آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

نول مل

اسلام آباد ۾ لاڳيتو مندر جي تعمير جي تنازعي متعلق پڙهندي مون کي حاجي عبدالله هارون اسڪول ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ منهنجو دوست نول مل ياد اچي ويو. ان خاندان ورهاڱي وقت لڏڻ بجائي سنڌ ۾ رهڻ کي ئي ترجيح ڏني هئي. اهي کارادر ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندا هئا. ڪڏهين ڪڏهين آئون نول سان گڏجي سندن گھر به ويندو هوس. اتي هڪ پوڙهو ويٺو هوندو هو جيڪو شايد نول جو پي يا ڏاڏو هو جڏهين ته گھر ۾ ٻيو ڪو ماڻهو نظر نه ايندو هو. مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هن کي اسان جي اچڻ مان ڪا خوشي نه ٿي ٿئي. جيتوڻيڪ هو چوندو ڪجھ نه هو پر چاهيندو هو ته اهي ماڻهو گھر ۾ نه اچن ته چڱو. اها سٺ جي ڏهاڪي جي شروع جي ڳاله آهي ۽ ماڻهن ۾ ورهاڱي وقت ٿيل وڳوڙن جي ڪري پيدا ٿيل ڊپ ۽ هراس اڃا باقي هو ۽ ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ان وقت ويجھڙائي ۾ ڪاغذي بازار جي وچ ۾ هڪ مندر هو جنهن جي ٻاهران شينهن جي مورتي لڳل هئي. پر ان مندر تي مختلف ماڻهن قبضو ڪري دوڪان ۽ گھر قائم ڪري ڇڏيا هئا. ساڳي ريت ٿوري فاصلي تي موسالين هنڱورا پاڙي ۾ هڪ مندر هو جيڪو پڻ ويران پيو هو. نول سان جيتوڻيڪ پوء رابطو نه رهيو پر اها خبر پيئي ته هو ڊي ايم سي مان ايم بي بي ايس ڪري ڊاڪٽر ٿي ويو آهي.
اهڙو ئي هڪ واقعو منهنجي هڪ اڳوڻي نوجوان ڪليگ مون کي ٻڌايو هو. سندس چوڻ هو ته ڀارت مان لڏي اچڻ کانپوء سندس خاندان کي جيڪو گھر الاٽ ٿيو ۽ هو ان ۾ جڏهين داخل ٿيا ته اتي هڪ پوڙهي عورت ويٺي هئي جيڪا انهن کي ڏسي ڊپ ۾ ڏڪڻ لڳي ته اهي کيس ماري ڇڏيندا. پر انهن کيس تسلي ڏني ۽ کيس آرام سان ڀارت وڃڻ لاء اسٽيشن تي ڇڏي آيا.
اها ڪيفيت شايد اڃا به باقي آهي.