آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

جاويد ڀٽو

جاويد ڀٽو جو قتل سندس سڀني ويجھن دوستن ۽ مائٽن لاء هڪ صدمي جو باعث هو ۽ آئون پاڻ کي به انهن ماڻهن ۾ شامل سمجھان ٿو. آئون فوري طور ان تي ڪو ردعمل نه ڏيئي سگھيس. ڇاڪاڻ ته مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته اهو ڇا ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته مون پنهنجي ذهن کي ڦلوريو پئي ته جاويد سان منهنجيون ڪهڙيون يادگيريون ۽ ذاتي تعلق رهيا آهن جن جي بنياد تي آئون سندس متعلق ڪجھ لکان.
گھڻو ڪجھ منهنجي ذهن ۾ نه پئي آيو. شايد ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ ڪجھ دوستن جي حوالي سان ساڻس ڪجھ ملاقاتون ٿيون هيون. ان جو ڪارڻ مون کي سمجھ ۾ اهو ٿو اچي ته اسان جي گھڻي ويجھي نه هئڻ جو ڪارڻ وقت هو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ 1978 منهنجو آخري سال هو جڏهين ته آئون سمجھان ٿو ته جاويد، انعام، الطاف بيدار ۽ شوڪت ڪيهر وغيره جو گروپ ان کانپوءِ يونيورسٽي ۾ آيو هو.
ساڳي ريت عوامي تحريڪ سان تعلق جي حوالي سان سعود آباد ملير ۾ سندن گھر وڃڻ ٿيندو هو، جتي جاويد جي ڀاء شاهد ڀٽو سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ اسان دوست ويهي سندس راڳ ٻڌندا هئاسين. جاويد اتي گھٽ ئي هوندو هو. شاهد ڪجھ عرصو گلشن حديد ۾ به رهيو ۽ پوء هڪ ٻه ڀيرا ڪنهن ڪم سانگي منهنجي آفيس به آيو. ساڳي ريت جيستائين ڪميونسٽ پارٽي سان واسطي جو سوال آهي ته منهنجو پارٽي اڳواڻن ۽ گھڻن ڪارڪنن سان ويجھو تعلق رهيو جنهن جي ڪري گھڻن ماڻهن جو اهو خيال هو ته آئون پارٽي سان لاڳاپيل آهيان پر حقيقت ۾ تنظيمي طور منهنجو پارٽي سان ڪو تعلق نه هو ۽ اهڙي ريت ان حوالي سان جاويد سان تعلق ۽ ملاقاتن جو جيڪو بهانو ٿي سگھيو ٿي اهو به نه هو. ان جو هڪ خاص ڪارڻ اهو به هو ته هو هتان ڪراچي مان گھڻو عرصو اڳ هليو ويو هو. ڪافي عرصو سنڌ يونيورسٽي ۽ پوء آمريڪا هليو وڃڻ جي ڪري ساڻس ملاقاتن جا امڪان اڃا گھٽجي ويا هئا ۽ جڏهين هو پاڪستان ايندو هو ته دوستن وسيلي سندس حال احوال ملندو رهندو هو. رڳو ڪجھ عرصو اڳ ئي فيس بڪ تي ساڻس تعلق قائم ٿيو پر سندس قتل ان تعلق کي وڌيڪ هلڻ نه ڏنو.
مون کي سندس زندگي متعلق گھڻي ڄاڻ ناهي ۽ نه مون ساڻس ڪي علمي، سياسي ۽ فلسفي وغيره متعلق بحث ڪيا هئا. مون اهو پئي سوچيو ته انعام، جامي ۽ امر سنڌو جهڙا جيڪي دوست سندس ويجھو رهيا آهن انهن جي سندس متعلق لکڻين سان آئون پنهنجي رهجي ويل خال کي ڀري سگھندس. پر ائين نه ٿي سگھيو آهي ۽ آئون اڃا گھڻو ڪجھ ڄاڻڻ جي ضرورت محسوس ڪيان ٿو. ساڳي وقت سندس ڪي ڇپيل لکڻيون به ناهن جنهن مان سندس علمي ۽ فلسفي متعلق ڄاڻ جي خبر پئجي سگھي. جيستائين سندس ڪچهرين ۽ ليڪچرن وغيره جو سوال آهي ته آيا انهن جو ريڪارڊ موجود آهي ۽ جيڪڏهين موجود آهي ته انهن کي سهيڙيندو ڪير. سقراط وٽ ته افلاطون جهڙو شاگرد موجود هو جنهن پنهنجي استاد جي ڏاهپ ۽ همت کي جڳ سان متعارف ڪرايو. جيڪڏهين جاويد جو ڪو اهڙو شاگرد موجود آهي ته پوءِ هو يقينن گمنامي جو شڪار نه ٿيندو.