71. سستي، گداگريءَ جو دروازو کولي ٿي. (نصيحت، چوڻي)
نصيحت: مٿين آکاڻيءَ مان اسان کي اها نصيحت ٿي ملي ته سست جيو ڪڏهن به پنھنجي مقصد کي بر صواب نه ٿو ڪري سگهي.
چوڻيءَ جي معنى: سست يا ڪاهل انسان، سدائين محتاج رهي ٿو ۽ سدائين ٻين آڏو هٿ ٽنگيندو رهي ٿو. محنت، مرد جي سونھن آهي. محنتي مرد ۽ چست انسان، ڪھڙين به مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيئي سگهي ٿو. محنت انسان ۾ آتم-وشواس، آتم-ٻل ۽ آتم-مريادا پيدا ڪري ٿي. محنتي انسان، سومان-پسند ٿئي ٿو. جيڪي محنت نه ٿا ڪن، سي نه فقط پاڻ کي پر پنھنجي ڪٽنب کي به دکي بڻائين ٿا.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي ته؛ “سست ٻلي، ڪئا نه ماريندي آھي.” سستي، لاپرواھيءَ کي جنم ڏئي ٿي. سستيءَ ۽ لاپرواھيءَ سبب، انسان ڌرتيءَ تي بوجھ بڻجيو پوي. سست انسان، نه پورو علم پرائي سگھندو آھي ۽ نه وري پوريءَ ريت ڪمائي سگھندو آھي. سندس شخصي جيون، فقيرن جھڙو بنجي پوندو آھي. سدائين مدد لاءِ ٻين اڳيان ٻاڏائيندو رھندو آھي. سوال آھي ته ٻيو شخص به، مدد ڪيتري وقت تائين ڪري سگھندو؟ ھر ھڪ انسان کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ گھرجي. پنھنجي پيرن تي بيھڻ لاءِ، محنت ڪرڻ ضروري آھي. عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ، راندين ۾ اجايو وقت زيان ڪرڻ ۽ حالتن ڏانھن لاپرواھ بڻجڻ سان، انسان جو جيون دکي بڻجي ٿو. جيون جو ھڪ ھڪ پل، سجايو ڪرڻ گھرجي. محنت ڪرڻ ۾، عار نه ڪرڻ گهرجي. چوڻي آهي؛ “ڪمائجي مزورن وانگر، کائجي بادشاهن وانگر.”
مطلب هيءُ ته؛ سخت محنت ڪجي ۽ پنھنجي جيوت کي سکيو ۽ آسودو بڻائجي. جن شخصن، سست بڻجي پنھنجو وقت وڃايو آهي، سي نڌڻڪا ۽ بي معنى بڻيا آهن. سماج ۾ مان ۽ عزت، حاصل ڪرڻ لاءِ، محنت ڪرڻ ضروري آهي. محنت ڪندڙ کي هر هڪ چاهيندو ۽ پيار ڪندو آهي. سست انسان کان، هر ڪو پري ڀڄندو آهي. سستي، تباهيءَ طرف وٺي وڃي ٿي ۽ چستي ڪماليت طرف. جيترو گهڻو وقت انسان سستيءَ ۾ گهاري ٿو، اوترو ئي گهڻو مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ گهيرجي ٿو وڃي. وقت تي ڪو به وشواس ڪونھي. وقت کي ڪو به بقاءُ ڪونھي. سدائين لاءِ ساڳيو وقت نه ٿو رهي. ان ڪري وقت جي پل پل جو اونو، رکڻ گهرجي. جيڪي، لاپرواهيءَ ۽ ڪاهليءَ سبب، وقت وڃائين ٿا ۽ محنت کان ڪوَ کائين ٿا، سي ڄڻڪ مصيبتن کي پاڻ ئي نوتو (دعوت) ڏين ٿا. ان ڪري اسان کي گهرجي ته سست نه بڻجون.
حاصل مطلب: سستي ٻئي جو محتاج بڻائي ٿي، تڪليفن ۽ دکن کي دعوت ڏئي ٿي ۽ ٻين آڏو بي مانو بڻائي ٿي.