100. مشڪندي مشڪل کي، مانجهي مات ڪن. (چوڻي)
“دک ڀرئي گيت ۾، آهي ڀريل ڪوئي مٺاس.”
زندگي، دکن جي اردگرد پيئي ڦري. لڳندو ائين آهي ته؛ جيون جو اهڙو ڪو به پل نه آهي، جنھن ۾ انسان کي دک سھڻو نه پيو هجي. جيوت جي هر هڪ پل ۾، انسان اڳيان، ڪيئي مشڪلاتون ۽ تڪليفون اچن ٿيون. بھادري ان ۾ آهي ته انھن جو مقابلو همت سان ڪجي. دنيا جي اندر اهڙو ڪو به پراڻي ڪونھي، جنھن کي دک نه رهيو هجي. اردوءَ جي شاعر، شري ساحر لڌيانوي چيو آهي:
“دنيا ۾ ايسا ڪون هي، جس ڪو دک ملا نهين؟”
اهڙو ڪو به سوار آهي ئي ڪو نه جو گهوڙي تان نه ڪريو هجي. اهڙو ڪو وڻ ئي ڪونھي جنھن کي جهولي جي جهڙپ نه لڳي هجي. دنيا جو هر هڪ پراڻي، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي گهيري ۾ ڦاٿو پيو آهي. ڪرڪڻ ۽ ڪنجهڻ سان، تڪليفون يا مشڪلاتون دور ته نه ٿينديون، اٽلندو انھن جو ٻوجهه وڌيڪ محسوس ٿيندو. ان ڪري سياڻن جو قول آهي ته؛ مرڪ جي تير سان، مشڪلاتن تي حملو ڪجي. سوکيم مرڪ، ڪھڙي به مشڪلات کي، سولائيءَ سان ناس ڪري ٿي. بلبل جي سيني ۾، سوين دردن هوندي به، مڌر گيت ڳائڻ جي ايشور کيس ڏات ڏني آهي. انسان اهو، جو مري مُرڪي ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪري. چوڻي آھي؛ “ھر انڌيري رات پٺيان صاف ۽ سھانو صبح اچي ٿو. رات جيتري ئي وڌيڪ اونداھي ۽ ڀيانڪ ھوندي آھي، تارن ۾ اوتري ئي وڌيڪ چمڪ ۽ روشني محسوس ٿيندي آھي.” انسان کي همٿ هارڻ نه گهرجي. قدرت جو نيم اٽل آهي. جيڪي ٿيڻو آهي، سو اوس ٿيندو. ٿيڻيءَ کي ڪير به روڪي نه سگهندو. ان حالت ۾ انسان جو ڪم آهي ته، دور-انديشيءَ ۽ همٿ کان ڪم وٺي. کيس، آشا جي سھاري هلڻ جڳائي. ڪوي شري هريڪانت، نراشا ۾ ڦاٿل انسان کي تسلي ڏيندي، چوي ٿو؛
“او خزان جا ڦولا، گلشن ۾ وري ايندو بھار.”
دک سدائين قائم نه آهي. انسان کي جڳائي ته، همٿ سان دکن جو مقابلو ڪري. همت جي هٿوڙي سان، ڏونگر ڏاري سگهجي ٿو. هر هڪ انسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته؛ جھڙيءَ ريت هن سنسار ۾ سک قائم نه آهي، تھڙيءَ ريت دک به قائم نه آهي. انسان کي صرف، دروانديشيءَ ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو آهي. مرڪي مرڪي، مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو آهي.
حاصل مطلب: دک ته انسان جي جيون ۾ اچڻو ئي آهي. ان کي ڪير به روڪي سگهي ئي نه ٿو. انسان کي جڳائي ته؛ مُرڪي ۽ کلي، دکن ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪري ۽ مٿن فتح حاصل ڪري.