مُهاڳ:سيتاروڊ جي شاعرن جي روايتي ۽ غير روايتي تخليقي تحريڪ
The poetry is a literary work in wich the expression of feelings and ideas is given intensity by the use of distinctive style and rhythm poems collectively or as a genre of literature.
شاعري اُهو ادبي پورهيو آهي، جيڪو جذبي ۽ احساس کي اظهاري ٿو، ۽ اُنهيءَ ڪَم يا پورهئي ۾ خيال ڏنا وڃن ٿا، جن خيالن ۾ شدت به هوندي آهي، پر اُنهيءَ ۾ انداز بيان جا تفاوت هجن ٿا، ۽ شاعري موزونيت جو دامن وٺي موسيقيت پڻ خَلقي ٿي، ورڊس ورٿ چَيو هو ته شاعري سگهاري محسوسات جو پاڻهي اُٿلي پوڻ Spontaneous over flow of power ful feelings جو نالو آهي، پر ڊائي لنDylan Thamas چوي ٿو ته:
Poetry is what makes me laugh or cry or yawn what makes my toenails twinkle, what makes me want to do this or that or nothing.
شاعري جي محرڪ قوتن جا انيڪ روپ آهن، شاعري ڪڏهن روئاري ٿي ۽ ڪڏهن کِـلائي ٿي، ڪڏهن سنجيده فِڪر جون وشالتون کڻي ڦُٽي ٿي ۽ ڪڏهن مسڪراهٽن جون نيون نويدون اُڻي ٿي، ڪڏهن دَردن کي به وسعت بخشي ٿي ۽ ڪڏهن ذِهني ۽ روحاني سُڪون جو ڪارج بڻجي ٿي، ڪڏهن نعري بازي واري عبوري عهدَ جو درشن ڪرائي ٿي، ته وري ڪڏهن نج ۽ اصلوڪي حياتي جي ابدي مسرتن سان نوازي ٿي، شاعري نه صرف مهذب سماج جي تشڪيل لاءِ ڪُوشان رهندي آهي، پر شاعري فرد جي لاشعوري جو به پڌرنامو هوندي آهي، شاعري نه رڳو عقلي، منطقي ۽ فڪري سائنس جي سهڪاري هوندي آهي، پر شاعري وجداني سطحن جي ويراڳين جي به امين هوندي آهي، پو به هر تخليقڪار وٽ شاعريءَ جو الڳ نظريو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته جھڙيءَ طرح شاعري جي وصفن جو بي ڪران سمنڊ ڇوليون هڻي ٿو، تهڙي طرح جدلياتي مادي شعور به مُسلسل تبديل ٿيندو رهي ٿو. شاعري جي مقرر ڪا به هڪ وصف ڪانهي جنهن تي اڪتفا ڪري سگهجي، معنائن جو هڪ بي پناھ جهان آهي. جھڙيءَ طرح محبت، پيار اخلاق، نيڪي، سچ، ايمانداريءَ، وفاداريءَ وغيره جي ڪا به وصف ۽ تشريح ڪانهي، تهڙيءَ طرح ادب ۽ شاعريءَ کي به مقرر پئمانن تي ڊفائين نٿو ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ ته ادب يا شاعريءَ جو خالص تعلق رڳو معروصيت سان ڪونهي، پر انهيءَ ۾ داخليت به شامل ٿيو وڃي، داخليت جون پنهنجون الڳ ڏسائون ۽ جهتون آهن، جن جي سمتن کي به مقرر/ بيٺل يا جمود واري دنيا ڪانهي، پر گوناگونيت آهي، رنگا رنگي آهي، ائين حسن، عشق، محبت، پيار جيان شاعريءَ جي وصفن توڙي تشريحن definations and interpretations جون الڳ الڳ رنگينيون آهن، اُنهن جي مُڪملتا جا ساکي ته نه آهيون، پر اُنهن وصفن ۽ تشريحن کي سمجهي شاعريءَ جي آرٽ ڏانهن تخليقي اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي ۽ سُرور، مزو/ لطف به وٺي سگهجي ٿو، شاعريءَ لاءِ اهو به چَيو ويندو رهيو آهي ته:
Poetry is the chiseled marble of language, its paint spattered canvas, but the poet uses words instead of paint and the canvas is you.
شاعراڻي ڪينواس تي آرٽ جي رڌمِڪ هيئت جيتري سگهاري هوندي، آرٽ جي اوتري ئي سگهاري اثر پذيري ٿيندي، شاعريءَ جو حُسن رڳو ان جي فني حسناڪيءَ تي نه هوندو آهي، پر تخيل ۾ فڪر جي ڊائيورسٽي به پنهنجي غالب حيثيت جي مظهر هوندي آهي، فن ۽ فڪر جي سگهاري ۽ خوبصورت امتزاج يا سنگم سان شاعري هڪ نئين exciting pleasure جنميندي آهي ۽ ائينءَ شاعراڻو تخيل thought نون نون حِسي ادراڪن جون رُونمِائيون ڪندو آهي ۽ شاعراڻي آرٽ به پنهنجي مڪملتائن جي ساکي بڻجي ويندي آهي.
سنڌي شاعري پنهنجي اوائلي ڪِلاسيڪيت کان وٺي جَديديت جي گُوهر ـــ افشانين تائين پنهنجي تخليقي سَفر کي جاري ساري رکندي پئي اچي، مقداري حوالي سان جيتري شاعري وڌندي پئي وڃي، معياري حوالي سان اُها سست رفتاري جي ور چڙهي وئي آهي، اُنهيءَ جا وڏا فِڪري مِحرڪ هي آهن ته هتي نه صرف تخليقڪارن وٽ مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ تخليقڪارن وٽ ’’ورلڊ ويوز‘‘ جو ڏڪار به پنهنجا آثار کِــنڊيريندو ٿو رهي، هِتي فڪرَ جي همئه گير وسعت کي گهڻو تڻو ڄڻ پُٺي ڏئي ورجاءَ جا جهولَ ڀريا ويا آهن، ڪِنهنجي شاعري صرف خوبصورت فن جي آمجگاھ آهي ته وري ڪِنهنجي شاعري فن جي حُسن ـــــ ڪارين کي نظرانداز ڪري، رڳو فڪري جهتن ۾ پرواز ڪرڻ ٿي چاهي، جيستائين فن ۽ فڪر جو حَسين ميلاپ نه ٿو ٿئي تيستائين شاعريءَ جي خوبصورت زمين ڪڏهن به هٿ اچڻي ناهي، شاعري هڪ کيتي آهي، تخليقڪار پنهنجي ئي کيتيءَ جو هاري به آهي ته مالڪُ به آهي، اُنهي ڪري شاعريءَ جي کيتي سرسبز ڪرڻ جي لاءِ رياضت، محنت ۽ وَسيع تخليقي پورهئي جي گُهرج آهي، جيڪا اڄڪلهه جي شاعرن مان مُوڪلائيندي پئي وڃي، پر ’’ اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي‘‘ جي مصداق شاعريءَ ۾ معيار جي ويرائٽي آڇڻ وارا ڪجهه تخليقڪار آهن، جيڪي پنهنجي شاعراڻي آرٽ ۾ غير معمولي extra-ordinary پورهيو ڪن ٿا، تخيلن ۾ نين سُندرتائن کي پالين ٿا، ٻوليءَ جي ندرتائن کي واڳين ٿا، نئين اسلوب جو اَئٽُ اُڻين ٿا، آرٽ جي اَن داتا تي ايمان آڻن ٿا، فِطرتن جي تاج پُــوشي ڪن ٿا، رنگينين جا داعي بڻجن ٿا، فن جي قدرتن جا ساکي هجن ٿا ۽ فڪري ابلاغ جا مُبلغ هجن ٿا، اُهي آرٽ جي سگهه سان نئين دنيا اڏڻ چاهن ٿا، جئين ماڻهو کي اصلوڪي انساني تهذيب جي پاڙن ڏانهن موٽائي سگهجي، اهڙن ئي خوبصورت تخليقڪارن مان ’’سيتاروڊ‘‘ جا به ڪجهه تخليقڪارَ آهن، جيڪي سنڌي سماج جي وڃايل روحاني ۽ ثقافتي قدرن جو نه صرف نئين سِري سان فڪري سڀاءُ پنهنجي آرٽ ۾ واسين ٿا، پر ماضي جي خوبصورت روايتن کي پڻ پنهنجي آرٽ جي وسيلي جَلا بخشڻ جا سعيا ڪن ٿا، سندن آرٽ ۾ نه صرف حياتي جي گوناگونيت آهي، پر حياتيءَ جي پيچيدگيءَ ڏانهن نفيس سلجهاءَ واريون جهتون به آهن، هي ڪتاب ’’ڏهر منجهه ڏيئا‘‘ نه صرف سيتاروڊ جي اُتهاسي وشالتن کي يڪجا ڪرڻ جو تواريخي محرڪ آهي، پر هي ڪتاب ثقافتي، مقامي ۽ علاقائي سطح تي سيتاروڊ جي شاعرن جي مجموعي آرٽسٽڪ سَگهه جو پڻ عڪاس آهي، هيءُ ڪتاب هڪ اهڙي گلدستي جي مثل آهي، جنهن ۾ هر گل/شاعر جي پنهنجي منفرد خوشبوءِ آهي ۽ اُها رنگا رنگي مجموعي طرح جديد ادب جي آڪاس تي ستارن جي جهرمر يا جهڳمڳ ڪهڪشان جي رُوپ سَروپ ۾ نروار ٿي بيٺي آهي، هن ڪتاب ۾ ڪل سترنهن شاعر آهن، ڪي سينئر شاعر ۽ ڪي جديد شاعري جا معروف نالا آهن، ۽ ڪي نالا اڃان شهرتن جي ديوين تائين عرفانيت حاصل نه ڪري سگهيا آهن. گڏيل شاعرن جو مجموعو ڇپجڻ ڪو ايترو پراڻو ٽرينڊ ته ڪونهي، اُها ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي، جو ٻِـــن ٻِـــن شاعرن جي شاعريِءَ جو ڪتاب ادبي زمين واري کيتر ۾ هڪ نئين ٽرينڊ جي روپ ۾ پاڻ پسائڻ لڳو، ۽ ’’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘‘ واري گڏيل شاعريءَ جي مجموعي ۾ شيخ اياز جي مهاڳ سُون تي سهاڳو هجڻ جو ڪم ڪيو ۽ اُنهيءَ کان پوءِ اُنهيءَ ٽرينڊ ۾ شدت پيدا ٿيندي وئي، ۽ ڏِسندي ڪيترا ئي گڏيل شاعريءَ وارا مجموعا بي ــــ ڌڙڪ ڇپجڻ لڳا، جن جي مڪمل تاريخ ته طوالت ۾ وٺي ويندي پر تازو ئي اِهڙن ڇپجندڙ ڪتابن جو جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته ضلعي سطح تي گڏيل شاعري جا مجموعا اُنهيءَ لاڙي ۾ وري نئين خوبصورتي کڻي آڻي آيا آهن. ضلعي سطح کانپوءِ هاڻي گڏيل شاعرن جا مجموعا تعلقي سطح کان ويندي هڪ شهر،ڳوٺ جي شاعرن جي شاعريءَ تي پڻ ڇپجي رهيا آهن، مون وٽ گڏيل شاعريءَ وارا جيڪي مجموعا آهن، تن جو پڻ مختصر ذڪر ڪندس، ’’موکيءَ مَٽُ اُپٽيا‘‘ گڏيل شاعريءَ وارو مجموعو 2005ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏهن شاعرن جي شاعري هُئي، هن ڪتاب جو مرتب ڏيندڙ ذوالفقار گاڏهي هو، جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ امداد حسينيءَ لکيو. 2013ع ۾ ’’چوٽا تيل چنبيليا‘‘ جي عنوان سان مارو جماليءَ گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ’’اُڏام پبليڪيشن دادو‘‘ جي طرفان پڌرو ڪيو، جنهن ۾ تيرنهن شاعرن جي شاعري هئي، جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ تاج بلوچ لکيو، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ٻيو به گڏيل شاعريءَ جو مجموعو گهوٽڪيءَ مان پڌرو ٿيو، هن ڪتاب جو نالو ’’تارا تارا جهول ۾‘‘ هو، هن ڪتاب جا مرتب امرکهاوڙ ۽ دوست سومرو هُئا، 2013ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ سترنهن شاعرن جي شاعري موجود آهي ۽ هن ڪتاب جو مهاڳ به امداد حسينيءَ لکيو. 2014ع ۾ ڪتاب ’’برکا بوند بهار جي‘‘ پڻ گڏيل شعري_مجموعو ڇپيو، جنهن ۾ سورنهن شاعرن جي شاعري هئي، هيءَ ڪتاب مرتضيٰ لغاري مرتب ڪيو. مرتضيٰ لغاريءَ گڏيل شاعريءَ وارو هڪ ٻيو مجموعو به سامهون آندو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ’’نئون نئون مَڌ آ‘‘، جڏهن ته هن شاعري مجموعي ۾ سورنهن شاعرَ آهن ۽ هن ڪتاب جو مهاڳ سعيد سومري لکيو آهي، هيءَ ڪتاب پڻ 2014ع ۾ شايع ٿيو. تازو ئي ڳيريلي جي سترنهن شاعرن تي مشتمل ڪتاب ’’روشنيءَ جون ريکائون‘‘ شايع ٿيو آهي، هن ڪتاب جو مهاڳ روبينه ابڙو لکيو آهي، هن ڪتاب جا مرتب حبدار سولنگي ۽ ياسين چانڊيو جن آهن.
انهيءَ سموري ادبي پس_منظر جي فڪري تسلسل ۾ سرفهرست ٿيندڙ هي ڪتاب ’’ڏهر منجهه ڏيئا‘‘ به پنهنجي افاديت توڙي ماهيت کان هڪ منفرد ڪتاب آهي. سيتاروڊ جي مختلف شاعرن جي شاعريءَ جي انوکن، سَوادن ۽ روايتي توڙي غير روايتي رسُ_چَـــسُ کي جنميندڙَ هِن گڏيل شاعريءَ جي مجموعي جو مرتب نفيس ۽ نرمل احساسن جو نيٽ ورڪ سرجيندڙ شاعر وسيم آڪاش سيتائي آهي. هن ڪتاب جي سترنهن شاعرن جا نالا هن ريت آهن، 1، بشير سيتائي 2، پيرل پرديسي سيتائي 3، قادر بخش قلندر 4، مجبور ميمڻ سيتائي 5، مسرور سيتائي 6، محمد بچل بيوس 7، سقراط سيتائي 8، سليم سيتائي 9، دلشاد بلوچ 10، وسيم آڪاش سيتائي 11، اصغر سيتائي 12، سڄڻ سيتائي 13، گهائل غلام مصطفي 14، شاڪر عزيز سيتائي 15، عزيز سيتائي 16، منظور سيتائي 17، ذاڪر سيتائي.
[b]1ـــ بشير سيتائي[/b]
بشير سيتائي سنڌي ادب جو هڪ معروف نانءُ آهي، سندس ٻه شعري مجموعا ’’ڏات نه ٿيندي مات‘‘ ۽ ’’جهرڻو منهنجو جيءُ‘‘ پنهنجي ادبي ماهيتي ۽ افادي پهلوءَ کان منفرد سگهارا ۽ خوبصورت شعري مجموعا آهن، ۽ انهيءَ کان سواءِ سندس ٻين ادبي خدمتن کان سواءِ سندس نهايت اهم ڪنٽري بيوشن عمر خيام جي رباعين جو سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو آهي، بشير سيتائي ادب جي هڪ گهڻ پاسائتي شخصيت آهي، هُـــو هڪ ئي وقت مؤرخ، شاعر، نثرنويس ۽ عالمُ آهي، هُــو هڪ ئي وقت انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي قابلِ ـــ رشڪ دسترس رکندڙ ماڻهو آهي، ضلعي دادوءَ جي ادبي دنيا ۾ آئون هن کان وڌيڪ علمي فضيلت رکندڙ شخصيت سان ڪڏهن به نه مليو آهيان، هُــو دنيا جي اُنهن گهڻ ـــ پاڙهُــو تخليقڪارن مان به آهي، جيڪي پنهنجي آس پاس واري سماجي سطحن جي ڏيوالي نڪرڻ جي ڪري دانشوارانه اڪيلائپIntellectual Isolation جو شڪار ٿين ٿا، پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اُنهيءَ جي باوجود هن سينئر شاعر جي حيثيت ۾ انيڪ شاعرن جي شاعري جي فني ۽ فڪري آبياري پئي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري هاڻ هُــو هڪ اُستادَ شاعرَ جي حيثيت سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو.
شاعريءَ سان شعور ڦهـلايو،
سچ لکندا رهو، ڏسي ٿا وٺون. (بشير سيتائي)
بشير سيتائيءَ جي شاعريءَ ۾ سماج جو جدلياتي شعور جھاتيون پائي ٿو، هُن جي تخليقن ۾ شعورُ زندگيءَ جو تعين نه ٿو ڪري، پر زندگي شعورَ جو تعين ڪري ٿي، هُن جي آرٽ ۾ جيڪي لاشعوري سمتون آهن، تن لاشعوري سمتن ۾ ڄڻ ته صدين جي ستمگرين جون ٿڪاوٽون آهن، جيڪي حياتي جي تلخ تجربن مان ڦُٽي نروار ٿي بيٺيون آهن، پر اُنهن تلخ تجربن توڙي مشاهدن جي ٿڪاوٽن جي باوجود هُن وٽ آڪاس جي وشالتا جيڏا حوصلا آهن ۽ همت توڙي خودداريءَ جو بي ڪَران سمنڊُ آهي:
جـڳ ستمگـر ته آهي صديـن کان،
پنهنجو ڀي حوصلو، ڏسي ٿا وٺون. (بشير سيتائي)
بشير سيتائيءَ جي غزلن ۾ رنگِ _تغزل جا ڪيترائي اَنواعَ پاڻ پَسائين ٿا، هُن جي غزلن ۾ نه رڳو نفيس لهجا موجود آهن، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ رنگين تصورن، نِرملتائن سان واسيل ٻوليءَ ۽ احساسِ لطافت بخشيندڙ رُوماني عڪسَ پڻ آهن، جيڪي نه صرف سندس غزلن جي تغزل جي سگهاري عمارت سازي ڪن ٿا، پر کيس غزل جو خوبصورت شاعر پڻ ثابت ڪن ٿا، هن جي غزلن جي احساساتي ڪئنواس کي ڏسجي ته هن وٽ عشق جي اُساٽِ جون اُوڙاڪون به آهن ته وري جوڀن جي جوت جون بي پناھ روانيون به آهن، هن جي تخليقن ۾ نيڪيءَ،سچَ ۽ حُسن سان سقراط جي فلسفي جھڙو زميني حقيقتن سان عشق ڪرڻ جهڙو خوبصورت ورتاءُ نظر اچي ٿو، اُنهيءَ کانسواءِ بشير سيتائي وٽ غزل ۾ خوبصورت رديف جو رچاءُ مسحورڪن ۽ حيرت انگيز هوندو آهي، جئينءَ هِن غزل کي هُن ”ڪٿان آڻيان‘‘ جي رديف جي حُسناڪيءَ سان پڌرايو آهي:
هـت ته مرڪون مهانـگيون آهن،
ٽهـڪڙا دمبدم ڪـٿان آڻـيـان.
جو بدل بڻجي تنهنجي چپڙن جو،
ها! اُهو جامِ ــ جم ڪٿان آڻـيـان. (بشير سيتائي)
بشير سيتائيءَ جو هيءُ غزل به نه صرف رديف جي زبردست رچاءَ ۾ اوتيل آهي، پر اُنهيءَ خوبصورت رديف ’’آهي ڪٿي‘‘ معنائن جا اڻ_ڏٺل جهان به دريافت ڪيا آهن، هن غزل ۾ مرڪب لفظ ’’اوندھ ــــ پچر‘‘ کان وٺي ’سرمد‘ واري محاڪات/تلميح تائين ڪيتريون ئي تخليقي ڪاميابون ڏسڻ وٽان آهن، سُرور، مزو ۽ درد تي هير گھلڻ جھڙو احساس تخليق ڪندڙ بشير سيتائيءَ جو هيءُ غزل فونٽيڪ ردم سان به سرشار آهي ۽ غزل جي مقطع ۾ موضوعي سطح تي اهل_نظر کان ڪيل شڪايت به نهايت دلِ آويزان ۽ پُرڪشش آهي:
سُون ورني هو سحر،آهي ڪٿي،
ڏس! ڇڏي اوندھ پچر،آهي ڪٿي.
روز سرمد جي سري لهندي اچي،
ختم ٿيو پاپي مگر،آهي ڪٿي.
گهاءُ گهرو جيترو آهي ’’بشير‘‘،
ايتري ڪنهن وٽ نظر،آهي ڪٿي. ( بشير سيتائي)
بشير سيتائيءَ وٽ ’’سرمدي سوچ‘‘ ۽ ’’هوڏ منصوري‘‘ جهڙيون خوبصورت ٻوليءَ جون ترڪيبون آهن، جيڪي محاڪاتي ۽ تلميحاتي طور نه صرف تواريخ جي مادي شعور کي حال جي جدلياتي شعورَ سان واڳين ٿيون، پر اِهي ٻوليءَ جون خوبصورت ترڪيبون خود خوبصورت استعارا پڻ بڻجي ويا آهن، اِئينءَ هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ هن وٽ جيڪو به وحدت الوجود Monoism وارو فلسفو آهي، تنهن فلسفي جي ادراڪي جوهر ۾ سرمدي سوچ ۽ هوڏ منصوري پنهان آهي، سرمدي سوچ Unity of existence کي صرف نفيNegation ۾ ورتو ۽ يونٽي آف اگزسٽينس جي اثبات ’’هوڏ منصوري“ ۾ ٿي. بشير سيتائيءَ اُنهيءَ سموري فڪري وشالتا کي مختصر غزلن جي ڏانءَ سان نهايت خوبصورتيءَ سان اُڻي ٿو. سندس هي غزل نه صرف حياتيءَ جي بي معينه_مدت وارين ڪهاڻين نما احساسن کي پَلٽي ٿو، پر ازل کان ابد جي اُساٽ کي به ساڃاهي ٿو، توڙي جو غزل فڪر عظمتن جي آئيني ۾ Over confident آهي، پر عشق تي ايمان رکڻ جو داعي ضرور آهي:
سرمدي سوچ، هوڏ منصوري،
ان ڪري ئي لَهو لَهو آهيون.
جڳ ته بدنام خوار ٿو سمجهي،
عشق چئي ٿو ته آبرو آهيون.
پنهنجي عظمت جي آئيني ۾ ’بشير‘،
ڪامياب آهيون،سرخرو آهيون. (بشير سيتائي)
بشير سيتائي وٽ غزل جي فني ۽ فڪري کيتيءَ ۾ تشبيهن ۽ استعارن جون ڪيتريون ئي سرسبزيون آهن، جيڪي هڪ طرف ذهني راحت جا سامان ميسر ڪن ٿيون، ٻي طرف سندس ٻوليءَ تي نِدرت توڙي قدرتن جون گواههَ آهن، جئينءَ هي ٻه خوبصورت استعارا آهن. دل جو ٿر ۽ درد جو درهم، اهي ٻئي استعارا دلفريب به آهن ته وري حياتيءَ جي اُلجهيل سُٽَ جا به آئينه دار آهن:
نه دل جي ٿر جي جنهن مان اُڃ اُجهامي،
اکين کي اهڙو ڇو آگم ڏنو ٿئه.
’بشير‘ آيو جڏهن به تنهنجي در تي،
ته هُــن کي درد جــو درهـــم ڏنـو ٿـئه. ( بشير سيتائي)
بشير سيتائيءَ وٽ جتي مختصر سِٽن واري غزل ۾ اٿاھ فڪر سمائڻ وارو خوبصورت ڏانءُ آهي، اُتي سندس ٻوليءَ جي استعمال واري سادگيءَ جو حسن به پنهنجي ڪماليت جو مظهر آهي، ٻوليءَ جي اهڙي سادگي واري سندس حسناڪي آرٽ جي دقيق تصورن جي آجيان نه ٿي ڪري، پر اُها عام سماجي واهپي ۾ آساني سان ڪميونيڪيٽ ٿيڻ جهڙي فني خاصيت رکي ٿي. بشير سيتائيءَ جا غزل روايت ۽ جدت جو سنگم آهن، کيس پنهنجي غزل جي ٻُوليءَ توڙي فڪر کي باقائدي مڪمل جَدت ۽ جديديت ڏانهن آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اها اميد به بشير سيتائيءَ جهڙن علمي فضيلت ماڻيندڙ شخصيت مان ڪريون ٿا ته هُن جي آئيندي واري شاعريءَ ۾ اڃا به وڌيڪ جديديت توڙي بعد جديديت وارين فلاسافين جي اُپٽار هجي، جئينءَ هُن پنهنجي نظم_نثري نظمن ۾ جديد عهد جي انٽليڪچوئل صدا کي ورنايو آهي، تهڙيءَ طرح سندس غزلَ به انهيءَ عصري تقاضائن جا گهُرجائو آهن، بشير سيتائيءَ جو نثري نظم ’’نام نهاد دانشور‘‘ انٽليڪچوئل سطحن تي ٿيندڙ حرامپائين جي مُنهن تي زبردست لپاٽ آهي، ائينءَ سندس هڪ ٻيو نثري نظم ’’ڊپلوميسي‘‘ به ايڪهين صدِي جي جدت جو پوراءُ ڪندڙ نظم آهي، هِن نظم ۾ جديد عهدَ جي ’’لفظياتي منافقين‘‘ جي کُوکلي پَــڻَ کي رُومانوي عمل جي اڳيان وقت جو خوبصورت زيان ثابت ڪري جديد حِسي ادراڪ کي ڇُهاءُ بخشيو ويو آهي. ’’ڇنال‘‘ سندس اهڙو نظم آهي جنهن ۾ ڪمال جي لفظي آهنگ آهي ۽ سماجي ڪربن ۽ ناڪارين خلاف اَڇو چٺو آهي، اِئينءَ بشير سيتائيءَ جو ’’ايوارڊ آف ريڪگنيشن‘‘ جديد عهد ۾ سچ لکڻ واري مينو فسيٽو تي عمل ڪرڻ کان پوءِ سماج پاران مليل ناڪاريت جو عملي مظهر آهي ۽ ”تصوير جو موت‘‘ سندس هڪ اهڙو نظم آهي، جنهن ۾ رشتن توڙي ثقافتي، سماجي اصلوڪي قدرن توڙي آرٽ سان عشق ڪرڻ وارو درس موجود آهي، بشير سيتائي هن گڏيل شاعري جي مجموعي جو سرموڙ شاعر آهي.
[b]2.پيرل پرديسي سيتائي[/b]
پيرل پرديسي جي شاعري مُوضوعاتي سطح تي گهڻ_رُخي شاعري آهي، هن وٽ به جدت ۽ روايت جو خوبصورت امتزاج آهي، هن وٽ مختصر سٽن وارن مختصر غزلن ۾ نه صرف رڌمڪ سحر آهي، پر فڪري سطحن تي به هُن وٽ زمانه گيري جي مشاهداتي قوت به داد ڏيڻ جي لائق رهي آهي، جيتوڻيڪ هاڻي هُو هِن بي بقا دنيا کي الوداع چَئي چڪو آهي، پر سندس شاعريءَ جي آرٽ جي سگھه کيس هميشه زنده جاويد رکندي ايندي، هن جي مختصر پر پُرمقصد غَزلن ۾ حياتي جي ڳوڙهي مشاهدي توڙي محبوب دلربائن سان عشق ڪرڻ واريون روايتون آفاقي قدر آڇين ٿيون، پيرل پرديسي سيتائي هڪ چڱو معروف نانءُ به رهيو ۽ سندس ڪتاب ’’دل آئينو پٿر دنيا‘‘ پنهنجي نالي مان ئي واضح ڪري ٿو ته سندس شاعريءَ جا ٻه فڪري زاويا رهيا، هڪ دل جي ڪائنات ۽ ٻي پٿر جهڙي هيءَ ڪائنات، ائين فڪري سطح تي هُن پنهنجي آرٽ ۾ نه صرف موضوعيت subjectivity ڏني، پر معروضيت bjectivity وارن پاسن کي به خالي نه ڇڏيو، هُن پنهنجي دؤر جا ڪيترا ئي يادگار غزل لکيا، جئينءَ سندس هي غزل آهي، جنهن ۾ انهن سڀني خوبين سان گڏوگڏ رديف جي سرجڻ توڙي کڻت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي،
هر ڪو پنهنجي پر ترڪيو آ،
ڪرڻي ڀرڻي ڀر ترڪيو آ.
اندر جو آ اندر انڌ ۾،
ٻـاهر سـو ٻاهـــر تـرڪيـو آ. ( پيرل پرديسي سيتائي )
پيرل پرديسي سيتائي نه صرف ننڍي وزن تي غزل لکيا، پر هُن وڏي وزن تي پڻ ڪمال سان لکيو، پر وڏي يا ڊگهي وزن توڙي سٽن ۾ هُن جو رڌم ڪٿي متاثر نه ٿيو، هُن جي ڊگهن غزلن ۾ عشق ڄڻ ته خصوصي سبجيڪٽ بڻيل آهي، جڏهن ته اهڙن غزلن ۾ هن نه صرف زمانه_سازيءَ جي قدرن جي حسين عڪس بندي ڪئي آهي، پر روايتي سماج ۾ اخلاقي ۽ ناصحانه قدرن جو پڻ فڪري ابلاغ ڪيو آهي:
هـر حال جو شامل حـال اٿم، سو عشـق به آ، اسـتاد به آ،
جنهن خوب ۾ خوب خيال ڏنم، سو عشق به آ، استاد به آ. (پيرل پرديسي سيتائي)
پيرل پرديسي جي ڊگهن غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي سُگهڙائپ جو فن به آهي ته ٻوليءَ تي حاصل ڪيل قدرتي سگهه به آهي، هُــو ڪڙين حقيقتن کي مانائتي ۽ مٺن پيارن لفظن ۾ اظهارڻ جو فن ڄاڻيندڙ تخليقڪار هو، جئينءَ سندس هيءُ غزل آهي جنهن ۾ زمانه گيريءَ کان زمانه سازيءَ جي عهدَ تائين ڪَــڙين حقيقتن جي نفيس انداز ۾ عڪس بندي ڪئي وئي آهي، ساڳي وقت سماجي قدرن جي رونمائي کان وٺي سُگهڙائپ جي فن جون نِدرتائون به هِن غزلَ جي سُونهن بڻجي اُڀري پون ٿيون:
مٺي ۾ آهي مٺاڻ جيڏو، ڪڙي ۾ تيڏي ڪڙاڻ آهي،
مٺو برابر مٺا ڪري ٿو، ڪڙو ته ماڻهو ڪڙا ڪري ٿو. (پيرل پرديسي سيتائي)
پيرل پرديسي جا غزل ڄڻ ته پنهنجي عهد جي محبت جا دستور ناما ڀاسجن ٿا. پيرل پرديسيءَ پنهنجي سماج جي زميني حقيقتن کي نه صرف پنهنجي آرٽ ۾ اوتيو، پر تجنيس حرفيءَ کي به خوبصورتي سان پنهنجي آرٽ جو مَحورُ بڻايو، جنهن ڪري هن فونٽيڪ رڌم ۾ ڪسر نه ڇڏڻ جا سعايا ڪيا ۽ وڏن رديفن سان خوب نڀايو:
ٿيـڻا ڪـٿي ته ٿـي به ويا، ڪـي ڪم نه ٿـي نه ٿـيا،
خوشيون به ٿي نه ٿيون، ڪٿي ڪي غم نه ٿي نه ٿيا. (پيرل پرديسي سيتائي)
پيرل پرديسيءَ جي شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ پڻ شامل رهيو، هُن موضوعاتي حدبندين تصوف توڙي ويدانت وسيلي عرفانيت تائين پهچڻ وارا سعيا پئي ڪيا.
باطن باطن ۾ آ بتيلو،
ظاهر سو ظاهر ترڪيو آ.
مسجد، مندر دل جي اندر،
مسجد ۽ مندر ترڪيو آ.
(پيرل پرديسي سيتائي)
پيرل پرديسي پنهنجي عهد جي روايتي اسلوب سان نڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجن غزلن ۾ تصوف کان سواءِ لوڪ ادب جي ڏاهپ folk wisdom کي به فڪر جو بنيادي مرڪز سمجهيو، پيرل پرديسي سيتائي نه صرف غزلن ۾ به زماني جي ڪڙين حقيقتن کي پڌرو ڪيو پر نظم جي شاعري ۾ به هو ’’ڀــيرَ تي ڏونڪو‘‘ هڻي پنهنجي ڳالهه بردباريءَ سان اظهاري ويو، اُها بيباڪي ڄڻ ته سندس دين هئي، جئينءَ سندس نظم جو بند آهي ته:
اسان جي سُکن کي ڏنل ليڪ آهي،
دماغي توازن تڏهن ٺيڪ ناهي،
جي ڇيڙيو ته ڇيڙيو اسان کي به ڇاهي،
چريا آهيون پنهنجي چرين سان پئي آ. (پيرل پرديسي سيتائي)
پيرل پرديسي سيتائي جي وائين ۾ روايت ۽ جدت جو سنگم ڏسڻ وٽان آهي، جدت جي باوجود هن وائين کي اصلوڪي صورت ۾ بحال رکڻ جي ڪوشش ڪئي، هِن وائي ۾ درد دانهن، پڪار به آهي ته وري جدت جي حوالي سان جاڳرتا جو سَڏ به آهي:
جاڳو ڙي جاڳو،
ننڊ نه واجب نينهن ۾.
پرديسي اُٿ پيار جو،
ســور اُٿـي ڌاڳـو،
ننڊ نه واجب نينهن ۾.
(پيرل پرديسي سيتائي)
[b]3. قادر بخش قلندر [/b]
استاد قادر بخش قلندر جي شاعري صوفيانه به آهي ته سگهڙانه پڻ آهي، هن جو اسلوب نهايت ئي خوبصورت آهي، هڪ سگهڙ شاعر جي حيثيت ۾ هُن وٽ تُز قافين جي خوبصورتي دلفريب آهي، هُن مختلف شخصيتن کي پنهنجي شاعراڻي مهارت سان ڪي نه وسرندڙ ٽربيوٽس ڏنا آهن، هن جي متصوفانه ڪلام ۾ ڪي رندي رمزون به ڏسڻ وٽان آهن، هن پنهنجي تصوف واري شاعريِءَ ۾ وَلين، بزرگن ۽ درويشن جي خدمت ۾ پنهنجا عقيدت جا گُل نذراني طور پيش ڪيا آهن، جيڪي گل روحاني سطحن تي وجداني ڪيفيتون بخشين ٿا:
رحماني تي رنگ رتو آ،
محبت جو ڪو ميل متو آ.
پيار وارن کي پيو پتو آ،
پهتو هرڪو جتو ستو آ.
سڄڻ ساٿين ڏنو وتو آ،
رحماني تي رنگ رتو آ.
استاد قادر بخش قلندر حضرت قلندر شهبازرح جن کي جيڪي عقيدت جا گل پيش ڪيا آهن، تن ۾ تصوف جي اعتبار کان فنا ۽ بقا جي فلسفي جي سگهاري تشريح موجود آهي،
عشق اُتم عرفان قلندر، عشق سندو عنوان قلندر،
ظاهر ۾ ذيشان قلندر، باطن ۾ برهان قلندر،
گرو نانڪ گيان قلندر، ابراهيمي ايمان قلندر،
ظاهر حق زبان قلندر، قاري صاف قرآن قلندر، (قادر بخش قلندر)
قادر بخش قلندر جو ڪلام نه صرف تشبيهن ۽ استعارن جي رنگا رنگي رکي ٿو، پر فصاحت کانسواءِ سندس ڪلام ۾ ٻوليءَ جي هڪ جهڙن _هم معنيٰ ۽ هم آواز لفظن جي ترتيب به ڪمال جي آهي،جنهن مان ٻيا صوفي شاعر ۽ سگهڙ شاعر رهنمائي وٺي سگهن ٿا، فڪري سطح تي هُن صوفي شاعرن کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي علمي ادبي شخصيتن کي خوبصورت ٽربيوٽس پيش ڪيا آهن، جئينءَ هن ڪلام ۾ هو تجنيس حرفيءَ جي استعمال سان گڏوگڏ هڪ رڌمڪ سحر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي نهايت قابلِ داد ٽربيوٽ پيش ڪري سندس ادبي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو:
سڄي صديءَ جو ڏاهو ماڻهو،
سڄي صديءَ جو سياڻو ماڻهو،
ساھ سُرت سيباڻو ماڻهو،
جنهن جو جوڙ ۽ جي نه جڳ ۾،
ڄاڻ ۾ وڏو ڄاڻون ماڻهو. (قادر بخش قلندر)
قادر بخش قلندر سُگهڙ فن، سُگهڙ تاريخ ۽ سُگهڙن جي ڪردار تي پڻ ڪلام چيو آهي، جنهن ڪلام ۾ ’’سُگهڙ ـــ فڪر‘‘ جي آشنائي حاصل ٿئي ٿي ته سنڌ جي سگهڙن ڪئينءَ نه ماضي ۾ لوڪ ادب کي پئي جنميو آهي:
سنڌ سگهڙ ساٿ جي سرواڻي سلامت،
راز ربي رحم، اُها اڳواڻي عنايت،
الفاظن ۾ آڻن اهڙي فڪري وضاحت،
ڏٺ ڳجهارت ڏور ۾ بهترين بلاغت. (قادر بخش قلندر)
مجموعي طرح قادر بخش قلندر جو ڪلام لفظياتي هنر منديءَ جو عمدو مثال آهي، هن وٽ لفظن/آهنگ توڙي معنائن جو بي بها خزانو آهي، ڪا به سگهڙانه شاعري وزن بحر جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي بجاءِ صوتياتي آهنگ ۾ ڪمال گيري ڏيکاريندي آهي، هن جي لفظن،جملن ۽ سٽن جو ميلاپ وارو فن توڙي آهنگ انتهائي خوبصورت آهي، جنهن مان وجد، مستي ۽ سرمستي پيدا ٿئي ٿي، هُــو هڪ صوفي شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجي فني ۽ فڪري ڪارج ۾ پنهنجو رُوحاني پيغام ڪنورٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
سُگهڙ سڏائي ڪوڙ ڪمائي ڪُڌي ڪراهت،
ڪِرڀ ڀريو ڪرتُوتُ نه ڪن، نه ڪي ڦِڪي ڦڪاوت.
(قادر بخش قلندر)
[b]4. مجبور ميمڻ سيتائي[/b]
مجبور ميمڻ سيتائي پيرل پرديسي سيتائيءَ ۽ بشير سيتائيءَ جن جو ادبي شاگرد آهي، مجبور ميمڻ سيتائيءَ جي شاعريءَ جا ڪيترا ئي فڪري، سماجي، تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي زاويا آهن، پر سندس شاعريءَ ۾ موجود قومي رنگ وارو اُتساھ هر جاءِ تي پڌري_پٽ آهي. سندس شاعري هڪ طرف جديد عهد جي منفي ۽ مصنوعي قدرن تي تنقيد جو روپ ڌاري ٿي ته ٻئي طرف اصلوڪي سماجي قدرن جي ڦهلاءُ ۽ بحاليءَ ڏانهن تاڪيد ڪري ٿي، هُو هِن دؤر جي سرمايادارانه فلاسافيءَ جي ڪُک مان ڦُٽندڙ حَوس، حَرص ۽ اخلاقي پَستين تي نهايت ئي خوبصورت پيرائي ۾ تنقيدي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو:
هر ڪو امير ٿيڻ جي آهي هتي چڪر ۾،
ڪوئي نه ٿو گهٽائي انسان پنهنجي پر ۾،
ماڻهو سدائين آهي ماڻهو جي هت نظر ۾،
نڪري وڃي نه ڪوئي مون کان هتي سفر ۾،
هي دؤر آهي سمجهو دوکي رڳي دغا جو،
هي شهر ٿو لڳي ڄڻ منظر آ ڪربلا جو. (مجبور ميمڻ سيتائي)
مجبور ميمڻ سيتائيءَ جي شاعريءَ جا سمورا روحَ سنڌي سماج جي روح اندر پيوست آهن، تخليقڪارانه سطح تي هوُ اندران ئي اندران نهايت ئي حساسيت رکي ٿو، هُــو غزل ۾ سماجي توڙي عمرانياتي سطحن تي پيار محبت سڪ وفا دوستي خلوص ۽ اخلاص جي خالص پڻي تي زور ڏئي ٿو، ثقافتي قدرن جي نئين سر واپسيءَ جو تمنائي آهي، هُن جي تخليق جا پئمانا اڪثر ترقي پسند قدرن کي جلا بخشڻ جا داعي آهن، هُـو اصلوڪي قدرن جي واپسي واري خواب جي ساڀيا جو آرزو مند آهي، اچو ته ان ڏس ۾ سندس هڪ غزل پڙهون:
عقل ڪر ائين چئبو ناهي دوستيءَ کي ڇا ڪبو،
ڪهڙي ڪم جي آهي آخر،دشمنيءَ کي ڇا ڪبو.
دل آزاريءَ ساڻ ڪنهنجي، جا خوشي حاصل ٿئي،
درد بهتر آ اُن کان،تنهن خوشيءَ کي ڇا ڪبو.
انس جنهن ۾ ناهي سو انسان ڪو چئبو به ڇا،
انس ڌر انسان ٿي ۽ چئه بنديءَ کي ڇا ڪبو. (مجبور ميمڻ سيتائي)
مجبور ميمڻ سيتائي روايتي تسلسل ۾ مختصر غزلن کي پُـر مقصد بنائڻ جو فن ڄاڻي ٿو، سندس ڪِن غزلن ۾ تـُـز قافيه جو استعمال نهايت متاثر ڪندڙ آهي، هُن وٽ ٻوليءَ جي نوعيت عام واهپي واري آهي، هن جو انداز بيان پنهنجي سادگيءَ جي حسناڪيءَ سان پڙهندڙن تائين جلد ڪميونيڪيٽ ٿيڻ جهڙي فني صلاحيت رکي ٿو، مجبور ميمڻ سيتائي جي غزلن جا ڪي رديف نوان،اوپرا ۽ نرالا آهن:
منهنجي محبت جو رکيو تـو نه ڀـرم، سمجهان ٿو،
مون تي ڇو ٿو تون ڪرين ايڏو ستم، سمجهان ٿو. (مجبور ميمڻ سيتائي)
توڙي جو مجبور ميمڻ سيتائيءَ جا غزل روايتي تاڃي پيٽي کان ٻاهر ڪمال نه ڏيکاري سگهيا آهن، پر روايت به اسان جو ثقافتي ۽ ادبي ورثو آهي، جنهن کي سنڀالڻ جي گهرج آهي، پر مڪمل طرح روايت تي ڀاڙي نه ٿو سگهجي، مجبور ميمڻ سيتائي خيالن جو ڪئنواس جديد عهد مان اخذ ڪيو آهي، پر کيس پيش ڪرڻ واري ٻولياتي توڙي اسلوبي انداز ۾ اڃا وڌيڪ جدت پيدا ڪرڻي پوندي، اُن باوجود به سندس روايتي غزل ۾ خيال کي مختصر طرح ئي سمائڻ وارو فن نهايت خوبصورت آهي، جئينءَ هن غزل ۾ سندس اهڙي هنر مندي لاجواب آهي:
مون کان منهنجو حال نه پُڇ،
ساڳيو هر هر سوال نه پُڇ.
اڄ به اڳي کان اڳرو آ،
هـن جي جوت جمال نه پُــڇ. ( مجبور ميمڻ سيتائي)
مجبور ميمڻ جي اها فني ۽ فڪري خاصيت آهي ته هُو وڏن رديفن ۾ به ٿاٽ کي مُڪملتا ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو:
مون ڳالھه ڪئي تنهنجي، طوفان کـڙو ٿي پــيو،
ڪنهن هڪ نه ٻُڌي منهنجي، طوفان کڙو ٿي پيو. ( مجبور ميمڻ)
مجبور ميمڻ وٽ روايتي فڪر ۾ چوڻين Proverbsکي سَميٽڻ وارو ڏانءُ به پنهنجي خوبصورتيءَ جي علامت آهي:
ڪاٺي سڌي تي بيشڪ هوندو آ بار يارو،
آهيان سڌو،تڏهن ٿو هيڏو وزن کڻان مان. (مجبور ميمڻ)
مجبور ميمڻ سيتائي پيرل پرديسي کي خوبصورت ٽربيوٽ پيش ڪيو آهي، پر ادبي سطح تي هُو استاد بخاريءَ کان به گهٽ متاثر نه ٿو لڳي:
ڪري ياد اُستاد يارن رُنو،
رڳو مان نه هڪ پر هزارن رُنو،
ٻُڍا جهور ڇا، طُفل ٻارن رُنو،
ڀريا سُڏڪا سنڌوءَ ڪنارن رُنو،
پنهنجو يار وارو وڄائي ويو آ،
ڏکوين کي ويتر ڏکائي ويو آ..
(مجبور ميمڻ سيتائي)
[b]5. محمد بچل بيوس[/b]
محمد بچل بيوس جي شاعري پنهنجي فطري جوهر ۾ روايتي نڀاءَ واري شاعري آهي، سندس شاعري فڪري سطحن تي حسن و جمال جي رنگينين جي مؤجد آهي، هوُ ٻِـــن ٻِـــن، ٽِـــن ٽِــن لفظن جا خوبصورت رديف تخليق ڪري پڙهندڙن تائين نئون رَسُ چَسُ پهچائڻ واري فني قابليت ڄاڻي ٿو:
حُسن يوسف کي ڏسي ويٺيون سڀئي هٿڙا ڪٽي،
هــي به هڪ حُسن جو آ لـُطف بحـر ڪو ته ڏسي. (بچل بيوس)
محمد بچل بيوس جي ٿاٽ ۾ دُعائن جون پناهون آهن، مثبت سوچPositvism جون لهرون آهن ۽ حياتيءَ جي روشن پهلوءَ Optmisticسوچ وارن روين جي پڌرائي آهي:
دُکي دُکي نه ٻري باھ ڪا پوي همدم،
سڙي ٻري نه وڃن گهر به پاڙي وارن جا. (محمد بچل بيوس)
محمد بيوس بچل جي غزلن ۾ وحدت الوجود unity of existence نظر اچي ٿو:
ڳائي جنهن کي هي زمانو ۽ پڙهن صديون اُهو،
قصئه مـنصـور ٿي يا طُــور جو افـسانـو ٿــي. (بيوس بچل)
هڪ قابل شاعر جي حيثيت ۾ محمد بچل بيوس پنهنجي شاعري ۾ حياتيءَ جي گوناگون ۽ پيچيده حالتن کي تواريخي تناظر ۾ آڻي ٿو، اُنهيءَ تواريخي تناظر ۾ هوُ نه صرف خوبصورت محاڪات ۽ تلميحات کي پڻ سرجڻهاري هيٺ آڻي ٿو، پر پنهنجي مشاهداتي توڙي تجرباتي سطح تي حياتيءَ جي منجهيل سُٽ کي پڻ سُلجهائيندو نظر اچي ٿو، جئينءَ هِن ساڳي ئي غزل ۾ هُن جتي منصور جهڙي صوفي ۽ طُــور سينا واري يادگار تاريخيت کي محاڪات ۽ تلميحات جي خوبصورت روپ ۾ تحليل ڪيو آهي. تهڙيءَ طرح پنهنجي عهد جي زماني جي فرعون خلاف پڻ للڪار جو سڏ ڏنو آهي:
وقت جو ٿيءُ موسيٰ وقت جو فــرعون ڏس،
وقت جي فرعون لاءِ ڪو موت جو پروانو ٿي. (بچل بيوس)
هوُ محاڪات جي زاويي هيٺ پنهنجي عهد جي باريڪ بينين تي عقاب جهڙي نگاھ رکندڙ تخليقڪار آهي، حضرت يوسفعه ۽ زليخا جي تواريخي ڪئنواس کي ڏسو ڪيتري نه خوبصورتيءَ سان محاڪاتي ۽ تلميحاتي فن ۾ اُڻي ٿو:
يوسف ۽ زليخا جيئن ڪي ٻيا به سوين جڳ ۾،
صـورت جا ۽ سيـرت جا سلطان نظر آيا. (محمد بچل بيوس)
محمد بچل بيوس جو شاعراڻو انداز سڌو سنئون ۽ چِــٽو آهي، هُن وٽ تجريدت ڪانهي، پر پيغام ۾ سندس شاعري جو Transparent شفاف هئڻ به هڪ خوبي ئي آهي:
خبر نه ٿي ڪا پوي دلربا اڃا تائين،
اٿئي ڪا دل ۾ الائي ته ڇا اڃا تائين. (محمد بچل بيوس)
محمد بچل بيوس جي شاعري پنهنجن ئي اصولن جي فڪر پاسداري آهي:
زنـــدگي جيئن به هيءَ گذري سا گذاري ويندس،
ڪنهن جي اڳيان نه ڪا ڪمزوري ڏيکاري ويندس. (بچل بيوس)
محمد بچل بيوس جي گهڻي تڻي شاعري مجازي پينٽنگ ڪري ٿي:
تنهنجي هر وقت سڄڻ ياد ته ماري وجهندي،
هيءَ جُدائي ته جگر جيرا به ڳاري وجهندي. (بچل بيوس)
محمد بچل بيوس ’’تفسير_وفا‘‘ جهڙا مرڪب لفظ جوڙي پڙهندڙن کي مُــوهي وجهي ٿو:
راھ الــفـت ۾ ڪا تـفسيـر ـــ وفا ٿي به پئي،
اهل الفت جي اڳيان منهنجي گلا ٿي پوندي. (بچل بيوس)
محمد بچل بيوس جي غزلن ۾ جدت ۽ جديديت جي توڙي جو ڪَمي آهي، پر هوُ ٻوليءَ جي سادگيءَ جي حُسن جي سرفرازيءَ سان رومانس وارين ڳالهين کي پيش ڪرڻ وارو ڪرافٽ ڄاڻي ٿو، هُن وٽ خوبصورت رديفن جي رچاءَ سان حياتيءَ جي سماجي قدرن جو سهڻو ابلاغ آهي:
ڪنهن جي دل کي ڪو متان صدمو رسي،
ڳــالـهه اهـڙي بـي سُـري ڇـو ٿـا ڪـيـو. (محمد بچل بيوس)
محمد بچل بيوس جا چؤسٽا سندس غزلن کان وڌيڪ سگهارا ۽ خوبصورت آهن، جن ۾ هُن سماجي سطح تي وڌندڙ بک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي ۽ طبقاتي جبر جي خوبصورت عڪس بندي ڪئي آهي، چؤسٽن ۾ هُن سماجي حياتيءَ جي عڪس بنديءَ سان گڏ سماجي ناڪارين خلاف به اجتمائي دردن واري دانهن ڪئي آهي:
ڪٿي انگ اُگهاڙا بکارا ٿا ڏسجن،
ڪِٿي ماڻهو ڀي گهر پيارا ٿا ڏسجن،
وڏو مسئلو آ اٽي ۽ لٽي جو،
هي بيوس هزارين ويچارا ٿا ڏسجن. ( محمد بچل بيوس)
[b]6. سقراط سيتائي[/b]
سقراط سيتائي جديد عهد جي عصري تقاضائن جو پورائو ڪندڙ هڪ جديد شاعر آهي، هن جي غزلن ۾ جتي موضوعاتي سطحن جون بي نقابيون آهن، اُتي معروضي سطح جي پرتوئن جون رازداريون به آهن، ائين هُن سبجيڪٽوٽي ۽ آبجيڪٽوٽي جي فني سنگم توڙي فڪري آهنگن جا ڪي خوبصورت امتزاج جوڙي ورتا آهن، هُن جي ڳوڙهي اڀياس مان اخذ ڪيل ڪي فني ۽ فڪري امتزاج جون آئينه داريون ڪجھه هن طرح آهن، جو سندس ڪي بند موضوعي توڙي معروضي ٻنهي سَطحن جي هڪ ئي وقت ڊبل عڪس بندي ڪن ٿا، جئين هي بند آهي:
در کي محفوظ ڪيئن سمجهان مان،
جـــي اُڏوهـــي لـڳـل آ ســر در ۾. (سقراط سيتائي)
سقراط سيتائي جي گهڻي ــ تڻي شاعري پنهنجي ئي حياتي جي موضوعي ۽ معروضي احساسن ۽ عمل جي وارتائن/ڪارگذارين جي ڄڻ ته مشاهداتي آتم ڪٿا آهي ۽ اُنهيءَ آتم ڪٿائي تخليقي ۽ شاعراڻي ڪرت ۾ هوُ سماجي سطحن تي شان ۽ عظمت ڀريا جيــئَــڻَ جا قدر آڇي ٿو:
تنهن کي گهر جو پتو ٻُڌايان ڪيئن،
جـنـهـن ٿـي احـوال ورتــا بــازر ۾. (سقراط سيتائي)
هُو موضوعي رازدارين جون بي نقابيون خوبصورت نفاست سان چِٽڻ جو فن ڄاڻي ٿو:
پــيـار تـنهنجـو حجاب ۾ ويـڙهيل،
تنهنجي ’هائو‘ لڪل هئي نهڪر ۾. (سقراط سيتائي)
سقراط وٽ غزل جي فني زمين نئين نڪور ۽ جدت سان همڪنار نظر اچي ٿي، هن جي اسلوب ۾ پنهنجي ئي الڳ انفراديت آهي، هوُ وسيع گهراين کي مختصر وزن وارين سِٽن ۾ اِئينءَ سميٽي وٺي ٿو ڄڻ ته هُــو ’’درياھ کي ڪوزي ۾ بند‘‘ ڪندو هجي، هُن فني سطح تي ٿيندڙ روزانه تجربن جي به آجيان ڪئي آهي، هُن جا تخيل علامتن ۾ سرجن ٿا، هُن وٽ ادبي مزاجن جي منفرد ٽيسٽ آهي، تجرباتي سطح تي هُــن بنا رديف جي غزل پڻ چيا آهن، هُن جي فن جي اوک _ ڊوک ڪجي ته هن وٽ آرٽسٽڪِ تصورن جي آئيڊيالاجي جوڙڻ جي منفرد هنرمندي آهي، سقراط سيتائي جي شاعريءَ جي لاشعوري اتهاس ۾ رُوسو جي فلسفي جيان فطرت ڏانهن واپسيءَ جا سڏ ۽ پڙاڏا آهن، جن جي گونج ڄڻ ته جذبي جي اُڇل کي جنمي ٿي:
اسان کان ڳوٺ جون ڳالهيون ٿا شهر وارا پُڇن،
آهـي ڪـو ڳـوٺ ۾، هيـڏي جواب اُمـاڻي جـو. ( سقراط سيتائي)
سقراط سيتائيءَ جي شاعريءَ ۾ جتي ڳوٺاڻي تهذيب ۽ ڳوٺاڻي نفسيات سان بي ڪَران ۽ بي پناھ عشق آهي، اُتي جديد شهري تهذيب مان بيزارگيءَ جو عالم پڻ ڪَر کڻي ٿو:
شهـر جي شـان کي لـيـکيـو ئي نه ٿي مون ليڪن،
ڳوٺ پنهنجــو نه ڪيو هڪ وار هـڪـالي مون کي. (سقراط )
سقراط وٽ ڳوٺ لاءِ به ڪي پيار ڀريون دانهون آهن، شڪايتن جا پڌرناما آهن، پر سندس فطرت پسندي وليم ورڊس وٿ جيان روح جي اوسِ رشتن کي ڳنڍي ٿي، هُن جي آرٽ جا فِڪري پاسا ڳوٺ ۽ شهري تهذيب جي تضادن کي ڳوليندي ٻنهي تهذيبن جي نفسياتي رُجحانن کي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيهارين ٿا، هوُ نه صرف فطرت پسنديءَ واري آرٽ کي تسڪين جو باعث سمجهندڙ سرجڻهار لڳي ٿو، پر هوُ ڳوٺن جي دردن مان اُجالا ڳوليندڙ به سهڻو تخليقڪار آهي:
صبح سان سونهن جڳائي يا وڄي ساز ڪو،
ائين فطرت جي کڻي هنج ۾ پـالي مون کي. (سقراط سيتائي)
سقراط تجرباتي سطح تي بنا مطلع جي غزل پڻ لکيا آهن، جن غزلن جي تخيل ۾ خوبصورت فن به آهي ته وري نيون نويليون/ڪنواريون ٻوليءَ جون ترڪيبون به آهن. سڪر جا سپنا به هڪ خوبصورت ترڪيب آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي دردن ۽ اميدن جي آئينه دار ترڪيب آهي:
توهان ته تن کان صليبون کڻائيندا آهيو،
سُڪر جا سپنا اُڻي جو ۽ ساڀيان آڻي جو.
سقراط حياتي جي سادگين ۽ سچاين کي بنا رک_رکاءَ جي جئين جو تئين پيش ڪرڻ جي ندرت ۽ قدرت جو ساکي شاعر آهي، هوُ پنهنجي نالي کي به رديف جي رچاءَ سان واڻي ٿو:
حالـتـن سان نه ٿـو ٺهيـن سُقراط!
تون به مشڪل هتي رهين سُقراط! (سقراط سيتائي)
سقراط پنهنجن نظمن ۾ نئين گهاڙيٽي جو مُتلاشي شاعر آهي، هُن وٽ جهڙيءَ طرح ادبي لفظن جي خصوصي چونڊ آهي، تهڙيءَ طرح سندس نظم محبت جي آئين پڌارڻ وارا نظم آهن، جئين هيءَ سندس نظم ’’محبـت ڌوٻڪو ڌنڌو ‘‘ نئين تمثيل، نج ادبي لفظن توڙي جديد پڙهندڙن جي مزاجن ترتيب ڏيڻ وارو نظم آهي، ۽ گهاڙيٽو به منفرد آهي:
محــبـــت ڌوٻــڪو ڌنـڌو،
ڪري ٿي نينهن وارن سـان،
پُـسائي، کُـنـڀ تي چـاڙهي،
ڏئي ٿي آڳ انــدران کان،
مٿان کان ميري چادر ڏئي،
نهائين ــ نينهن جو ناتو، نڀائي ٿي... (سقراط سيتائي)
سقراط جا ڪي نظم رومانوي ڪهاڻين نما نظم آهن، جن ۾ پنچوئيشن جي مدد سان اشاراتي ۽ علامتي هم ڪلاميءَ جي ڊائيورسٽي موجود آهي:
’’ڪيئن آهيو‘‘ ۽ ’’ڪاٿي آهيو؟‘‘
هيڏو عرصو ڪيئن گذاريوَ ؟
ڪيڏا سطحي سوال پڇياسين_ (سقراط سيتائي)
سقراط وٽ جديديت جون اڃا ڪيتريون ئي فلاسافيون ناپيد آهن، هُن کي يورپ جي جديد فلاسافين سان گڏوگڏ تجريدت کي اڻَ لَــکِي سطح تي نه پر وسيع پئمانن تي آڻڻ گهرجي، هُن جي شاعريءَ ۾ تجسيم توڙي پوسٽ ماڊرن خيالن جي اڻهوند نظر اچي ٿي، کيس جديد شاعر جي حيثيت ۾ نين صنفن ڏانهن به اچڻ گهرجي.
[b]7. مسرور سيتائي[/b]
مسرور سيتائيءَ جي شاعري پڙهندي اُهو احساسُ جاڳي ٿو ته مسرور سيتائي خوبصورت رُومانوي ۽ جمالياتي تصورن جي تعمير وارو شاعر هو. هُن وٽ شاعري ڪرڻ جو منفرد ڏانءُ هو، هُن جي لهجي ۾ صداقت ساھ کڻندي نظر اچي ٿي، ائين چَئجي ته هُــو حياتيءَ جي انفرادي توڙي اجتماعي اضطرابن توڙي ڪربن جي سچائين جي اصلوڪي عڪس بندي ڪرڻ وارو شاعر هو، توڙي جو جِدت ۽ جديديت جي حصار ۾ سندس آرٽ پنهنجي وجود جو مڪمل عڪس پسائي نه سگهي، پر روايت جي خوبصورتين کي يڪجا ڪري هُن ڪي يادگار غزل سرجيا، جن ۾ ڊگهي رديف سان متوازن نڀاءُ کان وٺي هن جي رواني ڏسڻ وٽان هئي،هُن وٽ اظهار توري پيشڪش ۾ ڪا به دقت پسندي ليئو نه ٿي پائي:
ڀُڳڙن مُٺ هن جذبا منهنجا،
ڪي ٿا ڀورن، ڪي ٿا هارن. (مسرور سيتائي)
مسرور سيتائيءَ جي آرٽ مان ڪيترائي رومانوي ’درد جا پکي‘ اُڏامن ٿا ۽ وري لهن ٿا، اظهار ۾ هُن وٽ سادگيءَ جو حسن هو، پر اندازِ بيان ۾ هُــو سَهل پسند به ڪو نه هو:
منهنجي دل سڙي سانورا سحـر تائيـن،
نه پـيـڇو ڇـڏيو غـم يـڪو قبـر تائيـن. (مسرور سيتائي)
تصورن جي تعمير ۾ هُن وٽ گوناگون رنگيني جلوه افروز هئي. مسرور سيتائيءَ وٽ سگهڙائپ توڙي روايتي سڀاءَ جي باوجود پوئٽڪ آئيڊيالاجي حيرت انگيز هئي، هُن وٽ لفظياتي چونڊ جي حُسنڪاريءَ کان وٺي تصوراتي جماليات تائين قابلِ قدر ادبي مزاجن جون رنگينيون پاڻُ پَسائيندڙ رهيون. هُن جي هر غزل ۾ نوان،اوپرا ۽ منفرد رديف پڙهندڙن کي نئون رَس چَسُ پهچائن ٿا، هُن وٽ جماليات جي تجديد مسحور ڪُن هئي، ناسٽلجيا جي عڪس بندين کان وٺي فطرتي هڳائن تائين هُن جي شاعري اڄ به روح ۾ تازگيءَ جي لرزش پيدا ڪندڙ آهي، جئينءَ سندس هيءُ غزل انهن سڀني ڳالهين جو گواھُ آهي:
ناهين هتڙي ميل به ڪهڙا،
توبن ساجن کيل به ڪهڙا.
تارن ۾ ناهي ڪا جهرمر،
رات اُٻاڻي ويل به ڪهڙا.
فرحت تنهنجي ڀڳل بدن جي،
مُـشـڪ عـنبر ۽ تيل به ڪهڙا. (مسرور سيتائي)
مسرور سيتائيءَ جي غزلن ۾ فني سطح تي تغزل جو مٺاس ۽ سواد سندس غزلن کي معتبري آڇڻ لاءِ ڪافي رهيو، هُن جي غزلن ۾ جيڪا مرڪزي ڪيفيت پَروان چڙهي ٿي، سا ساڳي مجموعي ڪيفيت هر بند کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي بيهي رهي ٿي، جنهن جي ڪري هُو غزل کي تغزل ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو، اُنهيءَ کان سواءِ سندس غزلَ ۾ ٻوليءَ جي رنگيني توڙي لهجن جي نفاست پڻ تغزل جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو ڪندڙ خاصيتون رهيون:
دل جــا خـالـي ايـوان ته ڏس،
پنهنجن جا هي احسان ته ڏس. (مسرور سيتائي)
مسرور سيتائيءَ وٽ هر معمولي احساس کي غير معمولي احساس ۾ ڪنورٽ ڪرڻ جو فن هو. هُن وٽ هيءَ آرٽ هيو ته غزل جي صنف کي پنهنجي زمين ڪيئنءَ ڏجي؟ ۽ مسرور پنهنجي خيالن جي تشبيهن ۾ نه رڳو حياتيءَ جي مشاهداتي ڪارگذارين مان ناصحانه قدر کڻي، پوءِ اُنهن جو ابلاغ ڪندو هو، پر هُن وٽ تشبيهن جي چونڊ به پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي:
خـيـالن ۾ ٺـاهي ٿو واريءَ جو گهر،
ڊهي ٿو پوي جئين هـاريءَ جو گهر. (مسرور سيتائي)
مسرور سيتائي جي چؤسٽن ۾ ماضيءَ جي ناسٽلجا آهي، جيڪا سندس حياتيءَ جي عهد تائين ڦهلاءَ جي صورت ۾ نمايان نظر اچي ٿي.
[b]8. سليم سيتائي[/b]
سليم سيتائي روايت کان جدت ڏانهن ايندڙُ شاعر آهي، جدت ۾ هُن وٽ خيالن جي تجريديت ضرور جلوه افروز آهي، جئين هن بند ۾ ڳوڙها آٿت ڏين ٿا ۽ ڳوڙها اداس ٿين ٿا:
هُـن کي ڏيـن ٿا آٿت ڳوڙها ڳـڙي ڳـڙي،
ڳل کي چُمي ٿو ڳـوڙهو، ڳوڙهو اداس آ. (سليم سيتائي)
پر سليم سيتائي وٽ ڪي وجداني ڇهاءُ آهن، جنهن کي ماوراءِ حسي ادراڪ extra ordinary perception چئي سگهجي ٿو، جيئنءَ هيءُ بند آهي:
عشق جي پنهنجي آهي هڪ دنيا،
حـسـن اُن جو خـدا کڻي سمجهو. (سليم سيتائي)
سليم سيتائيءَ جي هيءَ شاعري نه صرف حُسن ۽ عشقَ جي شاعري آهي پر ائينءَ به چَئي سگهجي ٿو ته فڪري سطح تي هُن جو آرٽ تصوف ۽ مزاج جي وچ واري پيرائي جو هڪ تخليقي سفر آهي، هُن وٽ اظهار جي صاف گوئي به آهي ته وري رواني ۽ رَڌم جو سُٻنڌ به آهي، هن نيون ۽ غير امڪاني ٻوليءَ جي لهجن واريون ترڪيبون ايجاد ڪيون آهن،جئين هي ترڪيب ’’روح_دل‘‘ آهي:
ياد ڪنهنجون اُلـفـتون آيون،
روح، دل کي به راحتون آيون. (سليم سيتائي)
تجريدي آرٽ ۾ هُن وٽ تصورن جو هڪ اهڙو خوبصورت جَهان براجمان ٿئي ٿو، جيڪو پڙهندڙن تي جمالياتي سحر طاري ڪري وٺي ٿو، هُن وٽ مختصر وزن/سِٽن ۾ مُشاهداتي سطح جي وڏي ڳالهه ڪرڻ واري ٽيڪنڪ ’’ڏات جي ڇانوَ ۾‘‘ پلجي ٿي، هُـو غزل ۾ ٻوليءَ جي نرم لهجن جو داعي شاعر آهي، تخليقي سطح تي هُو هڪ باشعور شاعر جيان مشاهدي جي باريڪ بين تجربن کي جمالياتي ادارڪ ڏانهن وٺي اچڻ جو سعيو ڪندڙ شاعر آهي. هُــو ’’وارن جي ور جي ترڪڻ واري‘‘ باريڪ لهجن کان وٺي ’’منظرن جي ترڪڻ‘‘ تائين خوبصورت جمالياتي حس بخشيندڙ شاعر آهي، اُها سندس تجريدي وٿ آهي:
وارن جـو، جو ور ترڪيو آ،
سـو سو ڪاريهر ترڪيو آ.
تــر آ ڳـل تي پاڳل تـر تي،
نظـرن ۾ مـنظـر ترڪيو آ. (سليم سيتائي)
ٻوليءَ جي ترڪيبن کانسواءِ هن وٽ لفظي جوڙا ٺاهڻ واري قدرت اضافي ندرت آهي، ’’پل پل ۽ پهر پهر ۾‘‘ ۽ ’’ڳوٺ ڳوٺ“ ’’شهر شهر“ جھڙا لفظي جوڙا به خوبصورتي خلقڻ جا محرڪ آهن. هن جو آرٽ فڪر جي ڳوڙهي رازداري آهي جيڪا پڙهندڙن کي سُوچرائي ٿي.
سليم سيتائي پنهنجي آرٽ ۾ ڦرلٽ ڪندڙ استحصالي قوت نه پر پورهيت طبقي جي پاسي بيهندڙ شاعر آهي، مارڪسٽ ادبي نظريي موجب پورهيت جي پگهر ۾ به جماليات آهي، سليم سيتائي اهڙيون تشبيهون چُونڊي ٿو، جنهن ۾ پورهيت جي پَگهر جي عظمت نمايان ٿئي ٿي:
پاڪ تنهنجي پگهر منجهان پيارا،
پـاڪ ڪـوثر جو آب سمجهان ٿـو. (سليم سيتائي)
هُن وٽ محاڪات،تلميحن،استعارن ۽ تشبيهن جي کوٽ ڪانهي، هن بک، بدحالي، زمانه گيريءَ جي بابت به سُهڻيون تخليقون سرجيون آهن، هُن جي گيتن ۾ گيت واري ٻُولي، گيت جو مزاج ۽ گيت جو سواد ڪَــرُ کڻي بيهي ٿو، پر روايت جي ڪيترن ئي پاسن کان هاڻي هن کي الوداع چئي باقائدي ۽ مڪمل طرح جديديت ڏانهن اچڻ کپي.
[b]9. دلشاد بلوچ[/b]
دلشاد بلوچ هڪ ئي وقت مجازي،صُوفي ۽ سماجي حقيت نگاريءَ جو شاعر آهي، هوُ پنهنجن غزل ۾ ڪي محبت ناما آڇي ٿو، قربتن ۽ چاهتن جو فڪري ابلاغ جو هي داعي شاعر آهي، هو تجرباتي ڪئنواس مان حياتي جا سهڻا قدر هن طرح سيکاري ٿو:
نينهن لايو ٿا نڀايو ڇو نه ٿا،
ڪي قدم قربئون وڌايو ڇو نه ٿا.
ٿا محبت جي ڪيو دعويٰ ته پو،
دم محبت جو پُڇايو ڇو نه ٿا.
دلشاد بلوچ هڪ سينيئر شاعر آهي، هو پنهنجي عهد جي ادبي ۽ فني روايتن جو امين ۽ پاسداري ڪندڙ شاعر آهي، هُن روايت سان سهڻو نڀاءُ ڪيو آهي:
الائـي دلـربا کــي ته ڇـا ٿـي ويـو آ،
خبر ناهي ته ڇا کنئون خفا ٿي ويو آ. (دلشاد بلوچ)
هن وٽ حياتيءَ جو تجربو آهي، اُنهيءَ تجربي کي هن شاعري جي روايتي ڪئنواس تي استعاراتي، تمثيلي ۽ ناصحانه انداز ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان اُوتي نئين نسل کي اصلوڪن سنڌي سماج جي ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جو درس ڏنو آهي، سماجي ڪرب ۽ اضطرابي جو پرتووُ ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات تي پوي ٿو، دلشاد بلوچ وٽ به درد جون پَٽيون آهن، يادِ ماضيءَ جا عذاب آهن ۽ زماني جون ستم گيريون آهن، جيڪي سندس غزلن جي ڪائنات ۾ ساھ پساھ جيان آهن، دلشاد بلوچ وٽ زماني جي ڪٿَ آهي، جنهن ۾ بي انصافي ۽ حق تلفيءَ خلاف زبردست دانهن آهي ۽ وک وک تي رکيل غدارين خلاف اڇا چٽا آهن:
وک وک تــي رڪـاوٽــون آهن،
گهٽ گهٽ پيو غدار ٿو ڏسجي. (دلشاد بلوچ)
دلشاد بلوچ جي واين ۾ زبردست رواني آهي، هر بند هڪ نئون تصور ۽ هر وراڻي بند سان ٺهڪندڙ آهي:
جهوريو جهوليءَ واءُ
سوچو مـنـهنجا ڀـاءُ
تـتي ويتر تاءُ... (دلشاد بلوچ)
هُن جو ڪلام غنايت ۾ سُرتال_لئه جي سنگت سان وڌيڪ اثر پذيري ڏيکاري سگهي ٿو، هن جي واين ۾ صوفي ازم جون خوبصورت جهلڪيون معنيٰ خيـــز وَجـدُ ونڊين ٿيون:
عشق پڙهائي نماز،
سڄڻ ڏٺوسين، سجدو ڪيوسين (دلشاد بلوچ)
[b]10. وسيم آڪاش سيتائي[/b]
وسيم آڪاش سيتائي هِن ڪتابَ جو مُرتب ڪندڙ سَرواڻ شاعرُ آهي، هُن سان جڏهن به ملندو آهيان ته هُن جي ڳالهه ڳالهه مُـرڪن جي برسات پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي، ۽ هُن جو نرم نفيس لهجو ۽ مسڪراهٽون وقت جي آلودگين کي ڄڻ ته مِٽائي ڇڏينديون آهن، سندس خوش مزاجي ۽ خوش طبيعت ويراڳي ماڻهو کي به روح جي نئين تازگيءَ ڏانهن وٺي ايندي آهي:
نفاست ۽ نزاڪت کي، نه تو سمجهـو نه مون سمجهو،
خدا جي ان عنايت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.
(وسيم آڪاش سيتائي)
وسيم آڪاش سيتائي منهنجي همعصر عهد جو همعصر شاعر آهي، هُن وٽ روايت نه آهي، پر جديد دؤر جي عصري تقاضائن جي سڀاويڪ ۽ سوادي اُڻاوت آهي، هوُ هن دؤر جي جديد شاعرن جي فهرست ۾ تيزيءَ سان اچي شامل ٿيو آهي ۽ جلد ئي ادبي حلقن ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، فيس بوڪ جي گليمر واري غير ادبي سَوشل محاذ کان وٺي هُن پنهنجي عملي زندگيءَ جي مشاهداتي بي چينين تائين اڻ_ميا رَنڊا رُوڙيا آهن، بي رُونقين ۽ تلخين کي پاڻي جيان پيتو آهي ۽ وري هر ڀيري نئين روشن خياليءَ ۽ اُميد پرستيءَ جي نَون نَون جَهانن جي دريافتن جا خواب ڏٺا آهن، جيڪي ساڀيا ۽ اڻ_ساڀيا جي وچ واري خط -استوائي ليڪ تائين اڃا بيٺل آهن. وسيم آڪاش سيتائي جي تخليق جو فڪري محرڪ ۽ تخليقي آمجگاھ سندس ٻوليءَ جون نيون نيون، منفرد ۽ حيرت جو پُراسرار جَهان دريافت ڪندڙ ترڪيبون آهن، هوُ ٻوليءَ جي اهڙن نين ۽ منفرد ترڪيبن سان تخليقي آڪاشُ سجائي ٿو، ’’پُــورَ کي پيرَ ڪڙيون پائڻ‘‘، ڪيڏي نه نئين اڇوتي ۽ نويڪلي ٻوليءَ جي ترڪيب آهي، جيڪا اڳ ڪڏهن به مون سنڌي ادب ۾ نه ڏٺي آهي، ۽ ’’يادگيرين سان دغا‘‘ ڪيتري نه غير روايتي ۽ خوبصورت ترڪيب آهي، ٻئي ترڪيبون خيال جي نازڪ نفيس پردن کي کولڻ جون ٽرينڊ_ميڪر ترڪيبون آهن:
پُــورَ کي پيرَ ڪڙيون پايون پر،
يادگيرين سان دغا ڪير ڪري. (وسيم آڪاش سيتائي)
’’متلاشي فڪرات‘‘ به هڪ اهڙي ئي خوبصورت ٻوليءَ جي ترڪيب آهي، جيڪا پڙهندڙ کي نه صرف serious thought ڏانهن مدَعو ڪري ٿي، پر رس چَس به وکيري ٿي.
ظاهـر ۽ بـاطن جو راز پــروڙڻ لـئه،
متلاشي فڪرات هجي، ۽ يار هجي. (وسيم آڪاش سيتائي)
هڪ ئي غزل جي هر ٻي سٽَ ۾ وسيم آڪاش وٽ ٻوليءَ جون ترڪيبون ۽ تخليقي تحريڪ جون آمجگاھ آهن، جئين هيءُ غزل آهي، جنهن ۾ زوال جي بستي، ڪمال جي بستي، خيال جي بستي، ڪلال جي بستي، حال جي بستي ۽ وصال جي بستي، سموري غزل جو شاھ هُـنر بڻجي تخليقن جي جوهر جون محرڪ ترڪيبون بڻجي آيون آهن، پر’’پلال جي بستي‘‘ هن غزل جي شاھ بندَ جي شاھ ترڪيب آهي:
درد جا ديپ ٿا ٻرن دل ۾،
۽ بـدن آ پـلال جي بستي. (وسيم آڪاش سيتائي)
وسيم آڪاش وٽ تغزل جي رُونمائي کان وٺي هر غزل جي بند ۾ ’’هرڻي وارو ڇال‘‘ نظر اچي ٿو ۽ هر غزل ۾ ڌرتيءَ جو درد پنهنجي حصيداريءَ وارو فرض نڀائيندي نظر اچي ٿو، هُن جي غزل ۾ ٻُــولين جي انيڪ جڙاوتن واري حسن کانسواءِ نوان نوان استعارا ۽ ڪنايا آهن، جيڪي سندس غزلن جي رنگارنگيءَ جا مؤجد آهن، جيئنءَ هي سنجيده دردُ استعاري ۾ آهي:
تـاريـخ جـي پـنـن تـي هُـئا داغ خــون جـــا،
جيئن رات ڪا اُماس جي، ائين سنڌ جي ڪٿا. (وسيم آڪاش)
وسيم آڪاش جون ترڪيبون به ڪِٿي ڪِٿي استعاراتي شڪل جي مظهر ۾ آهن، جئين هن بند ۾ ’’غلامي جي اُماوس‘‘ ۽ ’’آجپي جو سج‘‘ ٻه خوبصورت ترڪيبون/ استعارا به آهن:
مان غلاميءَ جي اُماوس رات ۾،
آجـپي جـو سـج ٿـي اُڀـران پيو. (وسيم آڪاش سيتائي)
وسيم آڪاش وٽ استعارن کانسواءِ ڪيترا ئي محاڪات ۽ تلميحي تصور آهن، جن تلميحي ۽ محاڪاتي تصورن ۾ هُــو تمثيلي سطح تي معنائن جي اَڏاوتن کي گهَرو به ڪري ٿو ۽ تواريخي ڪهاڻين، منظرن، آثارن جي به پرده ڪُشائي ڪري اُتهاسي رونق بخشي ٿو:
ديبل جي دانهن دردُ هان، مڪليءَ جي ماٺ يا،
مــوهن دڙي جي روح جي آهيان دٻـيـل صـدا. (وسيم آڪاش)
وسيم آڪاش جي فن جي حُسناڪي تشبيهن سان پڻ گهري وابستگيءَ جي حامل آهي. وسيم آڪاش جي ٻي فني خاصيت ٻِــن ٻِـــن چَئن چئن لفظن جا خوبصورت رديف آهن، ائينءَ چئجي ته ٻوليءَ جي ترڪيبن کانپوءِ سندس غزل جي ٻي اهم پيش قدمي رديف جو رچاءُ آهي، جيڪو ڊگهين لفظي قطارن جي باوجود نکريو بيٺو آهي:
بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،
زنـدگيءَ جي مُسافت مقدر رهي. (وسيم آڪاش)
وسيم آڪاش وٽ لفظن جي چُـونڊ توڙي انهن جي استعمال جي هڪ ڪرافٽمئنشپ Craftmainship آهي، هُو ادبي ٻوليءَ جي مزاج جي تسڪين بخشيندڙ شاعر آهي، جئينءَ هيءُ ادبي مزاج ته ڏسو ڪيترو سندر آهي ته ساڀيا جي نيڻن ۾ خواب ڪُرن ٿا ۽ اَڻپُـوري چاهت تقدير بڻجي وڃي ٿي:
خواب ساڀيا جي نيڻن ۾ ڪُرندا رهيا،
مـن جي اڻـپـوري چاهت مقـدر رهي. (وسيم آڪاش سيتائي)
توڙي جو وسيم آڪاش جا شاعراڻا اظهار دٻيل احساسن جي هيٺ آهن ۽ اڃا اُنهن ۾ ’’سج ۽ سچ‘‘ جهڙي چٽائي موجود ڪانهي، پر هُن جي تخيل imagination تي فطري پيار اچي ٿو:
چانڊوڪيءَ جي رات هجي ۽ يار هجي،
ڪـويل جـي ڀي لات هجي ۽ يار هـجي. (وسيم آڪاش)
وسيم آڪاش غزل جي کيتيءَ ۾ تصوف جي بي ڪران ڪائنات ۾ علامه اقبال جي خوديءَ واري فلسفي جي اُتهاس ۾ نوان نوان فڪري پَــر منفرد سوال پوکي ٿو:
خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،
ابــد جهـڙي بـقـا، ڪٿـان آڻـيان. (وسيم آڪاش سيتائي)
هُو محاڪاتي ۽ تلميحي تصورن کي روح جي اُساٽ، ويراڳيءَ ۽ اڻهوند ۾ کڻڻ جو فن ڄاڻي ٿو، هن وٽ جديد دؤر واري unity of existence آهي پراُنهيءَ وجودي هيڪڙائيءَ جي اندر به هُـــو محرومي جي شڪايت ڪري ٿو ۽ علامه اقبال جهڙي شڪايت ڪري ويهي ٿو ته سمنڊ مان پياسي کي ماڪ جو قطرو مليو ته اُها ڪهڙي سخاوت چئبي!؟
مان ته موسيٰ هان، طور سينا هان،
نــيــڻ جـلـوه نما، ڪـٿان آڻيان. (وسيم آڪاش)
وسيم آڪاش جِتي ڊبل ۽ ٽرپل خوبصورت رديفن جي زمين ڳولي ٿو، اُتي هن بنا رديف جي به غزل چيا آهن، پر سماجي حقيقت نگاري سندس فن جي ڪائنات ۾ بسيرو نه ٿي ڪري:
نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هُئا،
۽ مُـقـدر شڪـاريءَ جي بـندوق آ. (وسيم آڪاش سيتائي)
سماجي حقيقت نگاريءَ جي اظهارن جي پئمانن کي ڳولجي اُن لاءِ سماجي تبليغ نما اظهار نه هئڻ کپي، جيئن هيءَ سماجي تبليغ وارو اظهار آهي:
ڪـنـهـن ڪـيئن به ڪئي پـاڻ عـداوت نه ڪـئي آ،
ڪنهن سان به ڪڏهن ڪنهنجي شڪايت نه ڪئي آ.(وسيم آڪاش سيتائي)
[b]11. اصغر سيتائي[/b]
اصغر سيتائيءَ جي شاعري جدت، جديديت جي سمورن فني ۽ فڪري اظهارن کان ٿوري اڳ جي ڪيل شاعري نظر اچي ٿي، هو سينئر شاعر ڀاسجي ٿو، اسلوب ۽ پيشڪش ۾ هُن جا ڪي غزل نواڻ کڻي اچن ٿا، اصغر سيتائيءَِ جي غزلن ۾ جتي روايتي رديف آهن، اُتي غير روايتي رديفن جي به گُلڪاري واسيندڙ آهي، هن وٽ رواني قابلِ رشڪ آهي، رڌم هن جي غزلن ۾ ڪِٿي ڪِٿي ڏاڍو دلڪش آهي ۽ هُن جو اسلوب دلفريب آهي:
يار کي اغيار مان سمجهان نه ٿو،
پيار کي واپار مان سمجهان نه ٿو. (اصغر سيتائي)
هُن وٽ عشق ئي هر دل جو علاج آهي، هو عشق کي آزار نه سمجهندڙ شاعر آهي، هُن جي غزلن جا رديف خوبصورت ڳالهائڻ جا خوبصورت لهجا خلقين ٿا:
عشق ئي هر دل جو هوندو آ علاج،
عشق کي آزار مان سمجهان نه ٿو. (اصغر سيتائي)
اصغر سيتائي وٽ غزلن ۾ روايت جو نڀاءُ به آهي:
يار جهـڙو به آ، پر سٺو ٿو لـڳي،
پيار کارو کٽو، ته به مٺو ٿو لڳي. (اصغر سيتائي)
اصغر سيتائي جي آرٽ ۾ ڪلاسيڪي هُڳاءُ به گوناگون ڇانيل آهي، جنهن ۾ ڪلاسڪي فن کانسواءِ ماروئڙن جي ڏکن سُکن، سُڪارن ۽ ڏُڪارن جون به فنڪارانه عڪس بنديون آهن:
مارو شال اچن، مارو شال اچن،
جن کي ساري ساري منهنجا هي ٿا نيڻ ٽمن (اصغر سيتائي)
اصغر سيتائي جي وائين ۾ روايتن ۽ جدتن جو سنگم آهي، ۽ فڪري سطح تي پورهيت طبقي جون ڳڻتيون به آهن ۽ سرسبزي سان لانئون لهڻ واري فطرت پسندي ۽ ڌرتيءَ جي درد ۾ پيوست ٿيڻ واري لهرَ به هُن جي فن جي حسناڪيءَ جو باعث آهي:
ڪاهيو ڪاهي هر،
آباديءَ جي آسري
ولر واهيري وريا،
هُــو نه موٽيو گهر،
آباديءَ جي آسري ( اصغر سيتائي)
اصغر سيتائي وٽ گهڻو تڻو روايت جو نڀاءُ آهي، پر ڪٿي اڻ_لکو جدت وارو اظهار آهي:
ننڍپڻ ساريندي،
جوڀـن ماڻيندي،
پهرين واري سادگي،
ڪيڏي ننڍڙي ٿي لڳي (اصغر سيتائي)
[b]12. سڄڻ سيتائي[/b]
سڄڻ سيتائي جي شاعري پنهنجي ادبي روايت جي حصار ۾ پاڻ پسائي ٿي، هُن جا موضوع عام سماجي/ اجتمائي زندگيءَ جي آئينه داري ڪن ٿا، پر هُن کي رومانيت ۽ ڌرتيءَ جو شاعر سڏجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو:
مان چمڪي چنڊ ستارن سان،
۽ گـڏجي ساٿيـن سارن سان،
ڪـي گيت انـوکا ڳايان ٿـو..... (سڄڻ سيتائي)
سڄڻ سيتائي جا گهڻا غزل رومانوي آهن، جن ۾ زبردست ڪشش آهي:
تنهنجي چاهت تنهنجي عظمت کي ڏسي،
بـنـدگـي تـنـهنجي حـوالي مـون ڪـئـي. (سڄڻ سيتائي)
سڄڻ سيتائي وٽ محبتن ونڊڻ جي سڀاويڪ پرچار نهايت خوبصورت آهي،
اسان مـان انديشا نه رک دشمـنيءَ جـا،
اسين درسَ ڏيندا آهيون دوستيءَ جا. (سڄڻ سيتائي)
هُن وٽ ڪي تشبيهون نهايت تُز ۽ اڇوتيون آهن، جيڪي پيغام ۾ صاف گوئي رکن ٿيون:
اسين سج ناهيون چئون ٿا مڃون ٿا،
مگر عڪس آهيون چِٽا روشنيءَ جا. (سڄڻ سيتائي)
سڄڻ سيتائي ڪي غزل نظم جي سڀاءَ ۾ اُوتيا آهن، جن ۾ مٽيءَ جي مهڪ ۽ ثقافتي ڪئنواس آهي:
سنڌو درياءُ، منڇر، ڪينجهر،
ڪاڇو تنهنجي رحمت وانگي. (سڄڻ سيتائي)
هُن جا ڪي غزل عاميانه نوعيت جا آهن، اُنهن ۾ وڌيڪ گهرائي تخليق ڪرڻ جي ضرورت هئي:
سنڌ کان ڌاريو ڌار نه ٿيندو،
اهـڙو حـرامـي ٻـار نه ٿيندو. (سڄڻ سيتائي)
سڄڻ سيتائي وٽ ڪي غزل_نما وائيون نهايت حُسناڪ آهن، غزل نما اُنهيءَ ڪري آهن، جو اُنهن جي وراڻي ڪٽجي ته غزل جو فارميٽ بنجي ويندو، هڪ اهڙي سندس هيءَ وائي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي خوبصورت عڪس آهن ۽ تشبيهون به وڻندڙ آهن:
او ماکيءَ جهڙي مٺڙي!
ٽوهن جهڙي ٽـوليءَ ۾،
ڏَس ڪنهن کي ٿي ڳولين (سڄڻ سيتائي)
سڄڻ سيتائيءَ کي سلوگن جي سحر مان ٻاهر نڪري اصلوڪي حياتيءَ جي ڏکن سُکن جي اوک_ڊوک ڪرڻ گهرجي، سڄڻ سيتائيءَ جي غزلن، وائين توڙي چؤسٽن ۾ جتي به اجتماعي درد جي دانهن آهي، اُها ڏاڍي سپڪ،سواد ۽ خوبصورت آهي ۽ اُها دانهن ادبي ڪارج جي سڦلتا ڏانهن وٺي ويندڙ آهي:
راحتون ڪنهن کي مليون ناهن ڪٿي،
چاهتون ۽ محبتون آهن ڪٿي.
دور دهشت گرد کان ڪاڏي ڀڃي،
درد واريون هي دليــون دانهـنِ ڪـٿي. (سڄڻ سيتائي)
[b]13. گهائل غلام مصطفيٰ سولنگي[/b]
گهائل غلام مصطفيٰ جي شاعريءَ ۾ قافيي توڙي رديف ۽ وزن بحر جي بندش ڏاڍي خوبصورت آهي:
مان مڃان جي تون گهائل گهوري ڏسين،
هيــر ٿـڌڙي ٿي تـون هانءُ ٺـارين ته پـو. (گهائل غلام مصطفيٰ)
گهائل غلام مصطفيٰ وٽ صنف نازڪ جا احساس غزل جي جماليات جا رنگ چٽين ٿا:
وجهي گهُنڊ منهن ۾ ڏسي ٿي مگر،
هو پنهنجـن اکيـن ۾ شفـا ٿي رکي.
نـئـين سـج پـهـري نـوان ويس ٿي،
ڳـچـيءَ ۾ به سُـونا سـڳـا ٿي رکي. (گهائل غلام مصطفيٰ)
گهائل غلام مصطفيٰ جا غزل ڄڻ ته عورت جي سورنهن سينگارن جي خوبصورت عڪسبندي ڪندڙ آهن، جن ۾ نفيس لهجا براجمان ٿين ٿا ۽ جمالياتي رنگارنگي ڪهڪشان بڻجيو وڃي:
پير جي پايل ٻانهن جي چُوڙي،
وارن جون ٻئي سڳيون پُڇندئي.
ڪَن جون واليون ۽ ڦُلي نڪَ جي،
هٿڙن جون سڀ منڊيون پُڇندئي. (گهائل غلام مصطفيٰ)
گهائل غلام مصطفيٰ جي آرٽ ۾ جدت اڃا مڪمل طرح جلوه افروز ناهي ٿي، پر روايتي ۽ عاميانه نوعيت جي فن ۾ به هُــو هڪ سٺو روايتي جمالياتي شاعر لڳي ٿو. گهائل جي گيتن ۾ گيتن جون ڪيتريون ئي فني ۽ فڪري گهرجون مڪملتا ڏانهن ويندڙ آهن، هن گيتن کي نه صرف اُنهن جي فني ۽ فڪري زمين ڏني آهي، پر اسلوب کي به پُرڪشش ڪري اظهاريو آهي، هن جي گيتن جي ٻولي فني ضرورت موجب نرم، نرمل، نازڪ ۽ ريشمي ڇهاءُ جهڙي آهي:
گهاگهر نه مٺي سـڀـئي،
جي چيلهه کڻي ڀريئي،
سڀ گهر جا دلا مٽيون،
آ توکي سنڀارن ٿيون (گهائل غلام مصطفيٰ)
گهائل غلام مصطفيٰ جي ڪن گيتن کي وائي نما گيت ته نه ٿو ڪوٺي سگهجي، پر اُنهن گيتن ۾ سمايل ٻولي، تصور، جڙاءَ، اسلوب ۽ انداز وائيءَ جهڙا آهن يا ائين چئجي ته اُهي گيت، واين جهڙو سڀاءُ ۽ سحر بخشيندڙ آهن:
اسان جا گهر ڪکن جا ٿئي،
اسان جي حال تي هلندي.
وڻن جي ڇانوَ ٿڌڙي ۾،
ٿڌا پاڻي مَـٽن جا ٿئي،
اسان جي حال تي هلندي. (گهائل غلام مصطفيٰ)
گهائل غلام مصطفيٰ خوبصورت وايون به تخليق ڪيون آهن، پر انهن جي جڙاوت ڄڻ ته شاھ لطيف جي دؤر جي آهي، جديد دؤر ۾ ڪافي نما وايون ۽ غزل نما وايون ئي گهڻيون لکيون ويون آهن، هيڪوٽي ۽ ڏيڍوڻي وارا اصطلاح ڄڻ ته پراڻا ٿي ويا آهن، گهائل غلام مصطفيٰ کي به فني توڙي فڪري سطح تي جدت ڏانهن اچڻ گهرجي.
ساجن سگهڙو اچ،
آهيان تنهنجي آسري.
توريءَ ڪنهن سان اوريان،
ڳالهيون آهن ڳچ،
آهيان تنهنجي آسري. (گهائل غلام مصطفيٰ)
[b]14. شاڪر عزيز سيتائي[/b]
شاڪر عزيز سيتائي روايتن جو امين شاعر آهي، هُن وٽ هڪ ئي وقت رومانوي، سماجي ۽ جمالياتي شاعريءَ جي گلن جي جِــهرمِـــر ۽ جهڳــمڳ آهي. هُــن ننڍي توڙي وڏي وزن تي رواني ۽ رڌم سان ادبي ثابت قدميءَ کي برقرار رکيو آهي، هُن جي جمالياتي شاعري روح جي اُداسين کي نئين مُسرت سان آشنا ڪري ٿي:
هوائن ۾ تنهنجي خوشبو، جي چورين تون پنهنجا چپڙا،
تـنـهنجي گـفـتار جا لـهـجا، سي لهـجا زنـدگي آهــن. (شاڪر عزيز)
شاڪر عزيز وٽ جوڀن جي جوت ۽ تصوراتي جماليات جو سوادُ حُسناڪي خلقي ٿو:
ڪڏهن زلف وکريا، ڪڏهن رئو ٿي سرڪيو،
هــوا جـو اوهـان سـان کـيـڏڻ خـوب هــو. (شاڪر عزيز)
هُــو سُونهن جي پيڪر کي سميٽڻ واري جماليات جو خوبصورت شاعر ڀاسجي ٿو:
پڙهي ڪنهن پيار جي ڪتاب جو مزو ماڻيون،
سُهڻن جي سونهن جي عتاب جو مزو ماڻيون. (شاڪر عزيز)
جمالياتي تخيل کي فني ۽ فڪري سڀـيتا ڪيئنءَ ڏجي؟ هُــو چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ هُن جي موضوعي داخلي شاعري ڄڻ ته روح جي نئين آبياري ڪري ٿي:
دل جي گلشن ۾ گلابن جي ڪَـمـي ٿي پئي آ،
يار جي ويندي ئي يارن جي ڪَمي ٿي پئي آ. (شاڪر عزيز)
هُن وٽ سچي محبت ۽ سچائي جا روايتي پر خوبصورت تصور آهن، جن ۾ درد ــ ڪٿائون آهن:
وفا جي ڪائي تمنا نه وفا جي ڪائي توقع،
سـچـي آ منهنجي محـبـت نه مـطلبي آهي. (شاڪر عزيز)
هُن وٽ عشق جا تواريخي/ محاڪاتي ۽ تلميحي انداز پڙهندڙ کي ماضيءَ سان ڳنڍين ٿا:
ٿيو رانجهي ۽ پنـهون، مجنون ۽ فرهاد سان ڇا،
اســيــن به عـشـق جـي عـذاب جو مزو ماڻيون. (شاڪر عزيز)
شاڪر عزيز وٽ زمانه گيري ۽ زمانه سازيءَ کان شڪايتون آهن، هُــو وفائن کي بيوفائين، ڪَــرمن کي ڏمَــرن، اخلاقَ کي بد اخلاقين، مُحبّــت کي نفـرتن، اتحادن کي نَــفــاقـــن، سچاين کي منافقين، اَمُـــن کي بدامنين ۽ آبادين کي غير آبادين ۾ ڏسندي هڪ حساس شاعرَ جيان تڙپي اُٿي ٿو:
نه ڪي ساٿ ڪنهنجو نه سنگت رهي،
زمــانــي ۾ آخــر ڇــو نـفـرت رهي. (شاڪر عزيز سيتائي)
[b]15. عزيز سيتائي[/b]
عزيز سيتائيءَ جي شاعري سماجي اوک_ڊوک جي شاعري آهي، هُن جي آرٽ جي ڪُک ۾ قومي دردن جون ڪَيئن آشائون ٻَــرن ٿيون، هُـــو سماج جي بُک، بَــدحالي، بيروزگاريءَ، مهانگائيءَ، ڦُـــرلٽ، ڪرپشن، بد امنين ۽ ڪربن جي خلاف پنهنجي شاعريءَ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهي، هُــو سماجي بيحسيءَ جي خوبصورت عڪس بندي ڪندي ادب جي سماجي محرڪ جي آبياري ڪندڙ شاعر آهي:
ڪنهن آھَ ۾ نه ڇِـرڪيو، هي انسُ ڪهڙي جنسَ آ،
جــڏهن ته فـرش پـيـو ڌُڏي ۽ عرش ڏارجي پـيو. (عزيز سيتائي)
عزيز سيتائي پنهنجي ٻُــوليءَ جي سِڌي سادي حسناڪ اظهار ۾ ماروئڙن جي دردن کي آرٽ جي فريم ۾ ڀرڻ جو خوبصورت هنر ڄاڻيندڙ شاعر آهي، هُن جي حساس نرم، نفيس دل، ماروئڙن جي بک بدحالي ۽ سماجي توهين تي تڙپي پوي ٿي:
هي مائرون قطار ۾ فقير ٿي پنائين ٿو،
ذلـتـن سنـدو نه ٿو انـاج جو ڪَٽو کپي. (عزيز سيتائي)
عزيز سيتائي اجتمائي سطح تي قومي فڪر جي چشمن سان سيراب ٿيندڙ قومي اصلاح ۽ قومي رهنمائي وارو به شاعر آهي، هُــو پنهنجي ڏاهپ جي چؤواٽي تان تخليقي سوجهري جو داعي شاعر آهي، ان ڪري کيس ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته بُک ۽ ڏڪار سٽيل سنڌي سماج ۾ ادبُ، هڪ ماڻهو کي هڪ ويلي جو ماني/نانُ به نه ٿو کارائي سگهي:
تون شاعري بُکايل مسڪين کي ٿو ارپين،
تنهنجي غزل جو گفتو ناهي ڪو نانُ پيارا. (عزيز سيتائي)
هر انتها پسندي خراب هوندي آهي، هر جنون پرستيءَ ماڻهو کي سماجي ۽ روحاني هاڃو عطا ڪيو آهي، هر بنياد پرستيءَ سماج کي اُڏهيءَ جيان کائيندي آهي، عزيز سيتائي سماجي سطح تي هر بنياد پرست سوچ جي نفي ڪري ٿو، جيڪا بنياد پرستي ڪنهن به روپ ۾ انساني سماج جي لاءِ هاڃيڪار آهي، عزيز سيتائي جو ٽيڙو پڙهو؛
تعـويـذن جي آڙ،
بـيـوس ۽ بـيـمار تي،
ڀـوپـي جي آ واڙ. (عزيز سيتائي)
هُــو طعـنن جي ناجائز تيرن توڙي لفظن جي ٻُرڪيل لوڻ کي ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه ۾ کڻي ٿو، جڏهن اُنهن نشانن کي موهن جي دڙي جي نشانن سان ڀيٽي ٿو:
طعنن جا تير تاڻي، لفظن جو لوڻ ٻُرڪي،
مـوهـن دڙي مثـل ڪي آهن نشان پيارا! (عزيز سيتائي)
عزيز سيتائي جي سموري شاعري روايت جي نڀاءَ ۾ مصروف آهي، هُن کي نواڻ ڏانهن آرٽ کي مدعو ڪرڻ گهرجي، مُوضاعاتي ڪئنواس کي به عالمگيريت ڏيڻ کپي، سندس وائيءَ جو هي بند موهيندڙ آهي:
دلڙيءَ جي درگاھ تي،
دردن جـا هـن ونـــڊ،
آهي ڪو اوسيئڙو (عزيز سيتائي)
[b]16. منظور سيتائي[/b]
منظور سيتائي عشق، محبت، سماج ۽ سنڌيت جو گهڻ رُخو شاعر آهي، هُن جي شاعريءَ ۾ قومي ثقافتي عڪس بندين جون ڪي اڻ_مِٽ تصويرون به آهن ته وري قومي مزاج جي تسڪين جي به شعوري سيرابي آهي، هُن وٽ مٽيءَ سان عشق جا بي ڪَران سمنڊَ محوِ رقص به نظر اچن ٿا ۽ هُن وٽ سماجي زندگيءَ جي غير مهذب_پڻيءَ جي خلاف به هڪ زبردست دانهن آهي:
سڃاڻپ ثقافت اسان جي نرالي،
لڳون گهوٽ جي ٽوپي اجرڪ ٿا پايون.
رني ڪوٽ مڪلي ۽ موهن دڙو ڀي،
هــي تاريـخ تـهذيـب خوشحال ڳـايون. (منظور سيتائي)
منظور سيتائي حياتي جي بي رونقين جي ڪَٿَ، هڪ باشعور شاعر جيان ڪري ٿو، حياتيءَ جي بي سوادگيءَ ۽ ڦڪائين توڙي بي رنگينين جي هڪ بهترين آرٽسڪ ائپروچ سندس شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي، جيئنءَ هڪ وائي جي بند ۾ هُــو اهڙين محرومين کي ٿـوهـر ۽ بـــي نُــــوريءَ سان هن طرح تشبيهه ڏئي ٿو:
تـوبن ٿـوهر زندگي،
بي رونــق بــي نور،
موُر نه وسرينءَ تون مٺي (منظور سيتائي)
منظور سيتائيءَ جا گيت ۽ وايون بهترين آهن، توڙي جو سندس ڪي تشبيهون روايتي نڀاءَ سان سٻنڌ جوڙين ٿيون، جنهن ڪري اُهي اساسي توڙي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڪُک مان جنميل آهن، پر اڄ به هڪ سُٺي قاريءَ کي سواد، تسڪين بخشين ٿيون، مثال طور هڪ گيت ۾ سندس هي تشبيهون پڙهي ڏسو:
سُـون چـانـدي بـدن، ڏنـد مـوتي مڃان،
چنڊ چهرو چوان، مَٽُ نه ڪنهنجي ڪيان.
حورون پريون سڪن، سونهن توکان گھرن. (منظور سيتائي)
منظور سيتائيءَ وٽ اساسي ۽ روايتي شاعريءَ واري جماليات به ڏسڻ وٽان آهي:
وار ڪارا تون ڇوڙي ڪرين ٿـو قـهر،
کـوڙ تـڙپـي مــرن، طلـسـمي آ نظر،
آفـتـابـي حُسـن تي ملائڪ جُهڪن. (منظور سيتائي)
منظور سيتائي جو آرٽ ٻوليءَ، ادب ۽ انقلاب جي عڪاسي ڪندڙ آرٽ آهي.
وڏي انـقـلابي ڪـا هـلچل هلايون،
قلم علم رستي سان اڳـتي وڌايـون. (منظور سيتائي)
[b]17. ذاڪر سيتائي[/b]
ذاڪر حسين سيتائيءَ جي شاعري تِصوف ۽ عشق جي شاعري آهي، جيڪا شاعري پنهنجي فطري جوهر موجب گيڙوءَ رنگَ ۾ واسجي ’’جُز ۽ ڪُلَ‘‘ جي فلسفي ۾ تحليل ٿي وڃي ٿي، پر مجازي محبت ۾ هُن وٽ خوبصورت جمالياتي حدبنديون آهن، جيڪي رُوح کي نئينءَ تازگيءَ سان سرفراز ڪن ٿيون، ذاڪر سيتائي جي فن ۾ حُسن، محبت، عشق ۽ خصوصي طرح جماليات جا منفردَ دڳَ آهن:
قـيـد شـاھ وگـدا ۽ مـيـر هُـئـا،
زلف تنهنجا ڪڙيون زنجير هُئا. (ذاڪر سيتائي)
ذاڪر سيتائيءَ جي تخليقن جي اهم ماهيتي ۽ افاديتي خاصيت هيءَ آهي ته هُــو تشبيهن جو هڪ خوبصورت شاعر آهي:
گـفـتو لارَ هئي ڪا ماکيءَ جي،
تنهنجا بوسا کنڊون ۽ کير هئا. (ذاڪر سيتائي)
توڙي جو ذاڪر سيتائي وٽ ڪي روايتي ۽ اساسي شاعريءَ واريون تشبيهون آهن، پر سندس اظهار بيان جي نفاست بوريت نه ٿي جنمي:
تون سرهاڻ آن، مــان به هان ڀُـونئر ڪو،
پـنـهنجو واس ٿـورو وٺــڻ ڏي مـون کي. (ذاڪر سيتائي)
هيءَ تشبيهه ڪيتري نه خوبصورت آهي جو تخليقڪار پاڻ کي برسات جي ڪنايي ۾ پيش ڪري ٿو، اُها ئي تخليقي انفراديت آهي؛
اکـيـن ۾ سـدائيـن ڪـڪـر ٿـا رهن،
مان برسات آهيان وسڻ ڏي مون کي. (ذاڪر سيتائي)
ذاڪر حسين جي فن جي فڪري ربط ۾ ڊبل مائينڊيڊ ماڻهوءَ جون ڊبل مائينڊيڊ عڪس بنديون آهن، خيالن جي ٻِـــن ٻِـــن ڇيــڙن جي حدبنديءَ جو تعين ڪرڻ ۽ اُنهيءَ سان خوبصورت نڀاءُ ڪرڻ سندس شاعراڻي خوبي آهي:
تنهنجي وارن تي لکان، يا ڳوٺ وارن تي لکان،
ڇـو نه جانان مـان بُـکايـل پـيٽ ٻارن تي لکان. (ذاڪر سيتائي)
ذاڪر سيتائي جي شاعري پنهنجي اسلوب جي نزاڪت توڙي پيشڪش جي انداز ۾ رواني پيدا ڪري ٿي، هڪ رڌمڪ سحر سندس فن جي ٻي خوبي آهي:
سنڌ جي تسبيح صبح سانجهي،
سُــورڻ مـنـهـنجي عـادت آهي. (ذاڪر سيتائي)
ذاڪر سيتائي جي واين ۾ درد_بندي ۽ المياتي ڪئنواس آهن، هُن جي واين ۾ ادبي ٻوليءَ جي لفظن جي چونڊَ به قدَر شناسيءَ جي لائق آهي، هُن جون منظر نگاريون دل جي صحرا ۽ روح جي ساگر تائين وسيع ڦهلاءُ رکن ٿيون، پر آرٽ ۾ اڃا به هُن کي جديد غزل جي جديد ترين اظهار،اسلوب ۽ فڪر ڏانهن اچڻ کپي، هُن جي وائيءَ جو هي بندُ روح جي تشنگيءَ جو ثـمـر آهي:
ساگر صحرا پاهڻن،
سـنـڌوءَ ڇــولين ۾،
توکي ئي ڳوليو پئي (ذاڪر سيتائي)
مجموعي طرح سيتاروڊ جي شاعرن جو هيءُ گڏيل شعري مجموعو هڪ مقامي تخليقي تحريڪ جيان آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي مُني صديءَ جون سماجي،ادبي ۽ فني رياضتون جلوه افروز آهن. هر شاعر وٽ پنهنجي الڳ فني/ فڪري زمين ۽ خوشبوءِ آهي. هِن تخليقي تحريڪ جي فني ۽ فڪري سمتن توڙي تخليقي جهتن ۾ اساسي يا روايتي شاعريءَ سان به تواريخي ادبي نڀاءُ آهي ۽ جديد عهد جي عصري تقاضائن جا ڪي اَڻ ڇُهيل ادراڪ به آهن، جيڪي جدت ۽ جديديت جا پيرا کڻن ٿا، هِن مجموعي ۾ جتي روايت ۽ جديد شاعريءَ جو خوبصورت امتزاج پاڻُ پَسائيندڙ آهي، اُتي ڪي شيون فني توڙي اسلوبـياتي سطح تي بلڪل روايتي آهن. روايت سان نڀاءُ به ضروري هوندو آهي، پر مُسلسل روايت سان نڀاءُ ڪرڻ جي برعڪس، آرٽ کي جدت ۽ جديديت توڙي بعد جديديت جي فڪري ڦهلاءَ تائين وسعت ڏيڻ جي گهرج آهي، ڇو ته پاڻ جديد عهد جي نئين صديءَ جي دهليز تي دستڪ ڏئي چڪا آهيون، ۽ عصري گهرجون ئي ’’ادبي مينو فيسٽو‘‘ جون داعي آهن، پر اُنهيءَ ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هي شعري مجموعو رڳو روايتي ۽ غير روايتي شاعرن جي شاعريءَ جو سنگم ڪونهي، پر هِن مجموعي جو بنيادي مقصد ’’سيتاروڊ‘‘ جي تخليقي تحريڪ جو رڪارڊ تواريخ ۾ محفوظ ڪرڻ به آهي، ’’سيتاروڊ‘‘ جي شاعرن جي هِن گڏيل مجموعي ۾ ڪيتريون ئي آرٽسڪ نفاستون به آهن، جمالياتي نرملتائن جا ڇُهاءَ به آهن، بيانن جون شائستگيون به آهن، اڻ ڇُهيل ٻوليءَ جون ترڪيبون، استعارا، ڪنايا ۽ حُسناڪ تشبيهون به آهن، لهجن جي سٻاجهائپ به آهي، روحاني ڪرشما به آهن، سماجي استدلالن وارا ادبي منطق به آهن، تخليقي ندين جا وهڪرا به آهن، ڪي غلطيون به آهن ته ڪي رهبريون به آهن، ڪي رنگارنگيون به آهن ته ڪي نزاڪتون ۽ باريڪ بينيون پڻ آهن، بُک، بَدحالي، بيروزگاريءَ ۽ مهانگائيءَ جي هِن وحشي جبلتن واري عهد ۾ گڏيل شعري مجموعن جو ڇپجڻ، سماجي، معاشي، تواريخي ۽ ادبي سطحن تي هڪ بهترين سَــوَڻ ۽ بهترين ٽرينڊ آهي. انهيءَ ڏسا ۾ اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هيءُ ڪتاب ’’ڏهـر منجهه ڏيئا ‘‘ سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو ثابت ٿيندو.
خليق ٻگهيو
مورو_سنڌ
cell: 03337083523 - 03053383254