لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

76. سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.

هيءُ سندر سنسار ايشور خلقيو آهي. ايشور جيڪي وستو هن سنسار ۾ خلقيون آهن، تن ۾ دک به سمايل آهي ته سک به. ايشور جيڪي پدارٿ خليقا آهن، انھن مڙني ۾ انسان، سندر بي جوڙ رچنا آهي. انسان هن سنسار جي سندر وستن کي پراپت ڪرڻ لاءِ ازحد ڪوشش ڪري ٿو. جيون ۾ سک حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي ڪيئي صدما سھڻا پون ٿا ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. مگر هر هڪ انسان جو سڀاءُ پنھنجو آهي. ڪي ٿورو به دک سھي نه سگهندا آهن ۽ ڪي وري پھاڙ جيڏيون مصيبتون ۽ تڪليفون کلندي سھندا آهن. جيڪي شخص دنيوي پدارٿن ۾ ڦاٿل رهن ٿا، سي ٿوري ۾ ٿوري ۽ ننڍي ۾ ننڍي مصيبت کي به اجگر ڪري ڄاڻندا آهن ۽ وتندا آهن ايشور لاءِ اجائي شڪايت ڪندا. هو ائين نه سمجهندا آهن ته پرماتما جيڪي تڪليفون ڏئي ٿو، تن ۾ انسان جي ئي ڀلائي سمايل آهي.
مگر الله-لوڪ ۽ سچا انسان، جيڪي دنيوي پدارٿن ۾ نه ڦاسي، سائينءَ سان لونءَ لڳائيندا آهن، سي دک کي به سک ۽ زهر کي امرت ڪري ڄاڻين ٿا. اهي رب جي رضا تي، راضي رهن ٿا. کين نراشا ۾ به آشا جي چمڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهي دکن ڀريءَ واٽ کي، گلن ڀريل واٽ ڪري سمجهن ٿا.
اهڙا انسان، سوريءَ کي سيج ڀانئين ٿا. کين اهو ڄڻ وشواس هوندو آهي. ڌڻي سڳورو جيڪي تڪليفون ڏئي ٿو، سي سندن ڀلائيءَ لاءِ آھن. هو موٽ ۾، سائينءَ جو مشاهدو يعني ميلاپ ماڻين ٿا. سردار ڀڳت سنگهه کلندي کلندي ڦاسيءَ جي تختي تي جان ڏني ۽ ملڪ مٿان قربان ٿي ويو. منصور به مرڪندي موت قبول ڪيو. جيڪي سائينءَ جا سچا عاشق آهن، سي مرڪندي ۽ کلندي موت قبول ڪن ٿا. سوريءَ کي گلن ڀريل سيج سمجهن ٿا. ان سيج تي ليٽي به کين آلوڪڪ ۽ آتمڪ-آنند پڙڀي ٿو. هو ڪنھن سان سور جي شڪايت نه ڪندا آهن ۽ سچ کي سڃاڻي پاڻ فدا ڪن ٿا.
شاهه صاحب هڪ هنڌ چيو آهي،
“سڪڻ ۽ سوري، ٻنھي حرف هيڪڙي.”
جيڪي سائينءَ جي عشق ۾ سڪي رهيا آهن، سي سوري به قبول ڪن ٿا. سڪ ۽ سوريءَ جو پھريون اکر “س” آهي. جيڪي اللھ جي عشق ۾ سڪي رهيا آهن، تن کي هڪ نه هڪ ڏينھن، پاڻ قربان ڪرڻو ئي پوندو. سڪ جو انت، موت آهي ته سوريءَ جو انت به، موت آهي. ان ڪري سالڪ-لوڪ، جيئري ئي پرماتما جي عشق ۾ پڄري رهيا آهن، سي کلندي کلندي موت ماڻي، مالڪ سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا.