سنڌ جي زرخيز مٽي
نيڪي بديءَ جي ان جنگ ۾ قدرت قلمڪار کي پڻ اهم ذميواري سونپي آهي ته هو قلم ذريعي ان ازلي ويڙهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ تڏهن قلمڪار قبيلو قلم سان پنهنجي جنگ جوٽڻ لاءِ سنبهي ٿو ته ان جهد ۾ سندس لفظ سڀ کان وڌيڪ اثرائتا هٿيار بڻجن ٿا. لفظن جي حرمت ۽ اهميت کي جڏهن ڏات ڌڻي سمجهي استعمال ٿو ڪري ته اُهي آفاقي ۽ الهامي ڪتابن جي تسلسل جيڏو رتبو ماڻن ٿا، پاڻ وٽ ڀٽائيءَ جو رسالو ان جو وڏو ثبوت آهي.
ڀٽائيءَ رحمت الله عليه جي واٽ وٺندي سندس پيرن جي ڇڏيل نشانن تي هن ڌرتيءَ جو پڻ هر شاعر پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجيءَ جلا يا بقا جون وکون وڌائي رهيو آهي. ان قبيلي ۾ اسان جو ”انجم“ قاضي پڻ نووارد مسافر جيان پنهنجو پنڌ تاڻي هن امرتائن جي سفر ۾ روان دوان آهي. پنهنجي اجري من ۾ منزل ماڻڻ جون اڻ کٽ خواهشون کنيون منهنجو ڳوٺائي جڏهن پنهنجين پورين سچائين سان مطالعي، مشاهدي ۽ ٻوليءَ جي تقدس جو وطيرو پاڻ سان گڏ کڻي هيءَ امرتائن جا پيچرا تاڻيندو ته ضرور ڏات جو معراج ماڻيندو. ڌرتيءَ جو سنڱ سڃاڻيندي پنهنجي مٽيءَ سان نباه جو وچن ورجائيندي اڳتي وڌندو ته سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ضرور کيس مان مرتبو عطا ڪندي.
سندس چواڻيءَ ته:
مان مٽيءَ جو هڪ ٺهيل انسان هان،
۽ مٽيءَ ۾ ئي لهي ويندس هليو.
(انجم)
يا هڪ وائيءَ ۾ هو پاڻ چوي ٿو ته:
لوليون جهونگاري سدا،
پيئي سمهاري.
ڌرتي پنهنجي هنج ۾.
انجم جڏهن پنهنجي زندگيءَ جو سفر سڦل ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ ڏات کي پوريون سچائيون ارپيندو ته لاشڪ پنهنجي وجود تي ثابت جي مهر ماڻيندو. آئون سندس هن نور نچوئڻ واري عمل کي سندس امرتا جي گسن پنڌن جو اُهاءُ سمجهي کيس دعائن ۽ دلاسن جون ارپنائون ضرور آڇيندو رهندس. باقي ثابت قدمي ۽ باخبري سندس احترام ۾ آهي. مان سندس لاءِ سدائين دعاگو.
عبدالغفار تبسم
9 اپريل 2015ع
ڪراچي