مهاڳ
نئون ديرو ۽ رتو ديرو سنڌ جا اهڙا شهزادا شهر آهن، جن ۾ سنڌ جي سياست، توڙي ادبي تحرڪ ۾ نِستائي نظر نه ٿي اچي.
شعر ۽ ادب ته دل جي شهرن ۾ باغ باغيچن ۽ سبز پارڪن وانگر هوندو آهي- جتي ڪيئي جوڙا، جوانيون ۽ ٻارڙا وتندا هن پَسار ڪندا ۽ مِٺيون مُرڪون مُرڪندا.
نئين ديري جي حوالي سان ادبي نالا ته ڪيئي آهن، پر سائين عبدالغفار تبسم، منٺار سولنگي ۽ اياز جاني ته هڪدم اڳيان اُڀريو اچن، جيڪي شعرو ادب جي آسمان جا روشن ستارا آهن. ڀلي ته هڪ ئي اُڀ ۾ هزارين ستارا هوندا آهن، پر هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي جاءِ ۽ اهميت هوندي آهي. جيئن بخاري صاحب چوندو هو ته:
هڪڙا اُڀ هزارين تاري، هر ڪنهن دي جاءَ اپڻي،
هڪڙي دل هزارين پياري، هر ڪنهن دي جاءَ اپڻي.
راتين جي جرڪار ۽ جادُوءَ ۾ ننڍڙي کان ننڍڙي ستاري جو به سهڻو ساٿ ۽ سهڪار شامل هوندو آهي. ايئن انجم قاضي به ادبي افق جي حسن ۾ حصيدار بڻيو بيٺو آهي.
انجم قاضيءَ جي ادبي کيتر کي ٻنهي شهرن جو پاڻي نصيب ٿيو آهي. تنهن ڪري هن جو شعر به دو آبو، بلڪ دو آتشو ٿي پيو آهي، سائين مقصود گل ۽ غلام نبي گل صاحب سان ويجهڙائيءَ جي ڪري گُلن جا واسَ، هن به دل تي پئي ورتا آهن- اها ٻي ڳالهه آهي ته، فَن رشتيدارين، ذاتي تعلقات بجاءِ اَورچائي، پگهر ۽ پورهئي ڏي وڌيڪ مائل ٿئي ٿو ۽ پيار جي پکي ٿو پيهي- ۽ انجم قاضي ته مَن ۾ محبتون کنيون رنڍا روڙيندو ۽ محبتون آڇيندو ، وِر ڇيندو وتي:
آءُ، جيڪي کڻين، کڻي وڃ تون،
اڻ کُٽيون مَن ۾ محبتون آهن.
۽ وڏي ڳالهه ته هي همراهه، هڪ الله ڪرڻ وارو ۽ دُوئي کان دُور رهڻ وارو آهي. هي محبت ۾ مُوَحد آهي.
محبت جي مذهب ۾ به گهڻن خدائن جي گنجائش ناهي، ڇو ته سُپرين گهڻو ريسارا هوندا آهن. ان لاءِ هي پاڻ واضع ٿو ڪري ته:
جنهن جي نه ملي مونکي تشبيهه اڃان تائين،
ايمان ۾ رهجي وئي، هڪ ذات اڪيلي آ.
انجم وٽ پنهنجا ذاتي مشاهدا ۽ تجربا آهن، مشاهدن ۾ هڪجهڙايون به ملي وينديون آهن- گڏيل مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي به ماڻهو ڪنهن نتيجي تي پهچي ويندو آهي.
شهري زندگيءَ بابت هن جو مشاهدو به اهڙو ئي آهي، هن کي شهرن ۽ فليٽن ۾ پنهنجائپ نه ٿي محسوس ٿئي، ۽ کيس ڪکاوان گهر وڌيڪ اپيل ٿا ڪن.
فليٽن مان بدبوءِ غيريت جي آئي،
مليون محبتون بس ڪکاون گهرن ۾.
هن دوستين کي مقصدن جي مير ۾ ميرو ٿي گم ٿيندي ڏٺو آهي، تنهن ڪري ٻڌائي ٿو ته:
مون کڻي پيرا ڏٺا جو پوئتان،
مقصدن ۾ دوستي گم ٿي وئي.
هڪ فيلنگ، جيڪا ماڻهوءَ جو اندر کائيندي رهندي آهي- ۽ ماڻهوءَ کي درياهه وانگر پائيندي رهندي آهي، سو آهي ڏک ۽ وڇوڙي جو احساس. جنهن کي هر شاعر پنهنجي انداز سان اظهاريو آهي.
توهان جي روش، زندگيءَ ۽ موت ڏانهن ڪهڙي به هجي، پر اها روش ان حقيقت جي ڪڙاڻ ۽ اثر کي ختم نه ٿي ڪري سگهي.
رکي چپ، چميون جن کي ڏيندو هُئين،
مٽيءَ ۾ سي گم ٿي ويون هن اکيون!
انجم جي ڪن غزلن ۾ نظم جهڙي رواني آهي، ڪن غزلن جا قافيه، رديف، ٻُڌل هئڻ جي باوجود سُٺا ٿا لڳن ۽ غزل جو حسن متاثر ٿيڻ کان بچي ويو آهي. هن وٽ نوان رديف به ملن ٿا ته آزاد قافيي جو استمعال به ڪيو اٿائين. جيئن رستو، لهجو، لمحو وغيره. ايئن اسين به ڪريون ٿا. اڳي اها اجازت نه هئي غزل ۾.
اڄ ڀي تنهنجي اوسيئڙي ۾ او سانئڻ،
منهنجي من ڏي ايندڙ رستو جاڳي ٿو.
گهور ٿين ٿا جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ تان،
تاريخن ۾ تن جو چرچو جاڳي ٿو.
-
اوهان جي سار ۾ روئي،
مليو پئي ساءُ اڻ ڄاتو.
شاعري مسلسل رياضت به آهي. ان ۾ وِٿي پئجي وڃي ته، اها محسوس ڪرائيندي آهي. پر ڇا ڪجي،
’اور ڀي غم هين زماني ۾ محبت ڪي سوا!‘
اسان مان گهڻا سمجهندا آهن ته، شعر ۾ جا ڳالهه چوڻ چاهيندا آهن، سا چئي ويا آهيون، پر حقيقت ۾ سِٽون اهو ناهن چئي سگهنديون. شعر جي سِٽ جو وزن بيلنس ڪرڻ لاءِ، ته، هو، ڀي، يا آ وغيره وجهي پورائو ڪيو ويندو آهي. تڏهن پڙهڻ وارو اها ڳالهه سمجهي ويندو آهي ته، شاعر جا وَٽ کوٽا آهن.
مون محسوس ڪيو آهي ته، انجم کان جيترو ڌيان ۽ گيان شاعري گهريو آهي، لڳي ٿو هي همراهه ان کي ايترو ناهي ڏيئي سگهيو. ان کي ڪٿي ڪٿي ٿورو رفائين ٿيڻ جي ضرورت به محسوس ٿئي ٿي، جيئن گلن جي ٽارين جي ٿوري ٿوري ڇانگ ٿيندي آهي. ڪٿي ڪٿي هي شعر جي وزن ۽ رواني کي نظر ۾ رکندي، لفظن جي اصل ادائگيءَ تان ڌيان هٽائي ويو آهي، ۽ لفظ جي فطري بيهڪ متاثر ٿي پئي آهي.
اڪثر اوهان جي سار ۾ آهي،
سرهو سڄو هي ساهه ٿي ويندو.
...
ڪٿي ڪو نه تنها ڪڏهن بي ڇڏيو آ،
ڏينديون ساٿ گڏ گڏ هليون يادگيريون
هن مجموعي ۾ انجم ڪلاسيڪل صنفون، بيت ۽ وايون پڻ شامل ڪيون آهن. کوڙ سارا دوست وايون لکن ٿا، ۽ سٺيون ٿا لکن- پر بيت مڙئي گهٽ ٿو لکيو وڃي، خاص ڪري سٺو بيت...! انجم کي بيت، وائي جي حوالي سان پنهنجن ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن کي وري پڙهڻ گهرجي. انجم جي واين مان ڪجهه بند ۽ بيتن مان ڪجهه سٽون تڪڙي مطالعي لاءِ ڏجن ٿا، جن ۾ هن پنهنجي محسن قاضي مقصود گل کي پڻ ڀيٽا پيش ڪري ياد ڪيو آهي.
سڀ کي سڳيءَ ماءُ جيئن،
ڄڻ ٿي ويهاري ،
ڌرتي پنهنجي هنج ۾.
...
لفظن ۾ نه هيو مگر،
هن جي لهجي ۾
رهجي آهي درد ويو.
تو کان پو محسوس ٿيو،
ساري محلي ۾،
رهجي آهي درد ويو.
...
درد وڃي گهيراءُ ڪيس،
ڇوريءَ نيڻن جا،
رنگ ڪٿي گم ٿي ويا.
...
وڪجي ڪا ويئي، ناري خون پلاند ۾،
...
۽ پو سڏڪيائين، پئجي مون سان ڀاڪرين.
...
سمنڊ سنڀالي ئي نه ٿو، پنهنجي جهوليءَ کي،
ڇوليءَ ڇوليءَ کي، هوا ٿي اغوا ڪري.
...
هُو هر ويلي سار ۾، اچي پهچي ٿو،
۽ در کڙڪي ٿو، دل ۾ هڪڙي درد جو.
انجم جي هن مجموعي ۾ کوڙ ساريون سِٽُون آهن، جن ۾ شاعراڻو حُسن ۽ احساس آهي. نئون رنگ به آهي ڪٿي ڪٿي، جو واقعي دل چوي ٿي ته اهو رنگ کڻي، هڻي ڏسجي.
ڏسئون ته پير پائي ڙِي، ڏسئون ته عشق ڇاهي ڙِي،
نئون نئون ڪلاس آ، نئون نئون نصاب آ.
...
ويندي ويندي وقت رکي ويو وک وک آ،
پاڻ ٻنهي تي کوڙ ميارون لاڳيتيون.
...
ڇا خبر پل اڳيون ، ڪهڙي آڻي خبر،
حادثي جي پٺيان حادثو ٿو اچي.
...
وقت انجم کڻي درد بيٺو اتان،
پاڻ گذرون پيا ٿا جتان بار بار.
...
کڄندو ٿو ويساهه وڃي پيو، رت جي رشتن تان،
ها پر توسان ٻيا ڪي رشتا، تڪڙو تڪڙو آءُ.
جيئن بخاري صاحب چوندو هو:
”هي ياري هڪ ٻي ياري آ ناهي ماڻهن واري!“
دعا آهي، ته هن جو اهو رشتو، جيڪو ٻيو رشتو آهي، شاعريءَ سان، زندگيءَ سان، دوستيءَ سان، اهو شل اڃان وڌيڪ سگهارو ٿيندو وڃي- روز قلم زور!
علي دوست عاجز
حيدرآباد.
30.04.2015