لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

68. زندگي، بي بندگي؛ رنجگي.

ائين برابر آهي ته؛ جيون جي روزمره ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، انسان کي ڪو نه ڪو ڌنڌو يا نوڪري ڪرڻي ٿي پوي. ان جو مطلب اهو ناهي ته؛ دنيوي شيون حاصل ڪرڻ پٺيان، انسان ايترو ته پاڻ پتوڙي جو کانئس پرم پتا پرماتما ئي وسري وڃي! پرڀوءَ جي نام جپڻ سان، انسان ۾ آتم-وشواس ۽ آتمڪ-ٻل پئدا ٿئي ٿو. پرارٿنا ۾ وڏي شڪتي آهي. ان سان نه فقط من کي سنتوش ملي ٿو پر رب جي رضا تي راضي رهڻ، جيڪي آهي ان تي سنتوش ڪرڻ به، پرارٿنا مان ئي ڪري سگهجي ٿو. زندگيءَ کي بقاءُ آهي ئي ڪو نه. جيڪو پل پرڀوءَ جي نام جپڻ کانسواءِ گذري ٿو، سو بلڪل اجايو آهي. اڄ هر هڪ انسان، دک جي بوجھ ھيٺان دٻيو پيو آهي. حقيقت ۾ هن سنسار جي اندر، نه سک آهي ۽ نه ئي دک. سک يا دک، رڳو خيال جي پيدائش آهي. جيڪي انسان، پرڀوءَ جو نالو نٿا جپين، سي پاڻ کي دکي محسوس ڪن ٿا. جيڪي ايشور جي بندگي ڪن ٿا، سي پاڻ کي سکي سمجهن ٿا. سچي بندگي ئي، سچي سُک ۽ آنند کي جنم ڏئي ٿي. جيڪو شخص بندگي نٿو ڪري، اهو رنج ۽ دک ۾ گهاري ٿو. زندگي، رڳو ناڻي ۽ نالي ڪمائڻ لاءِ نه آهي. نالو به ڪمائجي ۽ ناڻو به ڪمائجي پر ايترو، جيترو ضروري هجي. هرڻ وانگر رڳو واريءَ جي ڍير کي پاڻي سمجهي، ان طرف ڊوڙڻ نه گهرجي. اها زندگي بلڪل اجائي ۽ بيسود آهي، جيڪا ايشور جي بندگيءَ کانسواءِ گذري ٿي. سنت ڪبير يا ڀڳت سورداس، ڌنڌو به ڪندا هئا پر، پاڻ کي ڪڏهن به پرڀوءَ کان پاسيرو نه رکيائون. پل پل پيا پرماتما کي ياد ڪندا هئا. پرارٿنا سان وڏين وڏين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ جي شڪتي پيدا ٿئي ٿي. انھيءَ شڪتيءَ سان ئي، دک تي قابض پئجي سگهي ٿو. جيون جو ڪو به پل اڪيارٿو نه وڃائڻ گهرجي. جيڪو پل بچي، ان پل ۾ پرڀوءَ کي ياد ڪجي.
حاصل مطلب: اها زندگي اجائي ۽ بيسود آهي، جنھن ۾ پرڀوءَ کي ياد نه ٿو ڪجي. انساني زندگيءَ ۾، دک تڏهن ئي پيدا ٿا ٿين، جڏهن پرماتما کي ياد نه ٿو ڪجي. پرارٿنا سان شڪتي پيدا ٿئي ٿي، جا تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ جي قوت پيدا ڪري ٿي.