54. جھڙا عاشق عيد ۾، تھڙا منجهه مقام.
مقام: مساڻ
هن سنسار ۾ ٻن پرڪارن جا جيو آهن. هڪڙا اهڙا آهن جن مٿان اگر دک يا مصيبت اچي ڪڙڪي ته بيحد هلاک، پريشان ۽ دکي بڻجيو وڃن. بار بار پنھنجي قسمت کي پيا پٽيندا رهندا ۽ قدرت کي مڙس ٿي منھن ڏيڻ بدران ويڻ ڪڍندا ۽ خوف پٽيندا، پنھنجو جيئڻ ئي جنجال پيا ڀانئيندا. دک جي بوجھ سببان، سندن سمجهه اهڙي ته تنگ ۽ محدود ٿي ويندي آهي جو هر وقت کين دک ئي دک پيو سجهندو آهي.
ليڪن ٻئي قسم جا جيو اڻھن کان بلڪل علحدا ۽ نرالي سڀاءُ جا ٿيندا آهن. مٿانئن ڪيڏي مھل به اچي، مصيبت جا پھاڙ ڪيرائي ته به گهٻرائيندا ڪونھن. ويتر؛
“پريان سندي پار جي مڙيو ئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.”
هو دک ۽ سک کي، ھڪ سمان ڪري سمجهندا. ائين پيا سمجهندا آهن ته؛ پرماتما جيڪو کين دک ڏنو آهي، سو اوس ئي ڪنھن نه ڪنھن ڀلائيءَ لاءِ هوندو. اهڙا انسان، هميشه بھار بھار ٿيندا آهن. هو ٻارھو ئي پرماتما ڏانھن مائل رهندا آهن. سندن نظرن ۾ دک کي ڪا خاص اهميت ڪا نه آهي. سدائين پيا مرڪندا آھن ۽ خوش گذاريندا آهن. کين دک ۾ به سک جهلڪا ڏيندو نظر ايندو آهي. سدائين پرماتما جي ڪيئي ۽ رب جي رضا تي راضي رهندا آهن. ڪڏهن به سندن دل مان، دردي دانھن ۽ شڪايت نه نڪرندي آهي. ويتر پيا دکن کي دعوت ڏيندا آھن. کين سوريءَ ۽ سيج ۾، گلن ۽ ڪنڊن ۾، آهه ۽ مرڪڻ ۾، غم ۽ خوشيءَ ۾، رات ۽ ڏينھن ۾، ڪو فرق نظر نه ايندو آهي. کين خلق ۾ خدا ۽ خدا ۾ خلق، ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سندن دل، ايتري ته وشال ۽ ساگر جيان گھري هوندي آهي جو وير ۽ حسد ان ۾ سمائجي نه سگهندا آهن. سدائين سڀ جي ڀلي ۾ ھوندا آھن. کين دک ۽ ڪشٽ، پيڙا ۽ تـڙڦ مان اهڙي ته لذت ايندي آهي جو سکن ۽ سھنجن کي چاهيندا به نه آهي. اهنجن ۽ تڪليفن مان ڪڏهن به وِرچندا ڪو نه آهن. دک جي دانھن ڪرڻ، سندن سڀاءَ ۾ ئي نه آهي. سدائين گلن جيان ٽڙندڙ ۽ ستارن جيان چمڪندڙ هوندا آهن. چانڊوڪيءَ وانگر سيتل ۽ جل جيان اوجل هوندا آهن.
حاصل مطلب: سالڪ انسان، دک ۽ سک کي برابر سمجهن ٿا. کين ڪنھن به دنيوي دک بابت ڪا شڪايت نه هوندي آهي. سدائين بھار، سدائين خوش. انھن سالڪ انسانن کي، دک ۾ به عجيب قسم جو آنند پيو ايندو آهي.
مثال: ميران ٻائي، ڀڳوان سري ڪرشڻ جي ڀڳتياڻي هئي. ڏيرس جڏهن زهر جو پيالو پيئڻ لاءِ موڪليس ته ان کي امرت ڄاڻي، ڪرشن جي نالي تي پي ويئي.