ڏاهي ڏات روشن آ
انجم کي ديس جي خفن توڙي ڌرتيءَ لاءِ پنهنجي فرضن جو به احساس آهي. ور نه عام طور پنهنجا حق ته هر ڪنهن کي ياد رهندا آهن، باقي فرض ته ڪنهن کي ڄڻ ياد ئي ناهن رهندا. انجم هن ڌرتيءَ لاءِ، پنهنجي لاءِ فرضن جو احساس هن ريت ڏياري ٿو:
سارو ئي حل نڪري ايندو ڌرتيءَ جو،
پاڻ سچا ٿي سوچيون پنهنجي فرضن تي.
فرض جو احساس اسان جي گڏيل سماجي ذميوارين ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ٿو. جيئن ته گڏيل سوچ ئي سماج جي اوسر جو بنياد هوندي آهي. تنهن ڪري جيسين گڏيل سوچ نه ٿي اپنائجي تيسين هر ڪو اڪيلي سر پيو سور ڀوڳيندو.
وک وک آهي حادثو، وک وک هڪڙو درد،
ڀوڳي ٿو هر فرد، پنهنجي پنهنجي روپ ۾.
جيسيتائين گڏيل سوچ ۽ گڏجي فرض جو احساس پيدا نه ڪنداسين ۽ رڳو پنهنجيءَ ۾ ئي پورا هونداسين ته عام ماڻهو لاءِ، معاشرو تنگ ٿيندو ويندو.
سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ آ پورو، ڪير ٿو ڪنهن جي ٻڌي،
سوڙهه ۾ سوڙهو سڄو سنسار ٿيندو ٿو وڃي.
انجم رڳو پنهنجيءَ ۾ پورو نه آهي پر ٻين جي سور سلڻ تي به سندس نيڻ ڀرجي ٿا اچن.
تڏهن نيڻ پنهنجا به برسي پيا ها،
روئي ڪنهن جو پنهنجون سليون يادگيرون.
اهو احساس هن باشعور شاعر کي هٿ ٻڌي ويهي رهڻ بدران، اڪيلو ئي سهي، پر عملي طور ڪجهه ڪرڻ لاءِ ٿو اتساهي، ته جيئن غم جي اونده کي گهٽائي سگهجي.
رڳو رات ڪاري، منجهي ساهه ٿو ڄڻ،
ڪوئي ديپ ٻاريان ته من غم جهڪو ٿئي.
مجموعي طور تي انجم جي شاعريءَ ۾ حسرتون به آهن ته محروميون به، خواب به آهن. ته ساڀيائون به، ديس به آهي ته ديس ۾ وسندڙ پرين به...! پرينءَ جو پيار به آهي ته پرينءَ جا ماڻا به آهن، ڏکن جا ڏوراپا به آهن ته سکن جون اميدون ۽ دعائون به آهن.
من دعا ڪائي تڪميل ماڻي وٺي،
ٿو انهيءَ آس تي هٿ کڻا بار بار.
معاشري جي هڪ باشعور فرد طور کيس پاڻ ۾ ڪنهن ڪمي يا پنهنجي مڪمل نه هئڻ جو به احساس آهي.
ڪو نه ٿو ڪو به ماڻهو مڪمل ٿئي،
ٿي رهي ڄڻ ڪمي ڪانه ڪا عمر ڀر.
هيءَ هڪ اهڙي ڪمي آهي، جيڪا کوٽ جي معنى رکي ٿي ۽ جنهن جي پورائي لاءِ انجم شاعري جي ميدان ۾ ووڙيندو جاکوڙيندو ۽ اڳتي وڌندو رهي ٿو. ٻي ڪمي ڪوتاهي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ڪجي ٿي ته انفرادي عمل طور اها ماڻهوءَ جو ڏوهه ڳڻجي ٿي، جنهن جي رنڊ روڪ ۽ نندا نه ٿيڻ سبب، اهو انفرادي عمل اڳتي هلي اجتماعي رخ وٺي ٿو ۽ پوءِ نيٺ اهو زور وٺي معاشري جو گڏيل رويو بڻجي پوي ٿو. جنهن کي روڪڻ جي همت نه ساري، معاشري جا عام فرد ڀلي ان کان اکيون پوري ڇڏين، پر هڪ باشعور اديب، شاعر ۽ قلمڪار ان کان هرگز هرگز نه ٿو لنوائي سگهي. معاشري ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جي هوءَ کُلي طرح للڪاري نه به سگهي ته علامتي اظهار سان ئي، اهي موضوع پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ذميداري نڀائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ايم ڪمل چواڻيءَ ته:
”هن جهان ۾ ڪيتريون ڳالهيون جي چڱيون ناهن، صحيح ناهن، انهن کي درگذر ڪرڻو پوي ٿو، انهن کان اکيون پورڻيون پون ٿيون. پر شعر و شاعريءَ جي جهان ۾ جيئڻ لاءِ انهن کان منهن نه ٿو موڙي سگهجي. جي انهن کان اکيون پوري شاعري ڪبي ته شعر مان روح غائب ٿي ويندو.“
انجم جي شاعريءَ ۾ اهڙا مختلف سماجي واقعا ۽ حادثا آهن، جن جو اثر هن شدت سان محسوس ڪيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي.
خاص ڪري سندس هي شعر پڙهندي منهنجي ذهن ۾ نوجوان راڳيءَ مريد عباس ڪٽپر جي قتل ۽ ان کان پوءِ سندس ٻڍڙيءَ ماءُ جي حالتِ زار اکين اڳيان اچي ٿي وڃي. مثال طور:
جنهن جو جوان جماڻ جوانيءَ ۾ پُٽ ماريو ويو،
ان جيجل جي جهول ۾ پِٽڪا ترسي پيا آهن.
شاعر جو اهو احساس ئي آهي جو هو معاشري ۾ ظلم ۽ ناانصافي ڏسي ڪري دين ڌرم تي آڱر کڻڻ کان به نه ٿو ڪيٻائي. جيئن انجم جو شعر آهي:
ملي جي نه انصاف انسان کي ٿو،
مڃيون پوءِ ڪهڙي ڌرم جي ڪهاڻي.
اهو ئي ماڻهن جو الڪو ۽ ديس وارن جو اونو انجم کي وطن جي محبت سان سرشار ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس تي فخر ڪندي، ان جي ساراهه ڪندي اتساهه ماڻي ٿو.
ڪيان جيئن سنڌ جي ساراهه، ٿئي ٿو ساهه تيئن سرهو،
فخر آ ديس پنهنجي تي ۽ ڏاهي ڏات روشن آ.
اهو وقت، اهي پل، جن ۾ سڄڻ جو ساٿ ۽ صحبت نصيب ٿئي، دل چوندي آهي ته جيڪر هيءَ وقت هڪ جاءِ تي ئي بيهجي وڃي، پر اهو وقت ڪيڏو تڪڙو، ڪيڏي تيزيءَ سان گذري وڃي ٿو. اهو احساس وڇوڙي کان پوءِ تائين وڌي وڃي ٿو. وري جڏهن دل چوندي آهي ته وڇوڙي جو هي وقت وهندي گذري وڃي ته ويتر به اهڙو وقت چاهيندي به نه گذرندو آهي. ايئن لڳندو آهي ڄڻ وڇوڙي جو وقت هڪ جاءِ بيهي رهيو هجي.
توسان گڏ گڏ تڪڙو گذري ڪيڏو وقت ويو،
توکان ڌار، لڳن ٿا لمحا ترسي پيا آهن.
اهڙي بيقراري ۽ انتظار جي ڪيفيت ۾، دل کي ڪيڏو به کڻي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجي پر پرينءَ جي در وٽان گذرندي قدم بيهجي بيهجي ويندا آهن.
ڏاڍو مون سمجهايو دل کي، تنهنجي در تي پر!
پير اچانڪ پوءِ به منهنجا ترسي پيا آهن.
ياد ٿو پويم ته هڪڙي ڀيري سائين سوڀي گيانچنداڻيءَ وٽ آئون، مرحوم لالا بشير ۽ ڪورٽ جا ٻه جج ويٺل هجون، سوڀي صاحب چيو:
“I can not lose my faith in human beings!
I have given my respecat to all and I am respecated by all”
”مان انسان ذات مان پنهنجو ڀروسو نه ٿو ڇڏي سگهان! مون سڀ ڪنهن کي عزت ڏني آهي، تڏهن وٽانئن عزت ملي ٿي.“
هڪ آدرشي انسان جو اهو يقين ئي آهي جيڪو کيس جيون ۾ جيئڻ جو ساهس به ڏئي ٿو ته اهو ئي يقين کيس جيون پڄاڻا به زنده رکيون اچي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪردار تاريخ جي ورقن ۾ هميشه جيئرو جاڳندو نظر ايندو آهي. انجم پنهنجي شاعريءَ ۾ اها ڳالهه هن طرح چئي آهي ته:
پاڻ دفن ٿي ويا هن توڙي مٽيءَ ۾،
سچا ته به ڪردار پيارا جاڳن ٿا.
عبيد ڪٽپر
ڪراچي