43. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ. (سنڌ، پھاڪو)
جيڪڏهن باريڪ-بينيءَ سان ويھي جاچي ڏسنداسين ته؛ جا حياتي پرماتما وٽان اسان کي عطا ٿي آهي، سا دمن ۽ پلن جي جڙيل آهي. ڇو جو دم ۽ پل ملي، مھينا ۽ سال ٺاھين ٿا.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته؛ ‘جيڪي انسان فقط ڪي گهڙيون اجايون وڃائين ٿا، ڇا کين فقط گهڙين جو ئي نقصان رسيو؟’ جواب ملندو؛ ‘نه’. ڇو ته هر گهڙيءَ هر پل کي، پنھنجي اهميت ۽ پنھنجو درجو آهي. هڪ گهڙي ڇا انسان اجائي وڃائي ٿو، اها جيڪڏهن صحيح نموني سان استعمال ڪري ته هوند هن جي جيوت سکي ۽ آسودي گذري.
وقت جو، پئسي ڪٺي ڪرڻ سان وڏو لاڳاپو آهي. ظاهري طرح اگرچ اسين، پاڻيءَ جي هڪ هڪ بوند جو ويھي حساب لڳايون ته ان مان هڪ گلاس ڀرجي ويندو.
جيڪي انسان ائين سمجهن ٿا ته؛ هڪ پل اجائي وڃڻ سان، کين ڪو به ضرڙ نه رسيو آهي. ائين سوچڻ ۽ سمجهڻ، اجايو ۽ بي معنى آهي. جيوت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، هر پل کي سجايو صرف ڪرڻ ضروري آهي. علم، ڌرم ۽ ڌن حاصل ڪرڻ لاءِ، وقت جو بچاءُ ڪرڻ لازمي آهي. جيترو گهڻو وقت بچائي، انسان اڀياس ڪندو، اوترو ئي وڌيڪ سندس آزمودو ۽ ڄاڻ وڌندي. اوترو ئي وڌيڪ، سائو ستابو ٿيندو. ڌن ميڙڻ سان، ڌن مڙي ٿو. ان جي انبارن ۾، ان جو داڻو مليل آهي.
جيئن ته: ٿورو ٿورو گهڻو ٿي پوي، انبارن ۾ ان جو داڻو آهي.
حاصل مطلب: ٿورو ٿورو بچائڻ سان، گهڻو گڏ ٿي پوي ٿو. ڏيھاڙي صرف، پنج نوان پئسا گڏ ڪرڻ سان، ماڻھو مھيني ۾ ڏيڍ روپيو ۽ سال ۾ ارڙهن روپيه گڏ ڪري سگهي ٿو. ساڳئي نموني، انسان وقت جو پڻ بچاءُ ڪري سگهي ٿو.
مثال: ٻه دوست آهن، هڪ گهڻو ئي ڪمائي ٿو مگر ساڳئي وقت خرچ ڪرڻ ۾ ايترو ته لاپرواهه آهي جو ڪجهه به بچائي نه ٿو رکي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو اوکيءَ ويل وٽس ڪجهه به پيل نه آهي ۽ مشڪل حالتن کي منھن ڏئي نٿو سگهي. ٻيو دوست، ٿورو ڪمائي ٿو. مگر ان ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به هو ڪجهه نه ڪجهه ڪوئي سوئي بچائي ٿو. اچانڪ مٿس ڪا مصيبت اچيو ڪڙڪي ٿي ته گهٻرائي نٿو. اٽلندو مڙس ٿي، مصيبت کي منھن ڏئي ٿو.