مان سنڌو ساگر سڏجان ٿو
مان سانڍيان ٿو ڪي خواب نوان،
ها، ڏور جبل جي چوٽين تي،
مان بادل بڻجي برسان ٿو،
قطرو قطرو ٽپڪي ٽپڪي،
گهري جهيل ۾ گڏجان ٿو،
جت ڇولين جا ڪي شور ڪري،
بند ٽوڙيان ٿو مان زور ڪري،
ڪٿ اونچايون ڪٿ گهرايون،
مان مست لهرن کي لهرايون،
ها سنڌو ساگر بڻجان ٿو،
مان سنڌو ساگر بڻجان ٿو،
واسينگن وانگر ور ڪندو،
خاموش ڪٿي ڪا ڇر ڪندو،
سرسبز ڪندو مان شادابيون،
آباد ڪندو ڪي آباديون،
ايئن ٽڪرين کان ميدانن ۾،
مان پهچان ٿو ايوانن ۾،
جت منهنجي ڪُک ۾ خنجر سان،
ٿا گهاءَ ڪري ڪي ڊيم ڀرن،
۽ ڪاغظ جي چند ٽڪڙن تي،
ٿا منهنجي اوچ ۽ نيچ لکن،
مان پنهنجي وڃايل مرڪ ڏسي،
۽ پياسن لئه هڪ سُرڪ ڏسي،
مان تڙپان ڦٿڪان پڄران ٿو،
۽ درد مان ٻڙڪي ڀڙڪان ٿو،
ڪي ٻوڙيان ٿو ڪي لوڙهيان ٿو،
۽ رڙهندو رڙهندو ڊوڙان ٿو،
مان زخمن سان ٿيو چور آهيان،
معزور هوندي مجبور آهيان،
ٿڪجي ٿڪجي هوري هوري،
پنهنجي وجود کي سوري سوري،
ٿو سنڌ امڙ جا پير چُمان،
۽ روئندي روئندي کيس چوان،
اي سنڌ امان اي سنڌ امان،
مان جهول تنهنجي ۾ ننڊ ڪيان،
ائين شاڪر پنهنجن نيڻن کي،
ٿو نير وهائي بند ڪيان،
پنهنجن اکين جي پنبڻين ۾،
ٿو سانڍي ڪي ئي خواب رکان!
ٿو سانڍي ڪي ئي خواب رکان!