64. ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لھي.
دنيا ۾ الڳ الڳ ذات جا ماڻھو آهن، ڪي برهمڻ آهن، ڪي ڀنگي ۽ چمار آهن. ڪي کتري آهن ته ڪي وري ڌنڌو ڪندڙ وئش آهن. اهي ذاتيون انسان پنھنجي سک ۽ سھنج لاءِ پيدا ڪيون آهن. مگر ايشور ذات پات نه ڄاڻي. هن جي مھر ڪنھن مٿان به ٿي سگهي ٿي. چاهي اهو ڀنگي يا چمار ڇو نه هجي.
شاهه صاحب هڪ هنڌ چيو آهي؛
“پن ٻوڙين پاتال ۾، پھڻ تارين تون.”
هن سِٽَ جو مطلب اِهو آهي ته؛ جيڪڏهن ڪنھن مٿان ايشور جي مھر جي نظر نه آهي، پن به ٻڏي وڃي ٿو. پر جنھن مٿان پرماتما جي مھر ٿئي ٿي، اهو پھڻ به تري ٿو وڃي. يعني جيڪي ودوان ۽ پنڊت آهن ۽ ظاهري ڍونگ رچي، پرڀوءَ جو نالو جپين ٿا، اهي سنسار ساگر ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. جيڪي اياڻا لڳن ٿا، گهٽ ذات وارا آهن پر، جيڪڏهن سندن من ۾ سائينءِ لاءِ سڪ آهي ته اهي به سنسار ساگر مان لنگهي وڃن ٿا. مگر اهو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن مٿانئن پرڀوءَ جي آسيس آهي. سائين ذات پات، وڏائي ۽ اهنڪار مان نه ڄاڻي. جيڪي کيس سڪ سان ڌيائين ٿا، سي ئي امر پد پائين ٿا. انسان ڪھڙو ڌنڌو ڪري ٿو يا هو ڪھڙي ذات جو آهي سو پرماتما نٿو ڏسي، پر جيڪو کيس دل سان ڌيائي ٿو، ايشور ان تي ئي راضي رهي ٿو ۽ کيس ڏات بخشي ٿو.
والميڪ چور هئو. جڏهن سندس اندر جون کڙڪيون کليون ۽ سائينءَ کي سڪ سان سڏيائين ته رشي بڻجي ويو. گوسوامي تلسيداس، موھ ۾ ڦاٿل هئو. جڏهن سندس من مان آواز اٿيو ته موھ ڇڏي، پرڀوءَ کي پڪاريائين ته امر بڻجي ويو. ڪاليداس، مھا مورک هئو. پرماتما کي ڌيائڻ سان اوچ پدوي پراپت ڪيائين. ڪبير ڪوري هئو. سائينءَ کي سڏيائين ته ڀڳت بڻجي پيو. سڌنو، ڪاسائي هئو. پرماتما کي پڪاريائين ته سندس ويجهو پھچي ويو.
مطلب هيءُ آهي ته؛ ايشور ذات پات نه سڃاڻي، جيڪو به کيس سڏي ٿو ۽ سڪ سان پڪاري ٿو، ان کي ئي هو ڏات بخشي ٿو. جيڪو شخص سچ سڃاڻي ٿو ۽ کيس ڌيائي ٿو، اهو ئي انسان، هميشه لاءِ امر بڻجي وڃي ٿو. باقي ڏات جو لاڳاپو ذات سان نه آهي، پرڀوءَ کي پڪاريو ۽ آتمڪ آنند ماڻيو.