لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

8. اُدم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.

شاهه صاحب جو به چوڻ آهي؛
تتي ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانھي ويل ويھڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لھين پرينءَ جو.
مطلب بلڪل صاف آهي. انسان کي رات توڙي ڏينھن ۾، سرديءَ توڙي گرميءَ ۾، اڳتي ۽ اڳتي هلڻو آهي. هلڻ زندگيءَ جو نالو آهي، رڪجڻ موت جو.
چوندا آهن؛ “تقدير اڳيان، تدبير ڪھڙي؟” پر اها هڪ حقيقت آهي، ته تقدير تي ڀروسو ڪانئر ۽ ڪمزور ماڻھو رکندا آهن. جن شخصن اتھاس ۽ تھذيب جي رخ کي موڙيو آهي، تن ڪڏهن قسمت تي نه ڀاڙيو آهي. اُدم جي پرن سان ئي انسان آسمان ۾ پرواز ڪيو آهي ۽ سوڀ پاتي آهي. ڪولمبس نئين دنيا ڳولھڻ لاءِ نڪتو. هن مھينن جا مھينا سمنڊ ۾ سفر ڪيو پر دلشڪستو نه ٿيو. طوفانن کيس چوطرف گهيريو، سندس ساٿي خلاصين کيس سمند ۾ اڇلڻ جا دڙڪا ڏنا پر سندس دل ۾ ذرو به ڏهڪاءُ پيدا نه ٿيو. ۽ نيٺ هو نئين دنيا ڳولهڻ ۾ ڪامياب ويو. چوندا آهن؛
• اکرين ۾ مٿا وجهندا، سي مھرين کان ڪين ڊڄندا.
• ترڻ لاءِ درياهه ۾ گهڙندا، سي لھرن کان ڪين ڪيٻائيندا.
• درياه ۾ گهڙڻو ته پوءِ لھرن کان ڪھڙو ڊڄڻو.
انسان اُدم ۽ اَوِرچائيءَ سان ئي اڳتي وڌي ٿو. زندگيءَ ۾ ڪامياب به اهو ئي ويو آهي، جنھن اُدم ڪيو آهي. هٿ هٿ تي رکي، قسمت تي ڀاڙڻ، ڪمزور ماڻھن جو ڪم آهي. جن جو پاڻ ۾ وشواس ڪونھي، تن جو پاڻ تي ڀروسو ڪونھي. مقصد جي چٽائي، اُدم جي ڏاڪڻ طرف وڃي ٿي. اُدم ڪرڻ لازمي ۽ ضروري آهي. تڪليف ۽ مشڪلات کان ڊڄڻ ڪمزوري ۽ ڪانئرتا آهي.
جن انسانن جا نالا، اڄ اسين عزت سان وٺي رهيا آهيون، تن وڏو درجو يا رتبو حاصل ڪيو آهي. انھن تقدير تي ڪين ڀاڙيو، اهي لڳاتار اُدم ڪندا رهيا، ۽ آخر ۾ وڏو درجو حاصل ڪيائون.
حاصل مطلب: تقدير تي ڀاڙڻ سياڻپ ناهي. اُدم سان ئي انسان سڦلتا حاصل ڪري سگهي ٿو. اُدم جي پرن سان انسان آسمان طرف اُڏامي ٿو. يعني ڪاميابي طرف وڌي ٿو.