3. آئي ٽانڊو کڻڻ بورچياڻي ٿي ويٺي.
سمجهو ته اوهان جي ڪنھن پاڙيواريءَ کي، پنھنجي گهر ۾ سگري يا چلھ تي باهه ٻارڻ لاءِ، ٽانڊو گهرجي ۽ اها اوهان جي گهر ۾ ٽانڊو کڻڻ لاءِ اچي ٿي ۽ رڌڻي جي مالڪياڻي يعني گهر جي مالڪياڻي بڻجي ويھي ٿي رهي.
هن چوڻيءَ جو مطلب اهو آهي ته جڏهن ڪنھن شخص تي ديا ڪري سندس مدد ڪجي ۽ کيس ٿوري وقت لاءِ پنھنجي گهر ۾ ڪو آسرو وغيره ڏجي ۽ موٽ ۾ هو ان احسان کي وساري پاڻ گهر جو مالڪ بڻجي ويھي. يا ڪو شخص توهان کان ڪا چيز اڌاري طور وٺڻ اچي ۽ اها واپس ڪرڻ بدران پاڻ کي ان چيز جو مالڪ سڏائي تڏهن هي پھاڪو چيو ويندو آهي.
هن پھاڪي جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا پاڙيسرڻ ڪنھن گهر ۾ اچي صرف ٽانڊي وٺڻ لاءِ ۽ پاڻ ئي گهر جي مالڪياڻي بڻجي ويھي ته اها ان استريءَ جي ڏاڍائي ۽ زوري چئبي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪو ماڻھو ڪنھن شيءِ گهرڻ لاءِ اچي بعد ۾ ان شيءِ جو يا ان گهر جو مالڪ بڻجي ويھي ته اها ان شخص جي ڏاڍائي چئبي. دنيا ۾ انسان به مسافر ٿي آيو آهي. ايشور انسان کي هن سنسار ۾ موڪليو آهي صرف فرض پوري ڪرڻ لاءِ ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ. مگر انسان، دنيا جي موهه ۾ اهڙو ته ڦاسي ويو آهي جو ايشور کي هڪ طرف ڀلائي ڇڏيو اٿائين ۽ ٻئي طرف سنسار جو مالڪ بڻجي ويٺو آهي. ايشور جي هستيءَ ۽ وجود کي وساري، پاڻ اهنڪار ۽ هٺيلو بڻجي پيو آهي ۽ هن سنسار کي پنھنجو دائمي گهر سمجهي ويٺو آهي.
انسان اها حقيقت وساري ويٺو آهي ته؛ هو هن سنسار جو خلقيندڙ نه آهي، پاڻ صرف هڪ مسافر آهي ۽ کيس هي سفر پورو ڪري هليو وڃڻو آهي. مگر اگيان وس انسان، هن سنسار ۾ پنھنجو دائما ديرو سمجهي ٿو. انسان کي جڳائي ته من کي موڙي ۽ حقيقت شناس ٿئي.