگرميون جاري رکندي پئي آئي. جيتوڻيڪ لياري سنگت جي قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڪراچي جيئن ته هڪ وڏو شهر آهي ۽ هر ماڻهو لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هو باقاعدگيءَ سان ان ۾ حصو وٺي سگھي، ان ڪري شهر جي پسگرداين ۾ سنگت جي شاخن جي کُلڻ سان ادب دوستن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ ادب متعلق چاهه ۽ ڄاڻ پيدا ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ميسر ٿيندا، پر ان شاخ تي عوامي تحريڪ جي ٺپي هئڻ ڪري اهو ئي سمجھيو ويو ته، ’ان کي ڪراچي سنگت، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عوامي تحريڪ، وطن دوست پارٽي (ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ واري) ۽ ٻين مختلف جماعتن جا دوست شامل هئا، پر ڪميونسٽ پارٽي هڪ حاوي حيثيت ۾ هئي، جي ڀيٽ ۾ آندو ويو آهي.‘ ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ وقت سان گڏ لياري شاخ کي عوامي تحريڪ جي خول مان نڪري پنهنجي هڪ ڌار حيثيت قائم ڪرڻ کپندي هئي، پر ائين نه ٿي سگھيو ۽ اها شاخ ڄڻ پارٽي (عوامي تحريڪ) جو هڪ حصو بڻجي ويئي، جنهن ۾ شامل دوستن کي پارٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ پنهنجي ادبي سنگت جي ڪارڪردگيءَ متعلق رپورٽ ڏيڻي پوندي هئي، ان ڪري پارٽي ۾ پيدا ٿيل اختلاف سنگت لاءِ به موتمار ثابت ٿيا. سيڪريٽري ۽ سندس ڪجهه دوست پارٽي ڇڏي ويا، جن پارٽيءَ سان، سنگت جي لاڳاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ منهنجي پارٽي ۾ هئڻ ڪري، منهنجي سنگت جي بنيادي رڪنيت ئي پنهنجي ليکي ختم ڪري ڇڏي. بهرحال اهي دوست سنڌي ادبي سنگت لياري کي گھڻي عرصي تائين سرگرم نه رکي سگھيا. سنگت جي ان شاخ کي جيتوڻيڪ سرگرم رکڻ جون پوءِ به ڪوششون ڪيون ويون، پر اهي گھڻو ڪامياب نه ٿي سگھيون.
سنگت ڪراچي ۾ منهنجي سرگرميءَ جي شروعات ان کان پوءِ ٿي، پر اها ڪنهن به سياسي جماعت پاران مڙهيل ڪا ڊيوٽي نه هئي. ان وقت عوامي تحريڪ ڇڏڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو ارباب کهاوڙ جي جماعت وطن دوست پارٽيءَ سان لاڳاپيل هوس، پر انهن جماعتن ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت نه هئڻ ءِ رڳو رينگٽ ۽ هڪٻئي خلاف سازشن، طبيعت ۾ هڪ بيزاري پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان ماحول ۾ ادب، ادبي بحث ۽ ادب سان لاڳاپيل دوستن سان سياست سميت مختلف سماجي موضوعن تي بحث هڪ آزادي ۽ تازگيءَ جو احساس ڏياريو ٿي.
ان وقت فقير محمد لاشاري سان، هلال پاڪستان ۾ لکڻ ۽ وطن دوست ۾گڏ هئڻ جي حوالي سان لاڳاپي ۾ اچڻ جو موقعو مليو. سنڌ جي سياست ۽ سياسي جماعتن جي حوالي سان سندس اٽڪل ساڳيا خيال هئا ته، انهن جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن ۾ اها صلاحيت ناهي ته اهي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪري سگھن ۽ انهن آدرشن کي ساڀيان ڏيئي سگھن، جن جي لاء سنڌ جي نوجوانن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو هڪ وڏو حصو ساڻن گڏ هو. ساڳي ريت عبدالرحمان نقاش سان منهنجو واسطو عوامي تحريڪ ۽ ان کان وڌيڪ هڪ ذاتي دوست جي حوالي سان گھڻو پراڻو هو. ان وقت اهي ٻيئي دوست (فقير محمد لاشاري ۽ نقاش) سنگت ڪراچيءَ جا سرگرم ڪارڪن هئا. سندن اتساهه ڏيڻ جي ڪري مون ڪراچي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو، جيڪي ان وقت واءِ ايم سي اي جي هال ۾ ٿينديون هيون. ائين نه هو ته سنگت جي اها سرگرمي سياسي سرگرمي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن جوکم کان آجي هئي.
بدر ابڙي جي ’ڄام ساقي ڪيس‘ ۾ گرفتاري جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان نه هئي، پر سنگت سان، سندس سيڪريٽري هئڻ جي حيثيت ۾ هڪ مضبوط لاڳاپو رهيو هو. ان وقت ضياءَ الحق جي آمريت جو دور هو ۽ عملي سياست ۽ سياسي سرگرمين تي پابندين هئڻ ڪري مختلف سياسي جماعتن جي سياسي ڪارڪنن جو رخ پنهنجي اوٻر ڪڍڻ لاءِ سنگت جي دستوري گڏجاڻين ڏانهن هوندو هو. ادبي موضوع ڀلي ڇا به هجي، پر ان تي تنقيد جي حوالي سان هر شريڪ ٿيندڙ پنهنجو سياسي فلسفو ۽ تجزيو پيش ڪندو هو. اهڙي صورتحال ۾ اختيارين پاران انهن ماڻهن تي دٻاءُ پوندو هو، جيڪي سنگت کي گڏجاڻين لاءِ جاءِ ڏيندا هئا يا سندن پنهنجو ڊپ سنگت کي وقت بوقت پنهنجي جاءِ بدلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. ڪڏهين واءِ ايم سي اي، ڪڏهن ميرينا هوٽل، ته ڪڏهن اداره امن و انصاف جو هال. ان کانسواءِ مختلف دوستن کان سي آئي ڊي جون انڪوائريون ڌار هونديون هيون ۽ آئون پاڻ انڪوائري جي اهڙي هڪ مرحلي مان گذريس. انهن ادبي سرگرمين جي ڪري هڪ دوست مون کي طعنو ڏيندي چيو هو ته، ”دنيا ۾ ماڻهو ادب کان سياست ڏانهن ويندا آهن، پر اوهان سياست کان ادب ڏانهن ڪيئن هليا آيا آهيو؟“ جڏهن ته ان کي اهو سمجھڻ کپندو هو ته هر ملڪ جو حالتون مختلف ٿينديون آهن ۽ ماڻهو ان پاسي رخ ڪندا آهن، جتي کين اتساهه ملندو آهي. سنڌ ۾ آئون اڪيلو اهڙو ماڻهو نه هوس، پر اڪثر نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن؛ سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن کان مايوس ٿي ان پاسي جو رخ ڪيو هو، جنهن متعلق سوچڻ جي ضرورت هئي.
ضياءَالحق جي جهاز جي حادثي ۾ مري وڃڻ جي ٻئي ڏينهن خميس هئڻ ڪري رمپا پلازه ۽ ان ۾ موجود اداره امن انصاف جي آفيس بند هئڻ باوجود دوست سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي لاءِ موجود هئا، پر ان وقت پاڪستان جي سياسي صورتحال گھڻي تبديل ٿي چڪي هئي، جنهن جا اثر سڌي ۽ اڻ سڌي ريت هر اداري ۽ ماڻهو تي پوڻا هئا. ملڪ ۾ جمهرريت بحال ٿيڻ، پابندين جي ختم ٿيڻ ۽ شهري آزادين جو دور شروع ٿيڻ وارو هو. ساڳي وقت ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ سوويت يونين جي ٽُٽڻ ۽ سرد جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سڄي دنيا سان گڏ پاڪستان ۾ پڻ نظرياتي تبديلين جو هڪ دور شروع ٿيو، جنهن فردن ۽ ادارن؛ سڀني کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. ان سڄي صورتحال جو اثر سنڌي ادبي سنگت تي پڻ پيو. انهن حالتن کي مدنظر رکندي مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ اها تجويز پيش ڪئي ته، ’نئين صورتحال ۾ سنگت کي وڌيڪ موثر ڪرڻ لاءِ ان جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي وڃي، جيڪا تنظيمن جي جيئري رهڻ لاء هڪ ضروري عمل آهي.‘ ان تجويز تي ڪنهن هاڪاري بحث ۽ سنگت جي حوالي سان منهنجي ماضي کي نظر ۾ رکڻ کانسواء سنگت مرڪز پنهنجي هڪ اجلاس ۾ منهنجي تاحيات رڪنيت ختم ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ نه ته، ان اجلاس کان اڳ ۽ نه ئي پوءِ مون سان ڪو رابطو ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪا وضاحت گھري ويئي. ان ڪري مون به ان فيصلي کي غير آئيني ۽ ضابطن جي خلاف سمجھندي ان سلسلي ۾ ڪو رابطو يا لکپڙهه نه ڪئي.
سنڌي ادبي سنگت کي جنهن نموني هلايو ٿي ويو، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته ساڳئي مرڪزي باڊي هڪ ٻئي اجلاس ۾ ڪجهه دوستن جي احتجاج ڪرڻ تي منهنجي رڪنيت وري بحال ڪري ڇڏي. ان سڄي ڀڃ ڊاهه ۽ مخالفت کي ختم ڪرڻ جي لاڙي جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته هاڻي سنگت سان تعلق ڪنهن جوکم کان وڌيڪ سماجي رتبي ۾ واڌاري جو باعث هو، ان ڪري مرڪز ۽ شاخن جي عهدن لاءِ گھڻي ڀاڱي سياسي جماعتن سان وابستگيءَ جي بنياد تي اهڙن همراهن ۾ هڪ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي، جن مان گھڻن جو واسطو ادب سان بس نالي ماترئي هو ۽ جن جو بنيادي مقصد سنگت جي عهدن جي بنياد تي پنهنجن لڳ لاڳاپن کي وڌائي ان مان ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ هو.
اهڙي ريت سنگت جي حوالي سان اهو هڪ الميو هو ته اها پنهنجي ماضيءَ جي ڪردار کي وساري پنهنجي سمت وڃائي ويٺي - ۽ ان جو مقصد ادب کان وڌيڪ ڪجهه فردن ۽ جماعتن جي سياسي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ وڃي رهيو.
اهو سوال حيدرآباد ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي هڪ اجلاس ۾ پيش ٿيل رپورٽ تي مون اٿاريو هو ته، ’سنگت جو گھڻو ڌيان ادبي ڪمن جي ڀيٽ ۾ غير ادبي ڪمن تي رهيو آهي،‘ پر ان سوال تي گھڻو ڌيان نه ڏنو ويو ۽ مون کي ماٺ ڪري ويهڻ لاء چيو ويو. ان ڪري سنگت جي عهديدارن لاءِ اهو اشد ضروري آهي ته سنگت جي موثر ڪردار لاءِ بنيادي سوالن تي ڌيان ڏين.