رحماني تي رنگ رتو آ،
محبت جو ڪو ميل متو آ،
پيار وارن کي پيو پتو آ،
پهتو هر ڪو متو ستو آ،
سڄڻن ساٿين ڏنو وتو آ،
رحماني تي رنگ رتو آ.
رحماني تي رنگ رچن ٿا،
محبت جا هت ميل مچن ٿا،
اوريان پريان سڀ اچن ٿا،
نانگا پنهنجي نينهن نچن ٿا،
رحماني تي رنگ رچن ٿا.
رحماني تي رتو آهي رنگ،
ننگي پرور توتي ننگ،
چُريو چئه طرف آهي چنگ،
جهرمر جهرمر جهرمر جهنگ،
رحماني تي رتو آهي رنگ.
رحماني تي رنگ رتا هن،
محبت جا ڪي ميل متا هن،
هي عشق وارن جا پار پتا هن،
۽ ڇورين ڇوڙي ڇڏيا ڇتا هن،
رحماني تي رنگ رتا هن.
رحماني جي ريت نرالي،
جنهن جي در تي سَوَ سوالي،
ملنگ توڙي مست موالي،
ڪو نه وري ٿو ڪو ئي خالي،
رحماني جي ريت نرالي.
رحماني سان راز رکي ڏس،
سُرت سندو هي ساءُ چکي ڏس،
هي لالڻ اٿئي لال لکي ڏس،
برهه جي جاٿي باهه بکي ڏس،
رحماني سان راز رکي ڏس.
رحماني تي راز رباني،
حاصل جنهن وٽ حق حقاني،
بات جنهن وٽ برهه بياني،
محبت جنهنجو ماڳ مڪاني،
رحماني تي راز رباني.
روح جي راحت رحماني سان،
رب جي رحمت رحماني سان،
راھ رباني رحماني سان،
سڪ سبحاني رحماني سان،
روح جي راحت رحماني سان.
رحماني جي راھ وٺي ڏس،
ٻري برھ جي باھ بٺي ڏس،
خلق خدا جي ڪُل ڪٺي ڏس،
پي ڪا پاڻ به ورھ وٽي ڏس،
رحماني جي راھ وٺي ڏس.
رحماني تي رب جو راز،
سُري چيو آهي سڪ جو ساز،
نيهن وارن وٽ نوڙت نياز،
ڪا هت ڪونج ته ڪو هت باز،
رحماني تي رب جو راز.
تون جو پنهنجو پاڻ سڃاڻين،
رحماني جي راز کي ڄاڻين،
توڪل وارو تُرهو تاڻين،
محبت وارا ميل ڪي ماڻين،
ساجهر توسان صاحب ساڻين،
تون جي پنهنجو پاڻ سڃاڻين.
“ري” سان راحت روح کي ٿيندي،
“ح” سان حُب حقيقي ٿيندي،
“ميم” سان محبت مولا واري،
“الف” سان ٿيندي اندر اُجاري،
“نون” سان نينهن سان نياز نوڙت،
“يي” سان يا ڪي يار سان ياري،
من مان ڪڍ تون مونجهه مڪاري،
سچ سان گذرئي عمر ساري.
رنگيءَ جي ڪي رنگ هتي هن،
عبرت جا ڪي انگ هتي هن،
چارڻ چوريا چنگ هتي هن،
ماڻهو مست ملنگ هتي هن،
پروانا ڪي پتنگ هتي هن،
اٻوجهه ڪي اڙٻنگ هتي هن،
سُڪا ساوا سنگ هتي هن،
ڪي ڀايڙا پيئندا ڀنگ هتي هن،
وجهندا ويرين ونگ هتي هن،
ڪونجن سان گڏ ڪنگ هتي هن،
ڪي ڏائڻَ هڻندا ڏنگ هتي هن،
رنگيءَ جا ڪي رنگ هتي هن.
هت قرب ڪهاڻيون ٿينديون هن،
هت رس رهاڻيون ٿينديون هن،
هت ڌن ڏياڻيون اينديون هن،
هت چريون سياڻيون اينديون هن،
هت عقل اياڻيون اينديون هن،
هن انڌيون ڪاڻيون اينديون هن،
هت ميئه مهاڻيون اينديون هن،
هت ساھ سيباڻيون اينديون هن،
هت راڄ جون راڻيون اينديون هن،
هت قرب ڪهاڻيون ٿينديون هن.
هيءَ گل گلزاري ڏس هتي،
پر ڪا قبر ڪاري ڏس هتي،
ڪا نرمل ناري ڏس هتي،
ڪا مومل ماري ڏس هتي،
ڪا پنهنجي پياري ڏس هتي،
ڪا اندر آزاري ڏس هتي،
ڪا حُسن واري ڏس هتي،
پر اک عبرت واري ڏس هتي،
هيءَ گل گلزاري ڏس هتي.
________________
سيتاروڊ ۾ واقع بزرگ رحماني سرڪار جي مزار تي سالياني ميلي جي موقعي تي لکيل24.11.1995