لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

36. تنھنجو سو منھنجو، منھنجي هٿ نه لاءِ. (سنڌ، پھاڪو)

هي پھاڪو، سوارٿي ماڻھن ڏانھن اشارو ڪري ٿو. ڪيترن ماڻھن جو اهڙو ته عجيب سڀاءُ هوندو آهي، جو رڳو ائين چاهيندا آهن ته؛ ٻيا سندن ڪم اچن، پر اوکيءَ ويل پاڻ ڪنھن کي به ڪم نه اچن. دنيا جون لاهيون چاڙهيون، سڀني لاءِ آهن، ڪنھن به هڪ لاءِ نه آهن. اسين رڳو جيڪڏهن ائين چاهينداسين ته؛ ٻيا اسان جي عزت ڪن، ٻيا اسان کي اوکيءَ ۾ مدد ڪن ته موٽ به اسان کي اھڙي ڏيڻي پوندي. يعني اسان کي به ٻين جو مان ڪرڻو پوندو ۽ ٻين جي به مدد ڪرڻي پوندي.
هن پھاڪي جو مطلب اهو آهي ته؛ جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي، ان تي منھنجو حق ضرور آهي پر جيڪي ڪجهه مون وٽ آهي، ضرورت وقت مان تو کي اهو ڪداچت نه ڏيندس. ان مان ماڻھوءَ جي سوارٿي سڀاءَ جي خبر پوي ٿي. ڪن انسانن کي جڏهن ڪا شيءِ کپندي آهي ته پنھنجي مترن يا واقفڪارن وٽان وٺڻ ويندا آهن ۽ ان وقت انھن سان اهڙو ورتاءُ ڪندا آهن جو نھايت نماڻا ۽ سٻاجها لڳندا آهن. پر اتفاق سان جيڪڏهن انھن مان ڪو وري وٽن ڪنھن ڪم يا شيءِ لاءِ ايندو ته اهڙي نموني ورتاءُ ڪندا آهن جو ان منجهان سوارٿي بوءِ پئي ايندي آهي ۽ انڪاري جواب ڏيندا آهن.
مگر اسان کي اهڙو وهنوار ڪرڻ ڪين جڳائي. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته؛ ٻيا اسان کي اويل سويل ڪم اچن ته اسان کي به ان نموني جي سھڻي موٽ ڏيڻي پوندي.