73. سکڻي ڪُني، گهڻو اُڀامي.
اندروني معنى: دنيا ۾ ڪيترا اهڙا شخص آهن جيڪي گهٽ پڙهيل، ٿوري آزمودي، پوري پني سمجهه ۽ ٿوري پئسي وارا آهن. مگر سڀاءَ کان اهڙا شخص، اهڙو ته لاچار هوندا آهن جو اھي گھڻو پڙھيل، سٺي آزمودي، وڏيءَ سمجھ ۽ شاھوڪارن کان وڌيڪ ٽرڙا ۽ ھٺيلا ھوندا آھن. ائين وسهڻ لڳندا آهن، ڄڻ سندن جھڙو جھان ۾ ڪو ماڻھو ڪونھي. منجھن بردباري ۽ هوشياري، تمام ٿوري ھوندي آهي. اڻ گهڙيل ڪاٺ جيان، دنيا جي لاهين چاڙهين کان اڻ واقف هوندا آهن. پوءِ به ائين ڏيکاءُ ڪندا آهن ڄڻ سندن جھڙو ڄاڻو ڪير آهي ئي ڪو نه. پئسي جو زور ايترو هوندن به ڪو نه، پوءِ به هلت ائين هلندا ڄڻڪ سندن جھڙو ڪو امير ماڻھو هن سنسار ۾ ملڻ ئي مشڪل آهي. اهي پاڻ-پڏڻا، گهمنڊي ۽ اجائي ڦڙڦڙ ڪندڙ ٿين ٿا. ٻئي طرف جيڪڏهن جاچي ڏسبو ته، جيڪي شاهوڪار، سٺي آزمودي ۽ چڱي تعليم ورتل شخص آهن سي هٺيلا نه آھن. بلڪ بردبار ۽ فھميدا ٿين ٿا. سندن اٿڻ ويھڻ، مان ۽ فضيلت وارو ٿئي ٿو.
سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ معنى واري چوڻي ٻي به آهي؛ خالي چڙو، وڄي گهڻو. جنھن جو مطلب پڻ ساڳيو آهي. ٿوري ٻڌيءَ، گهٽ عقل ۽ دماغ وارا، ڄاڻي ٻجهي غيرب ۽ هٺ سان هلندا آهن. هنن ۾ بردباري ۽ فضيلت جو انگ، ڪو مشڪل هوندو آهي.
حاصل مطلب: ٿوري عقل، گهٽ تعليم، پوري پني سمجهه ۽ گهٽ پئسي وارا؛ ٽرڙا ۽ گهمنڊي ٿين ٿا. هنن ۾ بردباري ۽ فضيلت جو انگ، مشڪل سان هوندو آهي. ٻين سان هنن جو ورتڻ گهٽ مان مريادا وارو آهي.