ڏکن ۽ اهنجن کي پنهنجو ڪر
جتي سائين قاضي قمرالدين (پڦا)، چاچا غلام مصطفى (مرحوم) المعروف، ”چاچا مسطڻ“ ۽ چاچا عطا محمد (مرحوم) المعروف، ”چاچا عطن“ جا گهر منهنجي ٻالڪپڻي کان جوانيءَ تائينءَ، جواني کان اڳتي زندگي جي وکن ۾ هميشه زنده جاويد رهندا...!
”چاچا عطن“ ته منهنجي محسنن مان هڪ هو. جنهن ڪڇ تي کڻي منهنجا ناز نخرا برداشت ڪيا. ۽ پيار جي نازڪ رشتي سان پرورش ڪئي، اُن انسان جا ٿورا عمر ڀر نه لاهي سگهندس. نه ئي منهنجي اهڙي اوقات آهي.
وقت ۽ حالات انسان کي ڪيڏو نه بدلائي ٿا ڇڏين. اهو اڄ وڃي ٿو احساس ٿئي_ ننڍڙو ”مُنو سائين“ هيس ته پيار ۽ پاٻوهه جي اتاهه سمنڊ ۾ پيو غوطا کائيندو هيس. ”مُني سائين“ کان ”سڪندر آفتاب“ ۽ ”سڪندر آفتاب“ کان پوءِ هاڻي ”پريتم قاضي...!“
آهستي آهستي زندگيءَ ڪٺن ۽ اڻانگي ٿي وئي آهي. لڳي ٿو ته زندگي ۾ گهڻو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ جي چاهنا ته ڪري سگهان ٿو پر ان کي حاصل ڪرڻ ممڪنات ۾ ئي ناهي. ڇا گذري ويل وقت واپس وري سگهي ٿو!؟ نه ڪڏهن به نه !
اگر ايئن هجي ها ته مان قدرت واري کان پنهنجو ’گل بابا‘ ( قاضي مقصود گل) واپس گهرايان ها...! ڪاش ايئن ٿي سگهي ها...!!
گذريل ٻن سالن کان سائين ”گل“ جي ڪري، مرتضى لغاري سان پيار ۽ پريت جي سڳي ۾ پوئجي ويس ۽ هاڻ سنڌي ٻولي جي ادبي مئگزين ”نئين آس“ ۽ ”مرڪ پبليڪيشن“ جو به ادنى ڪارڪن آهيان.
مرتضى تازو ئي گڏيل شاعري جو ڪتاب”نئون نئون مڌ آ“ مرتب ۽ پبلش ڪيو، جنهن ۾ انجم قاضي جي شاعري پڻ اکين آڏو گذري، پڙهڻ کان پوءِ شاعري دل ۾ گهر ڪري وئي. جڏهن اصل نالي ۽ ائڊريس تي نظر پئي ته ڇرڪ نڪري ويو...! سوچ ذهن ۾ پهرين پهرين اها اڀري ته ... انجم اهڙي سٺي شاعري ڪيئن ٿو ڪري!؟ جڏهن پروڙ پئي ته پوءِ اهو اطمينان ۽ تسلي ٿي ته مون وانگر انجم جي ادبي آبياري به گل بابا (قاضي مقصود گل) ئي ڪئي آهي.
انجم قاضي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ رابطي ۾ آيو ۽ جهڙوڪ نئين ديري سان منقطع ٿيل تعلقات اِستوار ٿيندي محسوس ٿيا. اڄڪلهه روز رابطو رهي ٿو ته ڀايان ٿو ته ڄڻ مان وري پنهنجي ٻاراڻي زندگيءَ ڏانهن پاڻ کي موٽندي محسوس ڪيان ٿو. ۽ ساڳيو ئي ”چاچا مسطڻ“ ۽ ”چاچا عطن“ جي ڏنل شفقت کي تصوراتي طور محسوس ڪندو آهيان...!
منهنجي ذاتي راءِ اها آهي، جنهن تي اڄ به قائم آهيان ته سُٺو اديب، سٺو تخليقڪار تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن هو اندران سٺو انسان هجي...! ۽ جڏهن سٺو انسان هوندو ته هو نهايت حساس هوندو ۽ ٻين جي ڏکن ۽ اهنجن کي پنهنجو ڏک ۽ اهنج سمجهندو. ۽ جيترو مون انجم کي ڄاتو آهي ته هو، نهايت نفيس، ٻاجهارو ۽ پيار ورڇيندڙ انسان ڀاسجي ٿو ۽ شايد انهيءَ ڪري هو شاعري سگهاري سرجي رهيو آهي. انجم ۽ مان آهيون ته ساڳي ”گل“ جي خوشبو....!! اهو ”گل“ جنهن جي خوشبوءَ جي واس سان سموري سنڌ سونهاري معطر رهي آهي ۽ سدائين معطر رهندي... انشاءَالله.
انجم لاءِ دل منجهان اِها دعا نڪري ٿي ته جهڙيءَ ريت هُن پنهنجي احساسن کي قلم وسيلي اظهارڻ جو رستو اپنايو آهي تهڙي ريت ئي صحيح ۽ مثبت روين سان انسانيت ۽ سونهاري سنڌ جي خدمت ڪندو رهي.(آمين)
هن چيو مذهب هجي، مون چيو انسانيت،
سمجهه جو ڦيرو هيو بس! ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو.
(قاضي مقصود گل)
پريتم قاضي
سڪندر آرٽ گئلري نوابشاهه
19_04_2015ع